حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو ۽ صعنتي حوالي سان 6 هون نمبر وڏو شهر آهي. حيدرآباد شهر جي چوڙي جي سڃاڻپ پوري دنيا ۾ مشهور آهي. هن چوڙي جي تياري ۾ عورتن جو وڏو ڪردار آهي. جنهن کي حڪومتي سطح تي ڪڏهن به مڃتا نه ملي آهي، جيتوڻيڪ حيدرآباد هوائن جو شهر هجڻ جي باوجود عام ٻين شهرن وانگر هتي جي زندگي به اجيرن بڻيل آهي. پو مرد هجن، عورتون يا ٻار هجن. اهي روز جيئن ٿا ۽ روز مرن ٿا. ان غربت ۽ بيوسي جي هوندي به هي شهر هڪ ترقي جي دعوا ڪندي نظر اچي ٿو، حيدرآباد ڪراچي جهڙو اجگر شهر بڻجندو پيو وڃي، اتي هي شهر هاڻ نوان ٽرينڊ به سامهون کڻي اچي رهيو آهي. آبادي جي وڌڻ سان ڪارپوريٽ سماج جا نت نوان نمونا به هن شهر جي حصي ۾ اچي رهيا آهن. هن شهر جي عام شهرن جيان رات ٺري ٿي ۽ ڏينهن ٽامي جيان تپي ٿو. هن شهر جي انڊسٽري ڀلين ڪيترو به ترقي ڪري پر بجلي جو بحران به هن شهر جو مقدر بڻيل آهي.
اها ترقي ان لکين عوام کي ڪو لاڀ ڏئي سگهي آهي يا نه، ان جو ثبوت حيدرآباد جا اهي لنگر خانه ۽ خيراتي ادارا آهن، جتي غريبن، بيوس ماڻهن سان گڏ سفيد پوش ماڻهو به پنهنجي جياپي لا اچي پيٽ پالين ٿا. اهي ادارا نه هجن ته بک هن شهر جو مقدر بڻجي وڃي. ساڳئي ريت حيدآباد شهر جي صنعت، وڻج ۽ واپار کي سنڀالڻ لا ايوان تجارت صنعت جو ادارو قائم ٿيل آهي. جتي انتظاميه جو هر ڪامورو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن پيو حاضري ڀريندو آهي. واپارين جي هڙتال جي سڏ کان پوليس ۽ انتظاميه اڪثر ڊنل نظر ايندي آهي. هن وقت هي ايوان تجارت جو ادارو مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي ويو آهي. ساڳئي وقت حيدرآباد ۾ بزنس ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ عورتون به انڊسٽري ۽ صنعت جي شعبي ۾ اڳيان اچي ويون آهن. هنن عورتن حيدرآباد ۾ ريسٽورينٽ، هوٽلز، بوتيڪ، وڏا وڏا مارٽ ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز کولي ڇڏيا آهن. حيدرآباد جي لنڊن ٽائون ۾ ايڇ ايم مارٽ صدف رضا کوليو آهي. جيڪو هن وقت حيدرآباد جو وڏو کان وڏو مارٽ سمجهيو پيو وڃي. عروه انٽرپرائيز جي سي او شاهده راڄپر به مارٽ کوليا آهن. اڳ ۾ حيدرآباد ۾ رڳو ورڪرز عورتون ئي نظر اينديون هيون، جيڪي گهريلو صنعت، چوڙي جي ڪارخانن سميت مختلف ڪارخانن ۾ پنهنجي محنت کپائيندي نظر اينديون هيون. هاڻ سندن ئي صنف جي عورتن ڪاروبار شروع ڪيو آهي. جيڪي چوڙي جي ڪارخانن جي مالڪ هجڻ جي دعوا به ڪري رهيون آهن. گهرن ۾ قائم چوڙي جي ڪارخانن ۾ چوڙي نه پر انساني جسم لوهه وانگر گرم ٿي ڳري ٿو. اها زندگي مون لياقت ڪالوني، لطيف آباد، پڪو قلعو ۽ پريٽ آباد ۾ رپورٽنگ دوران ڏٺي آهي. جڏهن بينظر انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم عورتن کي جاري ڪئي پئي وئي ته اهي عورتون جڏهن ڪيش جي دڪانن ۽ بينڪن تائين پهتيون ته سندن آڱرين جا فنگر مٽجي چڪا هئا، هنن اهي فنگر ڊاڪٽرن کان چڪاس ڪرايا ته ڊاڪٽرن کين ٻڌايو ته چوڙي کي ڪيميڪل سان رڱڻ ۽ باهه تي هٿ هلائڻ سان سندن فنگر هميشه لا ختم ٿي ويا آهن. اڄ به باهه جي کوري نما گهر ۾ اهي عورتون پنهنجي سڃاڻپ کان به محروم آهن، جن جا سڃاڻپ ڪارڊ به نه ٺهي سگهيا آهن. جنهن وقت پورو حيدرآباد سمهي رهندو آهي ته پو اهي عورتون جاڳي چوڙين کي باهه تي پڇائي، رنڱي پنهنجي اجرت ڪمائينديون آهن. هي حيدرآباد جون خوددار عورتون به آهن. جنهن تي ڪو شاهڪار ناول لکي سگهجي ٿو. هنن جي ڳتيل آبادي جا علائقا ڪڏهن ڪڏهن ڪرائيم جو به ڳڙهه بڻيل هوندا آهن. هتي تعليم ۽ معياري زندگي جهڙي شئي پري پري تائين نظر نٿي اچي.
هن وقت جڏهن حيدرآباد ۾ عورتن پنهنجي انڊسٽريل ڪاوربار کي هٿن ۾ کنيو آهي ته اهي يقينن هنن عورتن جي تڪليفن کي به سمجهنديون. مرد واپاري عورت ۽ مرد پورهيت جو ساڳئي انداز سان سندن محنت جو استحصال ڪري ٿو. حيدرآباد ۾ ڪاروبار شروع ڪندڙ عورتن وومين چيمبرس آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو بنياد پڻ رکي ڇڏيو آهي، چيمبرس آف ڪامرس جي صدر شاهده غلام رسول کي چونڊيو ويو آھي، وومين چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽري جي نئين چونڊيل صدر شاهده غلام رسول ٻڌايو ته حيدرآباد هڪ تجارتي ۽ معاشي حب آهي، هن شهر جي هٿ جو هنر به ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهي. جتي مختلف صنعتون فيڪٽريون، ڪارخانا، گهريلو صنعت موجود آهي، جتان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ شيون موڪليون ۽ گهرايون وڃن ٿيون. هن ٻڌايو ته حيدرآباد سنڌ جو تاريخي ڪاروباري شهر آهي جتي ٿيندڙ ڪاروبار ۾ عورتن جو وڏو انگ موجود آهي، جنهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ان جي ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ جي سخت ضرورت هئي، جنهن جي لاءِ اسان وڏي عرصي کان جدوجهد ڪري رهيا هئاسين، جنهن ۾ ھاڻ ڪاميابي ملي آھي، گذريل ٻن سالن دوران حيدرآباد ۾ نمائش ۽ سيمينار پڻ منعقد ڪرايا آهن. ٻڌايو ته حيدرآباد جي 2 سئو ڪاروباري عورتن کي گڏ ڪري وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سينيئر نائب ۽ مالياتي شعبي لا صدر صدف رضا ۽ نائب صدر روزينا ميمڻ کي چونڊيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ عورتن کي پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ جي سلسلي ۾ سخت تڪليف مان گذرڻو پوي پيو. هن لا ڌار چيمبرس جو بنياد رکيو آهي. هن چيمبرس ۾ آن لائين بزنس ڪندڙ عورتن کي شامل ڪنداسين. هنن کي چيمبرس آف ڪامرس ۾ ميمبرشپ پڻ ڏني ويندي، آف ڪامرس ۽ انڊسٽري جي قيام جي سلسلي ۾ ڪمشنر حيدرآباد، ريجنل ڊائريڪٽر ٽريڊ اينڊ ڊويلپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان، بزنس فورم چيمبر آف ڪامرس چيمبر آف اسمال انڊسٽري ۽ ڪاروباري عورتن پڻ وڏي مدد ۽ رهنمائي ڪئي آهي. ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ٽريڊ ۽ آرگنائزيشن کي لائسنس جاري ڪرڻ لا خط پڻ لکيو آهي. جلد لائسنس پڻ ملي ويندو. صدف رضا ٻڌايو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هٿ جي هنر، هينڊر ڪرافٽ ۽ ٻئي شعبي ۾ عورتون وڏي انگ ۾ ڪم ڪندي نظر اچن ٿيون، جن کي حڪومتي سطح تي پذيرائي نٿي ملي. اسان هنن عورتن جي ٺاهيل شين کي پڻ مارڪيٽ ۾ کڻي اينداسين. ملڪ کان ٻاهر به پروموٽ ڪيو ويندو. هن چيو ته هي دور هاڻ ماضي وارو نه رهيو آهي. عورت ڪاروبار سميت زندگي جي مختلف شعبن ۾ اڳڀري ٿيندي نظر آئي آهي. عورتن طرفان بزنس ۾ اچڻ سٺو عمل آهي. جنهن کي اڃا هٿي ڏئي اڳتي وڌايو ويندو. هنن عورتن 200 عورتن جي ميمبرسازي ڪري ورتي آهي. ايتري ميمبر سازي ايوان تجارت جي به نظر نه ايندي آهي. حيدرآباد جي آس پاس عورتن زمين خريد ڪري زمينداري ڪرڻ به شروع ڪئي آهي. اڳ ۾ تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ عورتن جو گهڻو انگ شامل رهيو آهي. هنن عورتن تي اهو به لازم ٿئي ٿو ته ٻين عورتن جي روزگار جو ذمو به کڻن. جيڪي لکن جي تعداد ۾ بيروزگاري جي نظر ٿيل آهن. جڏهن ته خاص عورتن جي مالڪي ۾ سندن مارٽن ۽ ٻين دڪانن تي روزگار ملندو ته سندن گهر جي چلهه وسامڻ کان بچي پوندي. اهو چئيلنج حيدرآباد جي بزنس ڪميونٽي جي عورتن کي قبول ڪرڻو پوندو.