ٽين دنيا جي مختلف سماجن ۾ جيڪي رويا جڙيا يا جڙندا آھن، انھن جو پنڌ ڊگھو ۽ اڻانگو ھوندو آھي جنھن کي مٿاڇري نظر سان تھ ھر ڪو ڏسندو آھي پر ان جو علاج ڇاڪاڻ تھ ڊگھو ۽ انتھائي پيچيده آھي، ان ڪري آسانيءَ سان ٿي نھ سگھندو آھي بلڪھ اھي سماج ھڪ ڌٻڻ مان نڪري ٻي سماجي ڌٻڻ ۾ ڦاسندا ويندا آھن، نتيجي طور نھ سماج صحتمند رھندو آھي نھ سماجي رويا صحتمند ٿي اسرندا آھن. سڀ کان وڏي الميو تھ اھو ھوندو آھي تھ سماجي کوج يعني تحقيق يا تشخيص ئي اڻ پوري ھوندي آھي تھ علاج ٿيڻ بھ ناممڪن ھوندو آھي. سماجي روين يا ويليوز جي ابتڙ جيڪي جسماني بيماريون ھونديون آھن يا ظاھري شڪليون نظر اينديون آھن، انھن جي علاج جا وڏا وڏا ادارا معالج پيدا ڪري درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن جنھن ۾ ميڊيڪل جي فيلڊ يا انجنيئرنگ جا شعبا ڪجھه مثال ٿي سگھن ٿا پر سماجي سائنسدانن جي کوٽ ۽ سماجي سائنس ذريعي مجموعي سماج جو علاج ڳولڻ ڄڻ ٽين دنيا جي علم يا تعليم يا ثقافتي ادب جو ڪو واسطو ئي ڪونھي، اھي واندن ماڻھن جو مشغلو بڻائي ڌڪاريو ويو آھي. جيستائين غلام ذھنيت جو تعلق آھي تھ اھو بھ سماجي سائنس يا سماجي روين جو مسئلو آھي جھڙوڪ چيو ويندو آھي تھ غلامي جھڙي ٻي ڪا گار ناھي پر اھا گار ماڻھن کي اصل لڳندي ئي ڪونھي ھر ماڻھو سمجھندو آھي تھ اھا گار منھنجي لاءِ ناھي پر سماج جي ٻين سڀني فردن لاءِ ھوندي آھي. اھا گار تخليق ڪندڙ فيڪٽريءَ جو نالو آھي سياست ڇاڪاڻ تھ معاشي، انتظامي، سماجي، انساني ۽ تعليمي طرح سڀني شعبن جي واڳ سنڀاليندڙ شعبو آھي، ان ڪري اھو سدائين اھڙي طبقي جي حوالي ھوندو آھي جنھن طبقي وٽ عام ماڻھن جي سماج ۽ سماجي روين جي علاج جي اولين ترجيح نالي ڪا شيءِ ئي ناھي.
بيٺڪيت واري دور جو غور سان جائزو وٺجي تھ ان دور ۾ حاڪمن ماڻھن جي سماجي نفسيات جو مطالعو ڪيو ۽ ماڻھن جون ذھني ڪمزوريون جانچيون ۽ انھن ڪمزورين جا ڪالونائيزر وقتي طور علاج يا متبادل ڏنا جيڪي ڊگھي عرصي لاءِ ماڻھن جي غلاميءَ جو سبب بڻيا. جھڙوڪ ھڪ ننڍڙو مثال قرض ڏيڻ يا امداد ڏيڻ جي صورت ۾ وٺي سگھجي ٿو. امداد يا پئسي يا جامد صورت ۾ ڪا شيءِ مفت ۾ ملي ٿي تھ اھا شيءِ ڪيڏي وڻندڙ ۽ پياري لڳندي آھي ۽ وقتي طور مشڪل لمحي مان ماڻھو نڪري ايندو آھي پر ان جا ڊگھي عرصي وارا نقصان تمام گھڻا ۽ ناقابل تلافي ھوندا آھن. انھن نقصانن ۾ سڀ کان وڏو نقصان انسان جو ذھني طور مفلوج ٿي اڃا وڌيڪ امداد يا قرض جو ڳولائو ٿيڻ آھي ۽ پوءِ پنھنجن ضرورتن کي انھن قرضن يا امداد سان سلھاڙي نڪمو ٿي ويھڻ آھي ۽ ٽيون اھم نقصان عزت نفس يا خودداريءَ جو سمجھوتو ڪرڻ ھوندو آھي. انسان ھڪ ڀيري پنھنجي عزت نفس يا خودداريءَ جو سمجھوتو ڪري ڊپينڊنٽ ٿي ويھي ٿو تھ پوءِ سموري زندگي انھي عمل تي پشيمان ٿيڻ بدران ان جي جسٽيفڪيشن ۾ لڳي ويندو آھي ۽ پاڻ سان گڏ پاڻ جھڙن ڪيترن ئي فردن کي پاڻ سان سلھاڙي پوءِ ان جواز کي ھر طرح جائز بڻائي سموري سماج کي غلامي ۽ پسماندگيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيندو آھي.
ڪالونائيزرس جڏھن سموري دنيا ۾ ويا تھ انھن اورينٽل مطالعو Oriental Studies ڪيو ۽ ڏٺو تھ ٽين دنيا جا سماج جيڪي وسائل ۾ تھ مالا مال آھن پر ذھني طرح اپاھج آھن، کين پنھنجي تخليقي صلاحيتون ڀروسو نھ آھي. اھي تحرڪ نٿا وٺي سگھن، اھي شين جو بھتر استعمال نٿا ڪري سگھن يا ڪرڻ نٿا چاھين، اھي پنھنجي ڪمفرٽ زونز ۾ ڦاٿل آھن. انھن جو بھ اھم سبب انھن جي وسيع علمي سطح جي محرومي ھئي. اھي علمن ۽ ادب کان پري ھئا، تحقيق يا کوجنا کان پري ھئا. عقيدن يا وھم وسوسن ۾ ڦاٿل ھئا. نيشنل جاگرافيءَ جي ويب سائيٽ مطابق قديم زماني کان قديم يوناني، قديم روم، قديم مصر ۽ فونيشيا جھڙيون طاقتون پھرين ڪالونائيزر بڻيون، جيڪي طاقتون پنھنجي حڪمرانيءَ کي وسيع ڪرڻ ۽ پنھنجن رياستن کي ڦھلائڻ جي ڪري وڃي ڪمزور رياستن ۽ مقامي ماڻھن تي قابض ٿيون ۽ انھن جا وسيلا ڦري لٽي پنھنجي سلطنت ۽ شھنشاھيت کي ڦھلائڻ لڳيون. اھي ڪالونيون 1500 بي سيءَ کان شروع ٿيون. ان کان پوءِ جديد ڪالونيون 1500 عيسوي کان لڳ ڀڳ شروع ٿيون جنھن جي شروعات پورچوگيزن ڪئي، جيڪي واپار جا رستا ڳولڻ جي کوجنا ۾ نڪتا. اھو کوجنائن جو دور ھو جنھن ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۽ طاقتن مختلف واپار جا رستا ڳولڻ سان گڏ ڪمزور رياستن يا حڪومتن کي پئي ڏٺو تھ ساڳئي وقت وسيلن جي کوجنا پڻ ڪئي. اڳتي ھلي اسپين بھ انھي کوجنا جي رستي تي نڪري پيو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قومون بھ انھي عمل ۾ شامل ٿي ويون. ان کان انگريز، فرينچ ۽ ٻيا ڪالونائيزر ڏسندي ڏسندي آفريڪا، ايشيا، ڏکڻ امريڪا ۽ ٻين ڪمزورن خطن جي رياستن تي حاوي ٿي ويا.
ڪالونائيزرس جا جيڪي اھم دليل ھئا، اھي ھي ھئا تھ انھن وٽ قانوني ۽ مذھبي جواز آھي تھ اھي اتي اچي انھن وحشي ۽ اڻ سڌريل ماڻھن کي سڌارين ۽ تعليم ڏين جن وٽ علم ۽ عقل نالي ڪا شيءِ ڪونھي. ٻيو اھم سبب مذھبي ھو، جتي ساڳئي مذھبن وارا سماج ھئا، اتي انھن پنھنجو مذھبي ڪارڊ استعمال ڪري ڪرسچن مشينريءَ جي نالي سان تبليغ جي شروعات ڪئي. مشينري اسڪول ۽ تعليمي ادارا کوليا ۽ مقامي ڪمزور ۽ سادن ماڻھن تي حاوي ٿي ويا. جتي ساڳئي مذھب وارا ماڻھو نھ ھئا، اتي انھن واپار ۽ مرسينٽائل جي نالي سان اچي ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ لڳا. ايئن اھي طاقتون پنھنجي طاقت کي بھ واڌائي رھيون ھيون تھ ساڳئي وقت مقامي ماڻھن ۾ احساس ڪمتري، غلامي ۽ غير تخليقي جوھر جا ٻج بھ ڇٽي رھيون ھيون تھ جيئن اھي ڪڏھن بھ پنھنجي پيرن تي نھ بيھي سگھن ۽ جيڪو کين مفت ۾ يا ٺھيو ٺڪيو ملي ٿو، ان تي قناعت ڪن ۽ خوش رھڻ جي ڪوشش ڪن. ان کان وڌيڪ انھن ڪالونائيزر طاقتن ماڻھن ۾ اختلافن کي ھوا ڏني ۽ پاڻ ۾ وڙھائڻ جھڙيون سازشون ڪيون، جن کي فقط اھو ٻڌايو ويو تھ فلاڻي وٽ ڪھڙي ڪمزوري آھي يا فلاڻو توھان سان اختلاف ڇو رکي ٿو. ان ڪري ھر ماڻھوءَ جو ڪم اھو آھي تھ ٻئي ماڻھوءَ سان دشمني پاڙي جنھن ورھايو ۽ حڪومت ڪريو Divide and Rule جھڙا قدر متعارف ڪرايا. ڪن کي مذھبي اختلاف تھ ڪن کي فرقيواريت تھ ڪن کي حسب ۽ نسل جو فرق ٻڌايو ڪن کي ڪمي ڪاسبي جا درس ڏنا تھ ڪن کي ٻڌايو تھ محنت ڪرڻ اوھان کي نھ جڳائي رڳو ويھي کائو. اھڙا انسان اوگڻ سماج ۾ پوکي بيٺڪيتي طاقتن پنھنجو ڪم ڪيو ۽ ايندڙ صدين تائين بيٺڪيت جو شڪار ٿيندڙ قومون ان مان آجو نھ ٿي سگھيون آھن.
علي اڪبر ناطق جو ناول نو لکي ڪوٺي ۽ محترمھ زبيده ميتلو جي ڪھاڻي يارم پيارم جو ڊسڪورس بھ انھي پيرايي ۾ آھي. نو لکي ڪوٺي انگريز بيٺڪيت جي بنيادن، اصولن، جسٽيفڪيشن ۽ انھي ٻج جو اظھار آھي، جيڪو اڳتي ھلي ورھاڱي جو سبب بڻيو. جڏھن تھ زبيده ميتلو جي ڪھاڻي انھي بيٺڪيتي ذھنيت جي نتيجي جو سماجي نفسياتي اظھار آھي جنھن ۾ ماڻھن وٽ نھ خودداري آھي نھ عزت نفس آھي
ھلندڙ