ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگي بجلي استعمال ڪندڙ غريب عوام

Editorial

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن متبادل توانائيءَ جا ذريعا ڳولي پنهنجن ماڻهن لاءِ سهولتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. توانائيءَ جا اهي ذريعا نه رڳو سستا آهن پر پائيدار پڻ آهن، جنهن جي ڪري انهن ملڪن جي ماڻهن جون زندگيون وڌيڪ آرامده ٿي ويون آهن. پر اسان جي ملڪ ۾ اڃا تائين نه ته توانائيءَ جو مسئلو حل ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي ماڻهن کي سستي بجلي ملي رهي آهي. ڏينهون بجليءَ جا اگهه وڌائي عوام جي کيسي تي بار وجهي ان جي چيلهه چٻي پئي ڪئي وڃي، جنهن جي ڪري عوام جي ڪمائيءَ جو گهڻُو حصو بلن جي مد ۾ خرچ ٿي ويندو آهي. پاڪستان ۾ ايندڙ هر حڪومت اها دعويٰ ته ڪندي آهي ته اها بجليءَ جي بحران کي حل ڪندي ۽ سستي بجلي فراهم ڪندي پر اها سدائين بجلي مهانگائي ڪندي رهندي آهي. جنهن جي ڪري عوام لاءِ پريشانيون وڌي وينديون آهن. اڳ ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ماڻهن مٿان مهانگائيءَ جو بار پئي وجهندي هئي، هاڻ اهو ڪم نواز ليگ جي حڪومت پنهنجي سر کنيو آهي. هڪ ڀيرو وري بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجليءَ جي قيمت ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي جي سربراهيءَ ۾ نيپرا هيڊ ڪوارٽر ۾ اپريل جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي درخواستن تي شنوائي ٿي، جنهن ۾ بجليءَ جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين في يونٽ 4 رپيا 5 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي. ان تي نيپرا چيئرمين چيو ته اسان لاءِ واهپيدار اهم آهي جيڪو مهانگي فيول جو شڪار ٿي رهيو آهي. نيپرا چيئرمين لوڊشيڊنگ تي ڳالهائيندي چيو ته 18-18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. اندازن تي ڪم نه ڪريو، پاور سسٽم مسئلي جو حل ڳوليو وڃي. شنوائي مڪمل ٿيڻ تي نيپرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سي پي پي اي پاران ايف سي اي جي مد ۾ 4 روپيا 5 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي ۽ اپريل جي فيول پرائس ايڊجسمينٽ جي واڌ 3 روپيا 99 پئسا في يونٽ بڻجندو. ان کان اڳ مارچ جو ايف سي اي واهپيدارن کان 2 روپيا 86 پئسا في يونٽ چارج ڪيو ويو هو. اپريل جو ايف سي اي مارچ جي نسبت هڪ روپيو 13 پئسا جون ۾ وڌيڪ چارج ڪيو ويندو. نيپرا پاران جاري ڪيل بيان موجب ڊسڪوز جي درخواست تي بجليءَ جي قيمت ۾ في يونٽ 3 روپيا 99 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. جيڪو ڪي اليڪٽرڪ کان سواءِ سمورن صارفين تي لاڳو هوندو. نيپرا چيو آهي ته اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ کان پوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجليءَ جي قيمت ۾ واڌ سان صارفين تي وڌيڪ 55 ارب روپين جو بار پوندو ۽ ايندڙ مهيني ۾ اهي وصوليون ڪيون وينديون. ذريعن موجب گذريل 3 چئن مهينن ۾ ڪوبه اهڙو مهينو نه هو جنهن ۾ واهپيدارن مٿان بار نه وڌو ويو هجي.
اسين سمجهون ٿا ته هر ڀيري بجليءَ جي اگهن ۾ ايتري واڌ جو مطلب اهو ئي آهي ته حڪومت بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ متبادل ۽ جديد ذريعن جو استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، تنهنڪري اها رڳو بجلي مهانگي ڪندي پئي وڃي پر عوام آخر ڪيستائين مهانگي بجلي استعمال ڪندو، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بجليءَ لاءِ متبادل ذريعن جو استعمال وڌايو وڃي ته جيئن عوام تي مالي بار نه پئي.

ٻيلن تي قبضن بابت رپورٽ
سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضن جو معاملو پراڻو آهي پر ان حوالي سان ڪجهه سال اڳ تحرڪ ورتو ويو هو، پر تنهن هوندي به ٻيلا تان قبضا ختم نه ٿي سگهيا آهن. جڏهن ته ٻيلن جي زمين تي قبضو ڪندڙ گهڻا بااثر سمجهيا ويندا آهن پر سرڪاري زمينن تي ائين قبضا ڪرڻ ڪنهن به ريت جائز ناهي. هن وقت تائين جيڪي رپورٽون عدالتن ۾ پيش ڪيون ويون آهن، سي اطمينان جوڳيون نه آهن. هيستائين نه قبضا ڇڏرايا ويا آهن ۽ نه ئي انهن ماڻهن خلاف ڪا قانوني ڪارروائي ٿي آهي، جيڪي ٻيلن جي زمين کي پنهنجي زمين سمجهن ٿا.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضن خلاف داخل درخواستن جي شنوائي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٿي. جسٽس ارشاد حسين خان ۽ جسٽس امجد علي سهتو ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب پاران سنڌ ۾ ٻيلن جي زمين تي قبضن خلاف رپورٽ پيش ڪئي. عدالت ان رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي جسٽس امجد علي سهتي ريمارڪس ڏنا ته مون کي 9 مهينا ٿي ويا آهن، ان حوالي سان رڳو رپورٽ مٿان رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي. هن وقت تائين ڪارروائيءَ جو ڪو نتيجو نه نڪتو آهي. سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي 28 لک ايڪڙ زمين قابضين وٽ آهي پر انهن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي. هن چيو ته ٻيلا ختم ٿيڻ سان ماحول تي خراب اثر پئجي رهيا آهن. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ گرمي پد 50 سينٽي گريٽ تائين پهچي چڪو آهي. سڀني کي خبر آهي ته قبضو ڪندڙ بااثر آهن پر حڪومت ۽ ادارا انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. درخواستن تي ٻڌڻي 6 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.
اسين سمجهون ٿا ته ڪورٽ جنهن عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، سو جائز آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لاڳاپيل کاتو پنهنجو ڪم ذميواريءَ سان نڀائي ۽ جيترو جلدي ٿي سگهي، ان رپورٽ جي تياري شفاف نموني ڪري ته جيئن ٻيلن جي زمين تان قبضو ڇڏائي سنڌ کي تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهجي. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين ٻيلن جي تباهي سبب سنڌ جي ماحوليات جو گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button