عمران خان هن مهل تائين اهو علان نه ڪيو آهي ته هو قومي اسيمبليءَ مان ڏنل استعيفائن وارو فيصلو واپس وٺي رهيو آهي. اڃان ته قومي اسيمبليءَ جي نئين اسپيڪر پاران تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي خط لکيا ويا آهن ته هو روبرو اچي اسپيڪر کي ٻڌائين ته انهن جو فيصلو ڪهڙو آهي؟ پر سوشل ميڊيا تي ”يوٽرن“ لفظ جو طوفان برپا ٿي ويو آهي. عمران خان جي مخالفن جو چوڻ آهي ته عمران خان واپس وري رهيو آهي. هاڻي هو ساڳي پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڇا ائين آهي؟
عمران خان هن مهل به ان تي بضد آهي ته هو ملڪ ۾ هر صورت نيون چونڊون چاهي ٿو. هاڻي هن جو فوڪس اسٽيبلشمينٽ نه پر سپريم ڪورٽ آهي. هو سپريم ڪورٽ کي بار بار سڏي رهيو آهي. هو سپريم ڪورٽ کي چئي رهيو آهي ته هن کي ايندڙ لانگ مارچ جي سلسلي ۾ اها پڪ گهرجي ته هن جي ماڻهن مٿان ڪنهن به قسم جي روڪ ٽوڪ نه هوندي ۽ هن جي حامين تي ڪو به تشدد نه ڪيو ويندو. نه ملڪ جا رستا بند ڪيا ويندا. نه ڪنٽينر رکيا ويندا. نه اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويندو، جنهن سان قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ۽ هن جي ڪارڪنن ۾ ڪنهن قسم جو ٽڪراءُ پيدا ٿئي؟ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ هن جي اها ڳالهه تسليم ڪري ٿي ته ان جو مقصد ملڪ ۾ اڳتي هلي ڪنهن پارٽيءَ کي احتجاج ڪرڻ تي حڪومت پريشان نه ڪندي. ان قسم جو عمل ته هڪ وڏو ۽ تاريخي قسم جو موڙ هوندو. اهڙو فيصلو سپريم ڪورٽ ڪيئن ٿي ڏئي سگهي؟ ان قسم جو فيصلو ته هن مهل تائين ڪنهن مغربي ڪورٽ به نه ڏنو آهي. جيڪڏهن ان قسم جو فيصلو اچيو وڃي ته ان جا ملڪ جي مجموعي سياسي توڙي سماجي صورتحال تي ڏورس اثر پوندا. ان سلسلي ۾ اسان کي انتظار ڪرڻ گهرجي ته اعليٰ عدالت ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي؟ هونءَ به اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. اهو طئه آهي ته ملڪ ۾ سياسي ڏچو ته هر صورت ۾ رهندو.
عمران خان جي باري ۾ هن مهل مسلم ليگ ن جو به اهو موقف آهي ته هو گرفتاريءَ کان ڊڄي خيبرپختونخوا ويٺو آهي. هن کي خوف آهي ته جيڪڏهن هو اسلام آباد آيو ته هن کي گرفتار ڪيو ويندو. جڏهن ته ان قسم جي صورتحال نظر نه ٿي اچي. عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ايترو آسان نه آهي. هيءَ حڪومت ايتري سگهاري ناهي ته عمران خان کي جيل ۾ وجهي سگهي. عمرا خان جي جيل پوڻ سان هڪ قسم جو طوفان برپا ٿيڻ جا واضح امڪان موجود آهن. هن جا ڪارڪن جهڙي طرح سان احتجاج ڪندا، ان احتجاج کي ڪنهن به طور سان ڪو روڪي نه سگهندو ۽ جيڪڏهن روڪڻ جي ڪوشش به ڪندو ته ان سلسلي ۾ هڪ وڏو گند ٿيندو. ان کان سواءِ عدليا به ان قسم جي ڏچي کي ٿيڻ نه ڏيندي. ڇو ته عمران خان کي هڪ ته عوام جي ڀرپور سپورٽ حاصل آهي ۽ ٻيو ته عمران خان جي مٿان هن مهل تائين اهڙو ڪو به سيرئس ڪيس نه آهي، جنهن کي بنياد بڻائي هن کي جيل اماڻي سگهجي. عمران خان جي مٿان ڪنهن به طرح سان ڪرپشن جو ڪيس ته ڇا پر الزام به لڳل ناهي. جنهن ملڪ ۾ واضح طور تي ڪرپشن ڪندڙ ليڊر نه صرف آزاد هجن پر حڪومت به ڪندا هجن، ان ملڪ ۾ عمران خان جهڙي پاپولر ليڊر کي گرفتار ڪيئن ٿو ڪري سگهجي. پر اسان جي ملڪ ۾ جڏهن به پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي، اها ڪنهن به طرح سان سوچي سمجهي نه ڪئي ويندي آهي. ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ سوچ سمجهه ۽ اها به سياست ۾ ڪنهن به طرح سان قبول نه ڪئي ويندي آهي. اسان اهو به ڏٺو آهي ته سياست ۾ صرف ۽ صرف وڏا واڪ ڏنا ويندا آهن. اسان جي ملڪي سياست ۾ قول ۽ فعل جو جيڪو تمام گهڻو تضاد موجود آهي، اهو ڪنهن کان به لڪل ڪونهي. ان کان سواءِ اسان جي ملڪ جي سياستدانن ته هاڻي اها پرواهه ڪرڻ به ڇڏي ڏني آهي ته هو ڪنهن طرح سان پنهنجي پوزيشن کي اهڙو بڻائين جنهن سان انهن جي مٿان الزام لڳي. اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ شخصي تضاد هڪ طرح سان جائز حيثيت حاصل ڪري ويو آهي. ڇو ته ڏٺو اهو ويو آهي ته هاڻي عوام به ان جي شڪايت نه ٿو ڪري. ملڪ جي اهڙي متضاد سياست واري چڪر کان ڪو به آجو ناهي. عمران خان جي ڀرپور ڪوشش رهي آهي ته هو ٻين سياستدانن کان مختلف نظر اچي پر هن به ان کي هاڻي قبول ڪري ورتو آهي ته ملڪ ۾ جڏهن عوام کي اعتراض ناهي ته پوءِ هو اجايو پاڻ کي تڪليف ڇو پهچائي؟
عمران خان جيڪڏهن هن مهل اسلام آباد ۾ ناهي ته ان جو سبب اهو آهي ته هو خيبرپختونخوا ۾ ويهي پنهنجي صوبائي حڪومت جو مزو ماڻي رهيو آهي ۽ هن کي اهو به محسوس ٿيو آهي ته هن جو پاور بيس يعني هن جي سياسي سگهه جو بنياد ٻيو ڪو صوبو ناهي پر ڪي پي ڪي آهي. پٺاڻ هن جا ديوانا آهن. اهو ٻين شهرن ۾ به ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به عمران خان جلسا ڪندو آهي ته ان ۾ پٺاڻن جو تعداد گهڻو هوندو آهي. جيڪڏهن اسان لاهور ۾ ڏسنداسين ته تحريڪ انصاف جي جلسن ۾ اسان کي پٺاڻ گهڻا نظر ايندا. ان کان سواءِ ڪراچيءَ ۾ ته جلسا ڪامياب ڪرڻ جو سهرو پٺاڻ جي مٿان هوندو آهي. ان حوالي سان هو خيپر پختون خوا ۾ پنهنجي پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ چاهي ٿو. هن کي اهو به خيال اچي سگهي ٿو ته هن پنهنجي صوبائي حڪومت تي ايترو ڌيان نه ڏنو آهي. ان ڪري هو صوبائي حڪومت تي به غور ۽ ويچار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف نظر اچي سگهي ٿو، ان حوالي سان اسان کي اهو نه سمجهڻ گهرجي ته ڪو عمران خان ڊڄي ويو آهي ۽ هو خوف سبب اسلام آباد نه ٿو اچي. عمران خان ۾ ان قسم جو ڪو خوف ناهي. عمران خان کي اهو به معلوم آهي ته جيڪڏهن هن حڪومت هن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪا چڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي به اهو عمل حڪومت لاءِ پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ جي برابر هوندو. عمران خان سان هن حڪومت جا مالڪ ايترو ڦٽائڻ نه ٿا چاهين. ڇو ته انهن کي اهو به خوف آهي ته جيڪڏهن بنا ڪنهن ڏوهه قصور جي انهن عمران خان کي جيل ۾ وڏو ته عمران خان اقتدار ۾ اچي انهن جو حشر تمام گهڻو برو ڪندو. اسان کي اها به ڄاڻ آهي ته عمران خان جا مخالف سياستدان ڪي نظرياتي ۽ اصول پرست سياستدان ناهن. انهن کي اهو به خوف آهي ته هو اهڙي ڪا روايت نه وجهن جنهن سان انهن کي سڀاڻي اهو ٻڌڻو پوي ته ماڻهو جيڪو ڪجهه پوکيندو آهي، اهو پاڻ کيس لڻڻو پوندو آهي.
عمران خان پنهنجي ويجهي وقت جو وڏو حصو تمام گهڻو سرگرم رهيو آهي. ان ڪري هو هاڻي ڪجهه وقت جو آرام ڪرڻ چاهي ٿو. ان کان سواءِ اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن عمران خان اسلام آباد ۾ هوندو ته هن کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ميڊيا يا سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻو پوندو. ان حوالي سان اسان کي سمجهڻ گهرجي ته عمران خان کي اسلام آباد واپس ورڻ جو ان حساب سان ڪو خوف ناهي ته هن کي ڪو گرفتار ڪندو. پر هو اسلام آباد کان ڪجهه وقت پري رهڻ به چاهي ٿو.
عمران خان جي اسلام آباد واپسي ته ڪنهن به وقت ممڪن آهي. اهو به ممڪن آهي ته جنهن وقت هي سٽون لکجي رهيون آهن، ان وقت عمران خان واپسيءَ واري رستي تي هجي. پر ڇا عمران خان جي اسلام آباد واپسي ايتري وڏي ۽ ايتري اهم آهي، جنهن کي موضوع بڻائي وڏو بحث ڪيو وڃي؟ اسان جي سوشل ميڊيا ته ان سان ڀري پئي آهي. پر افسوس ته اهو به ٿي رهيو آهي ته مريم نواز به بار بار عمران خان جو نالو وٺي هن جي مٿان اها طنز ڪري رهي آهي ته هو اسلام آباد اچڻ کان ڊڄي خيبرپختونخوا ۾ ويٺو آهي. عمرا خان کي اهو طعنو به ملي رهيو آهي ته هو زرداريءَ جي ارڙهين ترميم جي نتيجي ۾ خيبرپخونخوا ۾ آرام ۽ سڪون سان ويهي سگهي ٿو. ڄڻ ته باقي ملڪ عمران خان جي باهه هجي.
عمران خان جي اسلام آباد واپسي اهم موضوع ناهي. عمران خان جي حوالي سان اهو اهم موضوع آهي ته ڇا هو پنهنجي پارٽيءَ کي ان جي اجازت ڏيندو ته هن جا ايم اين اي پنهنجيون استعيفائون واپس وٺن؟ هونءَ ته عمران خان کي به اها خبر آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهو نه وڻندو ته هو سياسي مزو ڇڏي احتجاج ڪري. تحريڪ انصاف جا گهٽ نه پر 131 ايم اين ايز آهن. هن جي پارٽي هن مهل به ڀرپور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن تحريڪ انصاف قومي اسيمبليءَ ۾ واپس وري ٿي ته اها حڪومت کي تمام گهڻو ٽف ٽائين ڏيندي. پر شرط اها آهي ته جيڪڏهن عمران خان اهو فيصلو ڪري ٿو ته هن جي پارٽي واپس قومي اسيمبليءَ ۾ اچي!
عمران خان جيڪو اسٽينڊ ورتو آهي ۽ هن جهڙي طرح پنهنجي پارٽيءَ کي ۽ هن جهڙي ريت عوام جي ان حلقي کي جيڪو هن جو حامي آهي، ان شيءَ لاءِ تيار ڪيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ هن حڪومت کي قبول نه ڪندو ته هو ڪهڙي طرح قومي اسيمبليءَ ۾ ويهندو ۽ ان جي ويهڻ سان جيڪو هن جي شخصيت تي اثر پوندو آخر ان جو به هن کي نقصان پوندو. عمران خان تمام هوشيار اڳواڻ آهي. هن کي پنهنجي اميج جي باري ۾ تمام گهڻو فڪر رهندو آهي. هن کي اهو ڪن هن به طرح سان قبول نه هوندو ته هو واپس وري ان هنڌ تي ويهي جنهن هنڌ هو ڪڏهن وزير اعظم جي حيثيت سان ويهندو هو. هن کي اهو به قبول نه هوندو ته راجا پرويز کي مسٽر اسپيڪر! چئي مخاطب ڪري. سياست ۾ ڪجهه به ممڪن آهي. جڏهن ته عمران خان جي واپسيءَ جي صورت ۾ هن جي پلئه پوندڙ نقصان جو امڪان ڪجهه وڌيڪ محسوس ٿي رهيو آهي.