هڪڙو ناول جيڪو بيٺڪيتي دور جي سموري نفسيات ۽ سماجي صورتحال جو احاطو ڪري ٿو، اها نولکي ڪوٺي هڪڙو گهر هڪڙو بنگلو ناهي پر اها علامت آهي، انهي کڏ يا گيپ جي جيڪا ننڍي کنڊ جي غلاميءَ جو پتو ڏئي ٿي. جتي مقامي ماڻهو پنهنجي اصليت، ماهيت ۽ جوهر وڃائي چڪا هئا پر وٽن اهو عقل به شايد نه هو جو نولکي ڪوٺي جهڙي زندگي، تصور، گهر، مقاميت يا شناخت کي پنهنجائي نئين دنيا اڏين ها يا شايد حاڪمن اها صلاحيت بچائي ئي ڪانه هئي. يارم پيارم اسي کان وڌيڪ صفحن جي هڪ ڊگهي پر با معنيٰ ڪهاڻي آهي، جيڪا ريفليڪشن ۾ نو لکي ڪوٺي ۾ ڊسڪورس ٿيل صورتحال جو جهڙوڪ سلو نسريل آهي. يارم پيارم ڪهاڻيءَ جي صفحي 348 تي لکيل آهي ته
“هي ڪلام “زندگي رڃ سڄي، مان اڃايل پکي ڍنڍ پاڻي ڪٿي ڪائي ڇانو ڪريو…ايندا ڪريو” اڪثر ڳائي اداس ٿي ويندو هو “ايندا ڪريو” سنڌ جي ڪنهن مسنگ پارٽ جو ڪو ڪُر هو، جيڪو سنڌ الائي ڪهڙي جُڳ ۾ وڃائي چڪي هئي. سنڌ مان ڪير هليو ويو هو.”
اهو سنڌ جو ڪو مسنگ پارٽ نه هو پر اهو سنڌ ته ڇا سموري ننڍي کنڊ بشمول انهن سڀني بيٺڪيتي غلام بڻايل قومن ۽ رياستن جو مسنگ پارٽ هو، انهن قدر وڃايا هئا، انهن شناخت وڃائي هئي، پوءِ اهي پيرن جي پٻن تي بيهي ٻين سڌريل قومن ۽ ماڻهن کي ڏسي گگ پئي ڳاڙيندڙ رهيا، ڄڻ انهن ڪڏهن ڪجهه ڏٺوئي نه هجي. مقامي ماڻهن جي اها خودداري ڪيئن وڃائجي وئي هئي يا کسجي وئي هئي ۽ نفسيات ۾ غلامي يا ٻين جي مال تي ڳيجهو ٿي رهڻ واري حالت ڪيئن برقرار رکي وئي هئي ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا هئا انهن جو اظهار نو لکي ڪوٺيءَ ۾ انگريزن پاران مقامي ماڻهن جي تجزيي ۾ شامل آهي جڏهن ته انهن غلامي جي ڇٽيل ٻج جو نسريل سلو يارم پيارم ۾ زبيده ميتلو هيئن ٻڌائي ٿي ته “سنڌ کي ڇا کپي؟ ڇا هي ڊونر ايجنسيز جا ٻاهريان امداد سنڌ تي جيڪي هلڪا پها ٿي رکيا، سا ڇا مذاق نه هئي. سنڌ کي ڏيهين ۽ پرڏيهين ڏُهي ٻين عالمي ادارن جي جهوليءَ ۾ اهڙي بيدرديءَ سان اڇلائي ڦٽو ڪيو هو. ڇا هن بک بدحاليءَ جو شڪار مسڪينڙن جي نجات پرڏيهين جو مسئلو آهي؟….هتي جو ماڻهو خوشحاليءَ ۽ پيار جي کوٽ ۾ کپيو وڃي. اها حالت ۽ جهالت کين اهڙو ڪجهه ڪرڻ ڏيندي؟”
يقينن ڊونر ايجنسيون ڪنهن ايجنڊا تحت ئي اينديون آهن پر جيڪڏهن انهن وٽ ڪا ايجنڊا نه به هجي پوءِ به ماڻهن جو ڪنهن امداد يا سهاري تي ڊپينڊنٽ ٿي بيهڻ سڌريل سماجن جي نشاني آهي؟ ماڻهو پاڻ پنهنجا ذريعا ڇو نه تخليق ڪري جيتوڻيڪ وٽس ڪنهن به شيءِ جي ڪا کوٽ نه آهي، سواءِ خوداعتمادي، خودداري، عزت نفس، آزاد سوچ ۽ مثبت روين جي. جيڪڏهن اهي شيون اڄ اسين ڏسي رهيا آهيون ته اچو ته ڏسون اهي وسيلا اسان وٽ انگريز دور ۾ به هئا يا نه ۽ ڪيئن انگريزن انهن کي ٽريٽ پئي ڪيو. علي اڪبر ناطق نولکي ڪوٺي ۾ هڪڙي مثبت انگريز ڪردار وليم ذريعي اهي ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو جنهن کي پنهنجو ڪمشنر هيلي سمجهائي ٿو ته هندستان تي حڪمراني ڪيئن ڪجي. ناول جي صفحي 30 ۽ 31 تي هيلي وليم کي سمجهائيندي چوي ٿو ته “وليم تم ايڪ انگريز هو. يهان تمهاري حيثيت حاڪم ڪي هي. هم يهان ڪي زمين سي رومانس نهين، حڪومت ڪرني آئي هين……يهان آپ ڪا وجود ايڪ برتر سطح پي هي….
وليم حاڪم اور محڪوم مين ايڪ فاصله هوتا هي….اگر مقامي سي سو دفعه ملو تو هر بار اجنبي ڪي طرح. ڪيونڪه تمهاري قربت اسي تمهاري هيبت سي باهر ڪرديگي…..
…..هندوستان ايڪ وسيع سمندر هي جو انتهائي گهرا، تند تيز موجون سي بهرا هوا هي. حڪومت يعني هم اس ڪي سطح پر ايڪ جهاز ڪي مانند تير رهي هين، همين اپني بقا ڪي ليي هر طرف سي هوشيار اور متحرڪ رهنا هي….
…ليڪن تمهاري هيٽ ڪي چوڙائي پگڙي سي زياده هوني چاهيي اور سگار ڪا دهوان حقي سي تلخ. تم ان ڪي آنکون مين دهوان بهرتي رهو تاڪه يه صاف نه ديکهه پائين، اس ڪي بعد تمهاري عينڪ جو انهين دکهائي يه وهي ديکهين. ليڪن دهوان تمهاري اپني طرف نه آنا چاهيي..”
انگريز ٽوپلي جي ڊيگهه ۽ ويڪر پٽڪي کان وڌيڪ هجڻ جو علامتي اظهار حاڪمن جي حاڪميت جو اصولي جُز آهي. ان لاءِ انهن اهو به ڪيو ته ماڻهن کي اها عينڪ پارايائون جنهن سان مقامي ماڻهو صرف اهو ڏسي ٿي سگهيا جيڪو کين ڏيکاريو ويو ۽ ان کان ٻاهر نه نڪتا. حاڪم ۽ محڪوم جو فاصلو ئي نفسيات جو ٺهڻ ۽ نسري وڏو وڻ ٿيڻ آهي. جيتوڻيڪ هندستان هڪ سمنڊ هو پر انگريزن جو صرف هڪڙو جهاز انهي سمنڊ جي لهرن ۽ طغيانن تي حاوي رهيو ته ڇوته مقامي ماڻهو حاڪمن طرفان ڏيکاريل لقائن کان اڳتي وڌي ڏسي نٿي سگهيا. ايئن انگريزن يا حاڪمن جي سگار جو دونهون مقامي ماڻهن جي حقي جي اثر کان وڌيڪ ڪڙاڻ ۽ اثر رکندڙ هو جنهن سان مقامي ماڻهن کي پنهنجي ديسي شين جي قدر ۽ قيمت جي خبر نٿي پئجي سگهي.
نولکي ڪوٺي ۾ وليم نالي انگريز نوجوان هندستان ۾ پلي وڏو ٿي ڪميشن پاس ڪري وري هندستان ۾ اچي حاڪم ٿئي ٿو، جتي سندن ابا ڏاڏا آباد هئا جن نولکي ڪوٺي يعني تمام وڏو بنگلو ٺهرايو. اها هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي ئي پر ان سان گڏ ٻه ٻيون اهم ڪهاڻيون هلنديون آهن جنهن ۾ هڪڙي ڪهاڻي مولوي ڪرامت جي آهي جنهن جو ٽن نسلن تائين ڪردارن ڳيجهو، مال جو بکيو، نظريو وڪڻندڙ ۽ عزت نفس يا خودداري نالي ڪنهن به شيءِ کان ڪوهين ڏور ۽ وانجهو هوندو آهي. جڏهن ته ٽين اهم ڪهاڻي شير حيدر جي پٽ غلام حيدر جي آهي جيڪو مقامي وڏيري هجڻ ڪري سِکن ۽ ٻين علائقي جي نوابن سان جهيڙن جهڳڙن جي ور چڙهيل آهي. اهي ڪهاڻيون سموري بيٺڪي سماج جو آئينو آهن ته مقامي ماڻهو ڇو خوددار نه آهن، منجهن ڪهڙين خامين جي کوٽ آهي، انا پرستي ۽ مال جي غلامي منجهن ڪهڙا بدبودار ٻج پئي ڇٽيا جن کي هيٺين سطح تائين منتقلي ٿيندي سمورو سماج ئي غلاميءَ جي نفسيات ۾ ويڙهجي ويو. اهو سمورو لقاءُ جڏهن پنهنجا پيرا پختا ڪيا ته اهي زبيده ميتلو جي ڪهاڻي يارم پيارم ۾ اچي اظهاريا ويا، جتي يورپي ڊونر ايجنسيون 2010ع وار مها ٻوڏ دوران اچي ڪيمپون قائم ڪري ويٺيون ته مقامي ماڻهو انهن فنڊن ۽ امداد کي وقتي سهارو بڻائي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو سعيو ڪرڻ بدران انهي صورتحال مان ملندڙ کاڌي کي پنهنجو اصولي منزل سمجهي ڳيجهو ٿي رهجي ويندا آهن. نولکي ڪوٺي جي ڪردارن مولوي ڪرامت، مولانا فضل الدين جي ڀيٽ يار محمد يعني يارل سان ڪجي ته نفسيات بنيادي طرح ساڳيو ۽ موقعي پرستي وارو جڙندو آهي جڏهن ته جنس جي فرق هوندي به يارم پيارم جي پروين ۽ نولکي ڪوٺي جي ڪردار غلام حيدر جو شناخت ملندڙ جلندڙ آهي. هڪڙن تي بيٺڪيتي نظام يا فرسوده سوچ قيامت جيان ڪڙڪي آهي ته ٻين لاءِ بيٺڪيتي نظام جهڙوڪ موقعي مان ذاتي فائدو وٺي اندر جي اڃ اجهائي ضميرن جو سودو ڪرڻ جو نالو آهي.
(هلندڙ)