ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان ۾ ڌرڻي واري سياست جا اثر

Editorial-Article-Abdul Basit Khan

تازو ئي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان پشاور مان پنهنجو لانگ مارچ ڪڍي اسلام آيو، اميدن جي ابتڙ هن پنهنجو ڌرڻو ملتوي ڪري ڇڏيو.
ڌرڻو ملتوي ڪندي هن موجب هاڻوڪي حڪومت وقت کان اڳ چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري لانگ مارچ جي ڌمڪي به ڏني. جڏهن ته هي پهريون ۽ آخري موقعو ناهي، جو ڪنهن سياسي پارٽي پنهنجا مطالبا نه مڃڻ تي اسلام آباد جو گهيرو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
پاڪستان 2013ع کان لانگ مارچ جي سياست جي وڪڙ ۾ آهي، جنهن جو نتيجو ملڪ جي سياسي نظام کي عدم استحڪام، حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ، روزاني جي زندگيءَ ۾ خلل ۽ معاشي نقصانن کي منهن ڏيڻ آهي. گذريل سالن ۾ ڌرڻي واري سياست جي ڪلچر پنهنجون پاڙون مضبوط ڪيون آهن. هن ڪلچر آهر جيتري وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ جيتري ڊگهي عرصي تائين انهن کي رستن ۽ چوڪن تي رکيو وڃي، ايترو ئي پنهنجا مطالبا مڃائڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن.
جيتوڻيڪ پرامن احتجاج، ڌرڻو ۽ لانگ مارچ سياسي ڪارڪنن جو بنيادي حق آهن پر پاڪستان ۾ انهن حرڪتن جو معيار مختلف آهي. ڌرڻي وارو سياسي ڪلچر پاڪستان جي سياسي نظام جي غيرفعال نوعيت جي نمائندي ڪري ٿو، جتي مختلف سياسي اسٽيڪ هولڊرز، پنهنجي شرڪت باوجود نظام تي مڪمل اعتماد نٿا ڪن.
ڌرڻو بنيادي طور نظام ۾ خلل وجهڻ واري سياست جي هڪ شڪل آهي، جنهن ۾ سياسي ڪارڪن پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ پنهنجي اسٽريٽ پاور ۽ اشتعال انگيز حربا استعمال ڪندا آهن.
پي ٽي آءِ پاران مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ وري ڌرڻن لاءِ اسلام آباد اچڻ جي ڌمڪي هاڻوڪي حڪومت لاءِ ڏکيائيون برقرار رکيون آهن، جڏهن ته حڪومت کي ٻئي پاسي سخت معاشي مسئلن کي به منهن ڏيڻو پيو پوي.
2013ع ۾ ڊاڪٽر طاهر القادريءَ جي پاڪستان عوامي تحريڪ ڌرڻي واري سياست جو لاڙو ان وقت شروع ڪيو هو، جڏهن هو عام چونڊن کان اڳ ۾ “سياست نه رياست” جو نعرو هڻندي هڪ وڏو ميڙ اسلام آباد وٺي آيو هو.
طاهر القادري اسلام آباد جي بليو ايريا ۾ ڌرڻو هڻي ڪرپشن واري نظام کي پاڪ ڪرڻ لاءِ چونڊوُن ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، جيتوڻيڪ هن جو بنيادي مطالبو پورو نه ٿيو پر هن ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت کي پاڻ سان ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ ان عمل ۾ حڪومت ڪمزور ٿي وئي.
ان کان پوءِ 2014ع ۾ عام چونڊن ۾ پنهنجي شڪست کان پوءِ پي ٽي آءِ الزام هنيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ۽ هن جو مينڊيٽ چورايو ويو آهي. عمران خان چونڊ ڌانڌليءَ جي پنهنجي الزامن جي جاچ لاءِ مطالبو ڪيو ۽ 126 ڏينهن تائين ڌرڻو هنيو.
جيتوڻيڪ هو پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ناڪام ويو پر ان ڌرڻي چين – پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي مختلف رٿائن جو افتتاح ڪرڻ لاءِ چيني صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻو پيو. اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته طاهر القادريءَ جي پاڪستان عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف سان ان علائقي ۾ ساڳئي وقت ڌرڻو هنيو هو. پي ٽي آءِ ۽ پي اي ٽي ٻنهي کي “ڌرڻو ڪزن” چيو ويو.
بهرحال نتيجن کي هڪ پاسي رکندي، عمران خان 2014ع واري ڌرڻي پاڪستان ۾ اشتعال انگيز سياست جي لاڙي کي هڪ نئين سطح تي پهچائي ڇڏيو. هن اشتعال انگيز سياست جي تشهير حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ غيرفعال نظام کي گهٽ ۾گهٽ ڪنهن مطالبي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ تيِ مجبور ڪرڻ جو سڀ کان اثرائتو طريقو پيش ڪيو.
پاناما ليڪس جي ڇپائي کان پوءِ جنهن ۾ شريف خاندان جي برطانيه ۾ آف شور ملڪيتن جو رڪارڊ شامل هو، خان هڪ ٻيو ڌرڻو هڻڻ جي ڌمڪي ڏني، پر شريفن خلاف پاناما ليڪس ڪيس جي شنوائيءَ لاءِ سپريم ڪورٽ جي مداخلت کان پوءِ هن ڌرڻو ختم ڪيو هو.
ان کان پوءِ وارن سالن ۾ پي ٽي آءِ جي نقش قدم تي هلندي تحريڪ لبيڪ پاڪستان به ڌرڻي واري سياست ۾ حصو ورتو، ٽي ايل پي پنهنجو پهريون ڌرڻو، 2017ع ۾ فيض آباد ۾ ختم نبوت بابت حلف نامي ۾ مبينه ترميم کان پوءِ هنيو هو. اهو الزام هنيو ويو ته قسم جي لفظن کي “آئون پڪو قسم کڻا ٿو” مان “آئون قسم کڻان ٿو” ۾ تبديل ڪيو ويو هو. ٽي ايل پي فيض آباد انٽر چينج تي پنهنجو ڌرڻو هنيو. جيڪو راولپنڊي اسلام آباد کي ملائيندو آهي. ٽن هفتن جي ڌرڻي سان جاڙن شهرن ۾ ڪاوهنوار ٺپ ٿي ويو هو، جنهن سان حڪومت کي ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.
ڳالهين کان اڳ ۾ مسلم ليگ (ن) حڪومت پاران ٽي ايل پي ڏرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ طاقت جي استعمال کان روڪيو ويو هو. ٽي ايل پي نه رڳو حڪومت سان ڄاڻايل چونڊ سڌارا واپس وٺڻ جي مجبور ڪيو پر ان وقت جي قانون واري وزير زاهد حامد کان استعيفيٰ به وٺي چڪي هئي. ان مذهبي سياسي پارٽي پنهنجي گرفتار ڪارڪنن کي آزادي ممڪن بڻايو ۽ پنهنجي خلاف ڪيسن کي به ختم ڪرايو.
ٽي ايل پي 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ پاران توهين رسالت جي الزام ۾ هڪ مسيح عورت آسيه بي بيءَ جي بريت کان پوءِ هڪ ڌرڻو هنيو هو. اهڙي ريت 2020ع ۾ فرانسيسي ميگزين چارلي هيبڊو پاران گستاخ خاڪا ڇپڻ کان پوءِ ٽي ايل پي هڪ ڀيرو وري روڊن تي نڪري آئي هئي.
ٽي ايل پي نومبر 2020ع ۾ پنهنجو ڌرڻو پي ٽي آءِ حڪومت پاران فرانسيسي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ ٽي ڏينهن جو وقت ڏيڻ جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان پوءِ واپس ورتو هو. ان دوران ٽي ايل پي سربراهه خادم رضوي گذاري ويو ۽ هن جي پٽ سعد رضوي پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي ورتي.
فيبروري 2021ع ۾ پي ٽي آءِ حڪومت 20 اپريل تي فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري واري فيصلي تائين پهچڻ لاءِ ٽي ايل پي سان هڪ نئون معاهدو ڪيو. ان کان پوءِ مهينن ۾ حڪومت ٽي ايل پي جي نئين اڳواڻ سعد رضويءَ کي گرفتار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻيو ڌرڻو سندس آزاديءَ لاءِ هنيو ويو ۽ گروپ خلاف سڀئي ڪيس واپس ورتا ويا.
انهن سڀني حالتن جي ڪري يورپي يونين ۾ پاڪستان جي حوالي سان ڳڻتي پيدا ٿي وئي جيڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏي واپاري ڀائيوار آهي ۽ خاص طور تي پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي خطرا ٿي ويا.
پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران مولانا فضل الرحمان ۽ پيپلز پارٽي ترتيبوار ڌرڻو ۽ لانگ مارچ به ڪيو. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته پارليامينٽ ۾ عدم اعتماد جي ووٽ جي ڪري حڪومت بي دخليءَ کان پوءِ پي ٽي آءِ پنهنجو ڌرڻو ۽ اشتعال انگيز سياست کي وري شروع ڪرڻ لاءِ روڊن تي وري آئي آهي.
ڌرڻي واري سياست نه رڳو روزاني جي زندگيءَ کي تباهه ڪيو، حڪومتن کي ڪمزور ڪيو پر پاڪستان سماج ۾ به ورڇ پيدا ڪئي آهي، جيتوڻيڪ پرامن احتجاج ۽ ڌرڻو هڪ فعال جمهوريت جو حصو آهن، پر پاڪستان جي سياسي قيات کي ڌرڻن کي منظم ڪرڻ واري متفقه فريم ورڪ تي متفق ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهي پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن کي پنهنجن ئي ماڻهن خلاف نه ڪن ۽ گڏوگڏ سرڪاري، نجي ادارن ۽ ملڪيتن کي نقصان ۽ ٽوڙ ڦوڙ کان تحفظ فراهم ڪن.
**
ليکڪ ايس راجارتنم اسڪول آف انٽرنيشنل اسٽڊيز سنگاپور ۾ محقق آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button