شوبز

ڪاميا پنجابي هڪ لک رپيا هوٽل ۾ ميز تي وساري ڇڏيا

ڀارت جي مشهور ٽي وي اداڪارا ۽ ڪانگريس اڳواڻ ڪاميا پنجابي هڪ لک رپيا روڪ هوٽل ۾ ميز تي وساري ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق ڪاميابي پنجابي شهر جي مشهور فوڊ اسٽريٽ ۾ دوستن سان گڏ کاڌو کائڻ وئي ۽ پيسا وڃائي موٽي، پر خوشقسمتي سان کيس اها رقم واپس ملي وئي آهي. ڪاميا پنجابي ٻڌايو تھ، هڪ لک رپيا روڪ لفافي ۾ هئا، اهي ماني کائڻ وقت هوٽل ۾ ميز تي رکيا، جيڪي واپسي وقت وسري ويا. هن چيو تھ مون سمجهيو تھ پيسا واپس نھ ملندا، پر هوٽل مالڪ سٺو ماڻهو هو، جنهن اسان جي واپس اچڻ تي پيسا موٽائي ڏنا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button