هن ملڪ ۾ اهڙا ڪم ٿي رهيا آهن، جن کي ٻڌي ۽ ڏسي يقين نٿو اچي، اهي جيڪي جوش خطابت ۾ خبر ناهي، ڇا ڇا چئي وڃن ٿا، انهن کي ڏسي اهو مشهور لطيفو ياد آيو، جيڪو انتهائي پرامن جانور گڏهه جي باري ۾ ٻڌايو ويندو آهي. اسان وٽ ته سياست ڪندڙ، پاڻ کي انتهائي معتبر ۽ اڪابر سمجهندڙ جيڪي وارتائون ڪن ٿا، اهي حيرت ۾ وجهندڙ آهن.
هينئر ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي، ان جو الزام جنهن به ڌر تي هنيو وڃي، پر اهم ڳالهه اها آهي ته صورتحال ايتري خراب آهي، جو ان کي رات پيٽ ۾ درست ڪري نٿو سگهجي،موجوده حڪمران به ان پوزيشن ۾ ناهن ته اهي صورتحال کي سنڀالي سگهن يا عوام کي ڪو رليف ڏئي سگهن. معاملو ايترو خراب ۽ الجهليل آهي، جنهن کي سلجهائڻ ۾ سال لڳندا. هن بيوسي واري صورتحال ۾ موجوده حڪمران به عالمي مالياتي فنڊ جي اڳيان ليٽيل آهن، ائين جيئن عمران خان ليٽيل هو. هينئر جن رليف پيڪيج جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، يا هڪ اڌ پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهو عمل ته سٺو آهي، پر معمولي نوعيت جو آهي. جنهن رفتار سان مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيو آهي، ان ۾ غريبن يا اهي جن جي پگهار چاليهه هزار رپين کان گهٽ آهي، انهن کي به ڪو خاص فائدو ٿيڻ وارو ناهي. هن نوعيت جا پيڪيجز جوڳي رقم تي ٻڌل هجڻ گهرجن ۽ ائين جيئن سڌريل ملڪن ۾ بيروزگاري الائونس کان وٺي ٻيون رعايتون ڏنيون وينديون آهن. هي تصور رڳو فلاحي رياست جو ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ اهڙي رياست جو فقط خواب ئي ڏسي سگهجي ٿو.
هينئر سياسي فرنٽ انتهائي گرم آهي. عمران خان، جنهن جي پرتشدد مارچ کي ميڊيا جا حلقا ناڪام قرار ڏين ٿا، ان مارچ جي سرپرستي هڪ اڌ ادارن به ڪئي پر انهن جي خواهشن جي ابتڙ نتيجا آيا. هاڻ شايد اهي به اهڙن احتجاجن جي ويجهو نه ايندا. ان تي ٻه رايا ناهن ته احتجاج ڪرڻ شهرين جي بنيادي حقن ۾ شامل آهي. پر سياسي اڳواڻ اڻ گهڙيل ڪاٺ هجن ۽ انهن کي احتجاج جو آرٽ ئي نه اچي ته پوءِ ان حق جو ڪيترو استعمال ڪري سگهجي ٿو، ان تي سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. بنيادي حق ڪنهن هڪ پارٽي، فرد يا ڌر جا نه هوندا پر سمورن شهرين جا آهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪو به عمل ڪيو وڃي،ان ۾ ٻين جي حقن جو خيال رکڻ به ضروري آهي. اسان وٽ سياسي پارٽين، پنهنجن ڪارڪنن جي تربيت ئي نه ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن معاملي تي اختلاف آهن ته ان کي ڪيئن عوام تائين پهچائي سگهجي ٿو، ان سان گڏ شهرين جي پنهنجن ئي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ يا پبلڪ پراپرٽيءَ کي ساڙي رک ڪرڻ ته بنيادي حق ناهي. اسان جي ملڪ جو آئين به آمريڪا جهڙو ناهي، جنهن ۾ بغاوت جو حق حاصل هجي ۽ رياست شهرين کي ان حق کان محروم ڪري نٿي سگهي. اسان کي ڏيڍ وال جي جهنڊي ساڙڻ تي ست سال سزا ملي ٿي، اهڙي ملڪ ۾ رياست کان وٺي عام ماڻهوءَ تائين مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟
ميڊيا ۽ ٻيا حلقا چئي رهيا آهن ته عمران خان جو مارچ توڙي ڌرڻو پروگرام ناڪام ويا. هن کي جيڪا اميد هئي ته لکين ماڻهو، گهٽ ۾ گهٽ ويهه لک ماڻهو رستن تي نڪري ايندا واري يوٽوپيا ته ساڀيان نه ٿي. پر ڪجهه هزار ماڻهو شهرن ۾ نڪتا ۽ انهن جي اڳواڻي ڪرڻ واري ليڊرشپ هڪ طرف غائب هئي ته پارٽيءَ جا چونڊيل نمائندا به گهرن کان ٻاهر نه نڪتا. هاڻ عمران خان چئي ٿو ته هو انهن سڀني جي خلاف ڪارروائي ڪندو، جن سندس ساٿ نه ڏنو، پر کيس وري وري چيو پيو وڃي ته هو ماٺ ڪري ويهي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته جيتري کيس حمايت حاصل آهي، ان کان به نه محروم ٿي وڃي. ٻئي طرف وري هو مستقبل قريب ۾ نئين لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جون تياريون ڪري رهيو آهي. هو چاهي ٿو ته کيس چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏني وڃي، ٻئي طرف موجوده اتحادي حڪومت ته واضح طور تي چئي ڇڏيو آهي ته اها رهيل مينڊيٽ مڪمل ڪندي، انڪري عمران خان جي ڳالهه کي ڪو ٻڌڻ وارو به ناهي. پي ٽي آءِ جي قيادت هينئر به حڪومت جي قانون سازي ۽ ٻين معاملن کي عدالتن ۾ کڻي وڃڻ چاهي ٿي، هي ساڳيون عدالتون آهن،جن وٽ لکين ڪيس التوا ۾ پيا آهن ۽ اهي وري سياسي معاملن ۾ پاڻ کي الجهائي رهيون آهن.
هينئر عمران خان ۽ موجوده اتحادي حڪومت ۾ ڪا ٽياڪڙي ٿئي يا وري طاقتور ڌريون مداخلت ڪن، ان جا به ڪي امڪان نظر نٿا اچن. ڳالهين لاءِ ڪنهن اڻ ڌرئي شخصيت جو هجڻ لازمي آهي، يا وري اسٽيبلشمنٽ اڳڀري ٿي سگهي ٿي. اهي ٻئي ڌريون، عمران خان جي ڳالهين تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. عمران خان به انهن کي پنهنجو دشمن سمجهي ٿو. واڳ ڌڻين ۽ عمران خان ۾ ساڍن ٽن سالن جو لو افيئر به ناڪام ٿيو. آخرڪار اسٽيبلشمينٽ هٿ ٻڌي عمران خان مان جان آجي ڪرائي. اسٽيبلشمينٽ توڙي عمران خان جنهن سياسي قيادت کان شديد نفرت جو اظهار ڪندا رهيا، واڳ ڌڻين کي انهن ڏانهن ئي وڃڻو پيو. جنهن وقت اسٽيبلشمينٽ سيڪنڊ ٿاٽ کي سامهون آندو ۽ هي تاثر ڏنو ويو ته شايد موجوده حڪمرانن مان به جان آجي ڪرائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن ته موجوده اتحادي حڪومت خاموشي سان پڙ ڪڍي بيهي رهي ۽ واضح ڪيو ته اها اهڙي صورتحال ۾ ڪم نه ڪندي. هاڻ هڪ طرف عمران خان آهي ته ٻئي پاسي وري اتحادي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ آهن. عمران خان لاءِ ڪابه گنجائش نظر نه اچي رهي آهي، ڪي ته چون ٿا ته جيئن عمران خان سان اسٽيبلشمينٽ وعدو ڪيو هو ته کيس ٻه ڀيرا پنج پنج سال حڪومت ڪرڻ اجازت هوندي، ساڳيو ڳالهيون هينئر به ٿي رهيون آهن. پي ٽي آءِ جا اڳواڻ به ميڊيا ۾ چئي رهيا آهن ته ڇا اسٽيبلشمينٽ جن ستر سالن تائين ملڪ جو جنازو ڪڍيو، انهن کي ايندڙ چاليهن سالن تائين اقتدار جي ايوانن ۾ رهڻ ڏيندي؟ اها ڳالهه ته پي ٽي آءِ جي قيادت کي اڳ سوچڻ گهرجي ها ته انهن کي اقتدار ته مليو، پر حڪمراني ڪرڻ نه آئي. انهن اسٽيبلشمينٽ جي آسري تي سموري سياسي قيادت کي نشانو بنايو، ان جي باوجود ڪجهه مهينا يا سال جيل گهارڻ کانسواءِ هنن تي ڪي به الزام ثابت نه ٿيا. هاڻ پي ٽي آءِ جي قيادت اڪيلي بيٺل آهي ۽ اتحادي جيڪي عمران خان کي ڪابينه ۾ مليل هئا، انهن مان ڪوبه زمين تي نظر نه اچي رهيو آهي.
عمران خان جيڪو اڳ ئي گهايل آهي ۽ اقتدار وڃڻ جي ڪري نڍال آهي، هن جا شايد سمورا حواس به ڪم نه ڪري رهيا آهن ۽ هو Frustration جي انتها تي آهي، اهو جيڪي تڙ تڪڙ ۾ فيصلا ڪري رهيو آهي، انهن ۾ ابهام آهي. هن کي اڳ مراقبو ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي حڪمت عمليءَ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. هن هينئر تائين جيڪي غلطيون ڪيون آهن، انهن تي ويچارڻ گهرجي ۽ ان کانپوءِ سموريون توانائيون گڏ ڪري نين چونڊن جي تياري ڪرڻ گهرجي.
اهڙي صورتحال ۾ جڏهن صورتحال کي ٺاپر واري بنائڻ لاءِ ڪو به گس نظر نٿو اچي، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان کي وڌيڪ ڊي مورالائيز ڪرڻ لاءِ کيس آئينو ڏيکاريو پيو وڃي. تازوئي هڪ آڊيو ٽيپ به ان جو هڪ مثال آهي. ليڪ آڊيو ٽيپ ۾ آصف زرداري جو هڪ جملو به مڪمل ناهي، پر هن عمران خان کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. هن نوعيت جون ٽيپس نه فقط اسان وٽ پر سموري دنيا ۾ سامهون اينديون رهيون آهن. هي آڊيو ٽيپس ئي هيون، جن محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداريءَ کي سزا کان بچايو هو. انهن جي بنياد تي آمريڪا جي هڪ صدر کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي هئي. هي ٽيپ جيڪا ميڊيا ۾ پهتل آهي، ان جو چوٻول اڳ ئي هو، پر هاڻ ثبوت سامهون آيا آهن. جيڪڏهن عمران خان اڳ سوچي وٺي ها ته ملڪ جي وڏين پارٽين مان ڪنهن هڪ جي قيادت سان ڳالهائڻو آهي ته هو اهڙو رستو نه وٺي ها. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اتحادي سمورا بندوبست مڪمل ڪري چڪا ۽ واڳ ڌڻي به انهن جي پٺيان هئا، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان يوٽرن ورتو ۽ ان شخص جنهن کي هو وڏي بيماري قرار ڏيندو هو، ان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ان آڊيو ٽيپ، نه فقط عمران خان کي اعتبار جوڳو اڳواڻ نه ڇڏيو آهي، پر پنهنجي حڪمراني بچائڻ لاءِ هو ڪيتري هيٺئين سطح تي وڃي سگهي ٿو، اهو به ظاهر ٿيو آهي. هن ٽيپ عمران خان کي سياسي طور تي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، جنهن جو ڪوبه ازالو ٿي نٿو سگهي. هي انهن سمورن سياسي اڳواڻن لاءِ مثال ۽ نمونو به آهي، جيڪي پنهنجي ذات کي عقل ڪل سمجهن ٿا.