شوبز

سڌو موسيوالا جون آخري رسمون، لاش مان 25 گوليون نڪتيون

ڀارتي راڳي سڌو موسيوالا جي قتل بعد سندس آخري رسمون پنجاب ۾ سندس اباڻي ڳوٺ منسا ۾ ادا ڪيون ويون آهن. ميڊيا مطابق سڌو موسيوالا جي آخري رسمن کان اڳ سندس لاش جو پوسٽ مارٽم مقامي اسپتال مان ڪرايو ويو، جنهن بابت ڊاڪٽر تصديق ڪئي تھ سڌو کي 25 کان مٿي گوليون هنيون ويون، جن مان 25 گوليون جسم مان ڪڍيون ويون آهن. هوڏانهن آخري رسمن دوران سڌو جي ما ۽ سندس والد جوان پٽ جي وڇوڙي ۾ بيحال ۽ روئيندي نظر آيا آهن. ٻئي پاسي سڌو جي عاليشان زندگي پڻ سامهون آئي آهي، جنهن تحت ان وٽ مهانگين گاڏين سميت 30 ڪروڙ رپين جي ملڪيت هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button