ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غيرجنسيت- I

Editorial-Article- Karim Channa

لڳ ڀڳ سڀ ماڻهو اهو سوچيندا رهيا آهن ته هر شخص ڪنهن ٻئي شخص ڏانهن جنسي طور موهيل آهي. پر حقيقت ۾ ڪجھه ماڻهن کي جنسي ڇڪ هرگز به اثر نه ٿي ڪري. اهو ان ڪري جو اهڙن ماڻهن کي عام طور تي جنسي عمل ۾ ڪا به دلچسپي نه هوندي آهي، پوءِ کڻي اهي ڪنهن سان به اهڙو عمل ڪن. اتان ئي “غيرجنسيت” جو نظريو پيدا ٿيو آهي.
غيرجنسيت هڪ اهڙو جنسي لاڙو آهي جنهن دوران ڪو ماڻهو ‘بلڪل به نه’ يا ‘تمام ٿوري’ جنسي ڇڪ يا خواهش محسوس ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هي اصطلاح ڪجھه وسيع معنيٰ رکندڙ آهي ۽ اهو مختلف فردن سان مختلف معنيٰ ۾ لاڳو ٿئي ٿو. (اهڙن فردن سان جيڪي غيرجنسيت جي مختلف طريقن سان سڃاڻپ ڪرائين ٿا). ڪجهھ ماڻهن لاءِ اها عام طور تي جنسي خواهش جي گهٽتائي واري ڳالھه هوندي آهي، جڏهن ته ٻين لاءِ اها ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ خواهش نه رکڻ جي ڳالهھ هوندي آهي.
عام طور تي غيرجنسي هجڻ مان مراد اها ورتي وڃي ٿي ته ڪو ماڻهو جنسي خواهش يا ڇڪ/ڪشش کي ڪيئن ڀانئي ٿو. ان جو مطلب ڪنهن به فرد جي جنسي لاڙي بابت نه هوندو آهي. ڪي غيرجنسي ماڻهو جنسي عمل دوران پاڻ کي غيرجانبدار سمجهن ٿا. جڏهن ته ٻيا وري جنسي عمل جي خيال کان ئي عملي طور پري هوندا آهن. ڪي غيرجنسي ماڻهو جنسي عمل ۾ حصو وٺن ٿا ۽ ان مان لطف به ماڻين ٿا پر انهن کي ان بابت ڪا خواهش نه ٿي ٿئي.
غير جنسيت ٻين فردن ڏانهن گهٽ جنسي ڇڪ/ڪشش، يا گهٽ دلچسپي يا بلڪل به نه هئڻ واري خواهش جو نالو آهي. غيرجنسيت کي جنسي لاڙو ۽ سائنسي تحقيق جي شعبي طور قبول ڪرڻ بلڪل ئي جديد سوچ آهي. سماجي ۽ نفسياتي بنيادن تي غيرجنسيت تي تحقيق ڪرڻ جون ڪوششون وڌي رهيون آهن. ڪجهھ محقق غيرجنسيت کي جنسي لاڙو قرار ڏين ٿا، جڏهن ته ڪجهھ وري ان ڳالھه سان سهمت نه ٿا ٿين. غيرجنسي فرد سموري دنيا جي آباديءَ جو هڪ سيڪڙو تائين هجڻ جو اندازو ڪيو وڃي ٿو.
گذريل صديءَ جي پوئين پنجن سالن کان انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي اثر وڌڻ سبب مختلف غيرجنسي تنظيمون جڙڻ شروع ٿي ويون آهن، انهن ۾ سڀ کان مشهور ۽ اثرائتي تنظيم Various Asexual Visibility and Education Network آهي، جيڪا ڊيوڊ جي David Jay پاران 2001ع ۾ جوڙي وئي هئي.
غير جنسي اهڃاڻ:
غيرجنسيت ان اهڃاڻ تي وجود رکي ٿي جيڪو “جنسي عمل لاءِ ڪا به دلچسپي يا خواهش نه هئڻ” کان ويندي “شايد ڪجھه خاص موقعن تي جنسي عمل ڪرڻ” تائين پکڙيل هوندو آهي. ڪي ماڻهو اهو چوندي وڌيڪ سڪون محسوس ڪري سگهن ٿا ته اهي غيرجنسي اهڃاڻ ۾ آهن، بنسبت ان جي ته اهي پاڻ کي غيرجنسي طبقي ۾ شمار ڪن، ان ريت جنسيت پنهنجي سڃاڻپ جي مختلف طبقن ۾ وڪڙ هڻندي محسوس ٿئي ٿي.
غيرجنسي فرد هجڻ جون نشانيون:
اهو سمجهڻ گهرجي ته غيرجنسيت مختلف ماڻهن لاءِ مختلف شيون ٿي سگهن ٿيون ۽ اهي سڀ شيون سڀني غيرجنسي ماڻهن تي لاڳو نه ٿيون ٿي سگهن. مطلب ته مختلف غيرجنسي ماڻهن تي مختلف شرطون ۽ حالتون لاڳو ٿين ٿيون.

  1. ڪو فرد جنسي عمل ۾ دلچسپي نه ٿو وٺي. هو شايد ڪڏهن به جنسي عمل ۾ گهڻي دلچسپي وٺندڙ نه رهيو آهي، يا وري هن ڪنهن سان جذباتي لڳاءُ رکڻ جي ڪوشش ڪئي هجي پر جذباتي اڀار محسوس نه ڪيو هجي.
  2. ٻيا ماڻهو اهڙي فرد کي مست نه ٿا ڪن، يعني هن جا جنسي جذبا نه ٿا اڀارين. ڪجهھ غيرجنسي ماڻهو جنسي خواهش جي ڇڪ محسوس ڪن ٿا ۽ هٿ جو استعمال ڪري لطف وٺڻ جو عمل ڪن ٿا، پر گهڻا غيرجنسي ماڻهو ٻين ماڻهن پاران مدعو ڪيو وڃڻ تي اڀار محسوس نه ٿا ڪن. اهڙا فرد شايد اهو محسوس ڪن ته ڪو ماڻهو موهيندڙ آهي پر اهي ان کان موهيا نه ٿا وڃن.
  3. اهي ٻين ماڻهن جي جنسيت سان تعلق نه ٿا رکن. جڏهن انهن جي چوڌاري وارا ماڻهو سندن جنسي عمل يا جنسي ڪشش جي خواهشن بابت ڳالهائين ٿا ته غيرجنسي فرد اڪثر ڪري پاڻ کي اوپرو محسوس ڪن ٿا. اهي سچ به اها ڳالهھ سمجهي ناهن سگهندا ته انهن جي چوڌاري ماڻهو جنسي عمل کان ايڏا ڇو موهيا ويا آهن.
  4. اهو ٺپو اهڙن فردن جي سڃاڻپ هوندو آهي:
    حقيقت ۾ هتي ڪا به اهڙي طبي چڪاس medical test ڪانهي جيڪا ٻڌائي سگهي ته ڪو ماڻهو غيرجنسي آهي يا نه. اصل ۾ اهو سڀ ڪجھه فرد جي احساسن ۽ خواهشن تي آڌاريل آهي.
    اهي فرد جيڪي ان اهڃاڻ ۾ نمايان نه هوندا آهن، اهي شايد سدائين جنسي عمل مان لطف نه وٺندا هجن يا جنسي عمل ڪرڻ کان گهڻو اتساهيا نه ويندا هجن، ڇاڪاڻ ته غيرجنسيت ۾ به گهڻيون تبديليون آهن. پر جڏهن ڪو ماڻهو غيرجنسيت کي ذاتي تشخص جي قوت طور ڳولي لهي ٿو ۽ اهو محسوس ڪري ٿو ته هي ‘اهو ئي ته آهي، اهو ئي ته ان جي وضاحت آهي’، ته اهي احساس شديد نمايان آهن.
    لاڳاپيل اصطلاح:
    ٻه سڃاڻپون جيڪي گهڻو ڪري غيرجنسي اهڃاڻ يا غيرجنسيت سان لاڳاپيل آهن. اهي demisexuality ۽ graysexuality آهن.
    ڊيمي سيڪسيوئل Demisexual:
    انگريزي لفظ demi جو مطلب اڌ ٿئي ٿو، ان ريت demisexual جو مطلب ته اهڙو ماڻهو جنهن ۾ ڪجھه جنسي ۽ ڪجھه غيرجنسي خاصيتون هجن. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪنهن ڏانهن تيستائين جنسي طور موهيل نه هوندا آهن، جيستائين اهي کين چڱي نموني سڃاڻي وٺن. اهي فرد جنسي ڇڪ ته محسوس ڪن ٿا پر اهڙي نموني جو، اها ڇڪ شهوت/هوس بدران جذبن/احساسن تي مدار رکي ٿي.
    هڪ ڊيمي سيڪسيوئل فرد تيستائين جنسي ڇڪ محسوس نه ٿو ڪري جيستائين هو ڪنهن لاڳاپيل ڀائيوار سان سگهارو احساساتي تعلق نه ٿو جوڙي وٺي. “جذباتي/احساساتي ٻنڌڻ” جي وصف مختلف فردن ۾ ايتري قدر بدلبي رهي ٿي جيتري قدر وکريل ڇڪ جا جزا مختلف ٿي سگهن ٿا.
    ڊيمي سيڪسيوئل فرد ڪهڙا به رومانوي لاڙا قائم ڪري سگهن ٿا. غيرجنسي ترتيب واري پٽيءَ ۾ فرد پنهنجين زندگين دوران پاڻ مٿان لاڳو ٿيل ٺپا تبديل ڪندا رهن ٿا، ۽ ان لاڙي ۽ سڃاڻپ ۾ تبديلي هڪ عام رويو آهي.
    ڊيمي سيڪسيوئلٽي Demisexuality رومانوي ناولن ۾ هڪ عام موضوع/خيال theme آهي جنهن کي ‘compulsory demisexuality’ جو نالو ڏنو ويو آهي. افسانوي نثر اندر جنسي عمل وارو نمونو فقط تڏهن ئي سٺي نموني لطف ڀريو ٿئي ٿو، جڏهن لاڳاپيل ڀائيوار پيار ۾ هوندا آهن. هي ڄاڻي واڻي ڪيل خاصيت عام طور تي عورتاڻن ڪردارن سان جڙيل هوندي آهي. ڪردارن ۾ لاڳاپي جي شدت مخصوص عمل ٿيڻ جي اجازت پڻ ڏئي ٿي.
    گري سيڪسيوئلٽي Graysexuality:
    هن مان جنسي ۽ غيرجنسي جي وچ تي هجڻ جو مقصد ورتو وڃي ٿو. ائين چئجي ته هن فهرست ۾ ايندڙ ماڻهو سدائين نه پر ڪڏهن ڪڏهن جنسي ڇڪ محسوس ڪري ٿو. هن کي demisexual سان پڻ لاڳاپيو وڃي ٿو.
    گري سيڪسيوئل کي وري وڌيڪ مختلف قسمن ۾ ورهايو ويو آهي:
  5. جنسي عمل کان ڀڄندڙ Sex-repulsed
  6. غيرجانبدار Indifferent/neutral
  7. ٻٽو لاڙو رکندڙ Ambivalent
  8. جنسي عمل چاهيندڙ Sex-interested/sex-favorable
    غير جنسي ۽ غيررومانوي فرد asexual & aromantic:
    ڪي ماڻهو رومانوي اهڃاڻ ۽ جنسي اهڃاڻ کي الڳ ڪرڻ کي مددگار سمجهن ٿا. ان ريت هڪ غيررومانوي ماڻهو اهو آهي جيڪو رومانوي تعلق ۾ دلچسپي وٺندڙ ناهي، جيتوڻيڪ اهو پوءِ به جنسي عمل ۾ دلچسپي وٺندڙ هجي. اهڙو ماڻهو رومانوي تعلق جي خيال کان پري ڌڪيو وڃي ٿو يا ان بابت بلڪل به نه يا ٿوري خواهش يا دلچسپي محسوس ڪري ٿو.
    هڪ مختلف مثال خاطر pansexual ۽ panromantic کي پيش ڪجي ٿو. هڪ پانسيڪسيوئل ماڻهو اهڙو آهي جيڪو هر جنس جي ماڻهن ڏانهن موهه/ڇڪ/ڪشش رکندو هجي. هڪ پان رومانٽڪ ماڻهو اهو آهي جيڪو ڪنهن به جنس سان رومانوي تعلق رکڻ لاءِ کليل هجي پوءِ اهو ڀلي جنسي ڇڪ محسوس نه ڪندو هجي.
    اهي سڃاڻپون ميلاپ جي ڪيفيت جي مثال طور پڻ استعمال ڪري سگهجن ٿيون. ان ريت ڪير biromantic asexual (ٻنهي جنسن سان پيار ڪندڙ) به ٿي سگهي ٿو ته aromantic asexual (غير رومانوي غيرجنسي) پڻ ٿي سگهي ٿو يا انهن ٻنهي جي وچ ۾ به ٿي سگهي ٿو.
    ڇا غيرجنسي ماڻهو پيار ۾ پوئجي سگهجن ٿا؟
    هڪ مشهور غلط خيال اهو آهي ته غيرجنسي ماڻهو پيار ۾ نه ٿا اڙجي سگهن، جڏهن ته اهي اڙجي سگهن ٿا. هڪ ڳالھه آهي ته “جنسي عمل پيار جي برابر ناهي.” اهو جيڪو پيار ۾ نه ٿو اڙجي اهو پاڻ کي غيررومانوي aromantic سمجهي ٿو. ڪجھه غيرجنسي ماڻهو رومانوي تعلقن ۾ به پون ٿا ۽ ڪجھه وري سندن ڀائيوارن سان جنسي تعلق به رکن ٿا.
    ڇا ڪو فرد غيرجنسي ٿي سگهي ٿو؟
    جيئن اهو صفا واضح نه آهي ته ڪهڙي ڳالھه ڪنهن کي heterosexual (گهڻ رخي جنسي ميلاپ ڪندڙ) بڻائي ٿي، ان ريت اهو به واضح ناهي ته ڪهڙي ڳالهھ ڪنهن کي غيرجنسي asexual بڻائي ٿي. ڪجھه ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته اهي سدائين ائين ئي هئا، جڏهن ته ٻيا وري شايد به غيرجنسي بڻجي سگهن ڇاڪاڻ ته اهي اهو محسوس ڪن ٿا ته اهي سماجي ريتون رسمون جن موجب ماڻهو جنسي عمل ڪن ٿا اهي انهن کي نه ٿيون موهين.
    جيڪڏهن ڪو فرد غيرجنسي اهڃاڻ منجهھ آهي ته هو زندگيءَ جي وهڪري ۾ ڪڏهن به تبديل ٿي سگهي ٿو. مثال طور ڪا عورت جنهن کي غيرجنسي سمجهيو ويندو هجي. اها اڳتي هلي سندس حيض بند ٿيڻ سبب هارمونس جي تبديلين وسيلي غيرجنسي عمل مان نڪري سگهي ٿي.
    (هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button