ملڪ ۾ تعليم جي شعبي تي مشڪل سان 3 سيڪڙو خرچ ٿيندو هوندو، تعليم جهڙي اهم شعبي جي بجيٽ بنهه ٿوري رکي ويندي آهي، جڏهن ته ٻين غيرپيداواري خرچن لاءِ بنهه گهڻي بجيٽ رکي ويندي آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو اسان جو ملڪ تعليم جي ميدان ۾ گهڻو پوئتي آهي پر اسين جديد ٽيڪنالاجي ۽ ٻين جديد علمن کان ڪوهين ڏور آهيون. هن وقت به اهي ملڪ ئي اڳرا آهن، جيڪي تعليم لاءِ سٺي بجيٽ رکن ٿا ۽ تعليم جي شعبي ۾ نواڻ کي ڀليڪار ڪن ٿا. ان ڪري جو اهي ملڪ غيرپيداواري ۽ غيرضروري خرچن کي استعمال نه ڪندا آهن. تنهنڪري اهي دنيا ۾ هر پاسي ڇانيل آهن. پاڙيسري ملڪ ڀارت ۽ بنگلاديش به اسان جي ڀيٽ ۾ تعليم جي ميدان ۾ گهڻا اڳڀرا آهن. عمران خان جي حڪومت اچڻ کان پوءِ تعليم جي بجيٽ ۾ جيڪا ڪٽوتي شروع ٿي آهي، ان نه رڳو تعليم جي حاصلات کي شاگردن لاءِ مهانگو ڪري ڇڏيو آهي پر هڪ مالي بحران کي پڻ جنم ڏنو آهي. يونيورسٽين جون گرانٽون ختم ڪرڻ کان پوءِ ڪيترين ئي يونيورسٽين پنهنجون فيون وڌائي ڇڏيون آهن، اهي فيون شاگرد برداشت نٿا ڪري سگهن. تنهنڪري انهن کي تعليم پوري ڪرڻ ۾ ڪافي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. هڪ ڀيرو وري يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ 60 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
گورنمنٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد جي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻن پروفيسر طارق جلباڻي، پروفيسر ڊاڪٽر الطاف سمائر ۽ پروفيسر برڪت لغاري پنھنجي ھڪ پريس پڌرائي ۾ تازو وفاقي سرڪار پاران يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ 60 سيڪڙو ڪٽوتي واري فيصلي تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي ته يونيورسٽيون اڳ ۾ ئي سخت مالي بحران کي منھن ڏئي رھيون آھن ۽ سندن ڪيتريون ئي تعليمي رٿائون رولڙي جو شڪار آھن ۽ ھي فيصلو سندن تعليمي سرگرمين کي ويتر مفلوج ڪري ڇڏيندو. اڳواڻن وفاقي سرڪار کان گھر ڪئي ته ملڪ جي اعلى تعليم واري عمل کي سخت ھاڃو رسائيندڙ ھي فيصلو واپس وٺي، ملڪ جي سمورين يونيورسٽين جي بجيٽ سئو سيڪڙو وڌائي اعلى تعليمي ادارن کي مالي مشڪلاتن کان آجو ڪيو وڃي. اها عجيب ڳالهه آهي ته تعليم جهڙو شعبو جنهن سان ملڪي ترقي لاڳاپيل هوندي آهي، ان جي بجيٽ گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ ۾ حڪومت ڪابه هٻڪ محسوس نٿي ڪري ۽ نه ئي ان کي اهو احساس آهي ته ان سان ملڪ جي تعليمي ميدان ۾ ڪيڏو وڏو بحران ايندو. هڪ اهڙو ملڪ جتي ڪروڙين ٻار اڳ ئي اسڪولن کان ٻاهر هجن. انهن جي تعليم تائين رسائي ممڪن نه هجي اتي جيڪڏهن يونيورسٽي سطح تي بجيٽ مان ڪٽوتي ڪئي ويندي ته ڪهڙي ريت اهي بهتر تعليم پرائي سگهندا. ان کان سواءِ هي بجيٽ رڳو تعليم جي مد ۾ نه هوندي آهي بلڪه ادارن ۾ مختلف سهولتون پيدا ڪرڻ ۽ انهن سهولتن کي برقرار رکڻ لاءِ ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن شاگردن کي سهولتون نه ملنديون ته اهي بهتر ماحول ۾ تعليم نه پرائي سگهندا ۽ نه ئي انهن کي اهو آسرو هوندو ته انهن کي اڳيان هلي ڪي بهتر سهولتون ملي سگهن ٿيون.
حڪومت جو هي فيصلو هر سطح تي تعليم جي ميدان ۾ هڪ بحران کي جنم ڏيندو. جنهن سان تعليمي ادارا اها ڪارڪردگي بلڪل به ڪونه ڏيکاري سگهندا، جن جي انهن مان اميد پئي ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته هن وقت به يونيورسٽيون ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ اهي اهڙا مسئلا آهن، جن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت يونيورسٽين جي انتظاميه ۾ ناهي. ڇا شاگردن جي فين جو بار وڌائي ادارا هلائي سگهجن ٿا. ڇا انهن کان ايتري في اوڳاڙي سگهجي ٿي جو يونيورسٽيون پنهنجا سمورا مالي معاملا بهتر نموني هلائي سگهن. اهو ممڪن نٿو لڳي. ڇاڪاڻ ته تعليمي ادارن لاءِ حڪومت جي امداد ضروري هوندي آهي. جيستائين حڪومت انهن جي مدد نه ڪندي، تيستائين اهي پنهنجو ڪم بهتر نموني نٿيون ڪري سگهن.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ تعليم دشمن فيصلو آهي، جنهن جا بنهه خراب نتيجا نڪرندا، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهو فيصلو ڪنهن به ريت لاڳو نه ٿيڻ گهرجي ۽ ان کان سواءِ يونيورسٽيءَ کان هيٺئين سطح تائين تعليم جي بجيٽ وڌائي وڃي، ڪٽوتي ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. جيڪڏهن هي حڪومت به عمران خان جي ڪيل فيصلن تي سندرو ٻڌي بيٺي هوندي ته پوءِ اها ڪنهن به ريت عوامي خدمت نه چئبي. تنهنڪري تعليم جهڙي شعبي تي خاص ڌيان جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن تعليم جي ميدان ۾ اسين ٻين ملڪن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهون.