رئوف نظاماڻي
هندستان جي ارڙهين صدي جي افراتفري واري صورتحال ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ بغاوتون شروع ٿي ويون هيون. سک، جاٽ، مرهٽا ۽ ٻيا مختلف هٿياربند گروهه سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويا هئا ۽ مغل بادشاهه وزيرن ۽ اميرن جا محتاج ٿي ويا هئا. ان وقت پنهنجي سڄي رونق ۽ شان و شوڪت جي ڪري استنبول ۽ ٽوڪيو جي وچ ۾ دهلي جهڙو ڪو شهر نه هو. اهو هاڻي هڪ اهڙي پڪل انب جيان لٽڪي رهيو هو جنهن کي ڪوبه پنهنجي طاقت ۽ هٿيارن جي زور تي حاصل ڪري سگھيو ٿي. مرڪز کي ڪمزور ڏسندي مختلف پرڳڻن ۽ علائقن جي صوبيدارن وغيره پنهنجي خودمختياري جو اعلان ڪندي مرڪز کي محصولن وغيره جو حصو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هو جنهن جي ڪري ان جي مالي حيثيت اڃا ڪمزور ٿي ويئي هئي. نادر شاهه جي حملي ۽ ڦرمار صورتحال کي اڃا خراب ڪري ڇڏيو هو. نادر شاهه جو مقصد دهلي ۾ رهڻ نه پر رڳو ڦرمار ڪري مال دولت کڻي پنهنجي وطن موٽڻو هو جتي کيس اصل ۾ ترڪن ۽ ٻين دشمنن کي منهن ڏيڻو هو.
انهن حالتن ۾ يورپي ڪمپنين کي خاص طور پنهنجن جديد هٿيارن ۽ جنگ جي نون طريقن ۽ تنظيم جي ڪري هڪ اهم حيثيت حاصل هئي. مختلف نوابن ۽ رياستن ۾ جيڪي جنگون ٿينديون هيون ان ۾ اهي ڪمپنيون واپاري ۽ ٻين مالي فائدن وغيره جي عيوض ڀاڙيتو فوجي ڏيئي هڪ نه ٻي ڌر جي مدد ڪنديون هيون.
انهن ڪمپنين پنهنجن واپاري مرڪزن سان گڏ مختلف شهر قائم ڪري ڄڻ هڪ لحاظ کان پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. انهن شهرن ۾ فرينچ ڪمپني پاران چندرنگر ۽ پانڊيچري کي آباد ڪيو ويو جڏهين ته ايسٽ انڊيا ڪمپني بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪته کي آباد ڪيو.
انهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لا ڪلڪتي جي هڪ اهم حيثيت هئي ۽ اهو ڄڻ هڪ لحاظ کان ڪمپني جي حڪومت جو گادي جو هنڌ هو جتان هندستان جي ٻين علائقن کي به ڪنٽرول ڪيو ويندو هو. ان جا گھڻا ڪارڻ هئا. هڪ ته اهو سمنڊ جي ڪناري تي هو ۽ اتي بندرگاهه جي سهولت موجود هئي جتي ڪمپني جا جهاز آساني سان پنهنجيون واپاري سرگرميون جاري رکي سگھيا ٿي. ٻي ڳالهه ته بنگال پنهنجن معاشي ۽ انساني وسيلن جي ڪري يورپي ڪمپنين لا ڄڻ سون جي کاڻ هو. ان ڪري ان پنهنجي سڄي توجهھ بنگال تي ئي ڏني.
ڪلڪتي ۾ قلعن جي تعمير سان گڏ شهر جي حفاظت لا ان جي چوڌاري هڪ وڏي کڏ کوٽائي ويئي. جڏهين هندستان جي مختلف علائقن ۾ مرهٽن پاران ماڻهن جو قتل عام، ڦرمار ۽ ڳوٺن ۽ شهرن کي باهين ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته ماڻهن کي ڪا اهڙي جا نه ٿي ملي جتي اهي سلامتي سان رهي سگھن. ڪلڪتو هڪ اهڙو شهر هو جيڪو هڪ محفوظ شهر سمجھيو ٿي ويو. اهڙي ريت اتي مختلف علائقن، ٻولين ۽ ثقافتن جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا. شهر جي آبادي گھڻي وڌي ويئي. ساڳي وقت شهر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ حصي کي ڪارو شهر چيو ويندو هو جتي اهي ماڻهو رهندا هئا جيڪي هندستان جي مختلف علائقن مان اچي اتي آباد ٿيا هئا ۽ ٻئي حصي کي اڇو شهر سڏيو ويندو هو، جتي يورپي ماڻهن جا گھر ۽ بنگلا هوندا هئا. شهر جي ان تعميرات جي حوالي سان مرشد آباد ۾ بنگال جي نوابن سان ڪمپني جو تنازعو هلندو ٿي آيو. پهرين علي وردي خان پاران انهن کي ان سلسلي ۾ تنبيهه ڪئي ويئي پر ان جو ڪو خاص نتيجو نه نڪتو. علي وردي خان جي وفات کانپو سندس ڏوهٽي سراج الدولا اقتدار سنڀاليو. سراج الدولا متعلق چيو وڃي ٿو ته سندس ماتحتن ۽ مائٽن وغيره سان نهايت ظالماڻو ۽ خراب ورتا هوندو هو. جڏهين سندس ڏنل تنبيهن کي به ڪمپني پاران خاطر ۾ نه آندو ويو ته هن ڪمپني جي توقع جي برخلاف هڪ وڏي لشڪر سان ڪلڪتي تي ڪاهه ڪري سڄي شهر کي تهس نهس ڪري ڪمپني کي آڻ مڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن شهر جو نالو بدلائي علي نگر رکيو. پر ڪمپني سان هڪ ٻئي ٽڪرا ۾ کيس هزيمت کي منهن ڏيڻو پيو.
هندستان جي مختلف رياستن ۾ هندو سيٺن جو اهم ڪردار هوندو هو. اهي نه رڳو واپار وغيره ۾ اڳتي هوندا هئا پر حڪمرانن کي جنگن ۽ ٻين مختلف ڪمن لا قرض به ڏيندا هئا. اهڙي ريت بنگال ۾ جگت سيٺ مشهور هو. اهو دراصل هڪ لقب هوندو هو جيڪو نسل در نسل پيو هلندو هو، جڏهين ته انهن جا ذاتي نالا ٻيا هوندا هئا. اهي هڪ لحاظ کان ايسٽ انڊيا ڪمپني لا به ڄڻ ته مالي وسيلن جي فراهمي جو هڪ وسيلو بڻجي ويا هئا. ساڳي وقت اهي بنگال جي حاڪمن کي سندن جنگي مهمن ۽ ٻين مقصدن لا به قرض ڏيندا هئا. اهڙي ريت کين حاڪمن کان سٺي ورتا جي اميد هوندي هئي. پر سراج الدولا پاران انهن سان سٺو ورتا نه ڪيو ويو، بلڪ مختلف موقعن تي انهن جي بيعزتي به ڪئي ويئي. سراج الدولا جي طبيعت ۽ پنهنجين درٻارين سان ورتا جي ڪري درٻار ۾ سندس مخالفت موجود هئي ۽ هاڻي ان ۾ جگت سيٺ به شامل ٿي ويو هو. انهن سڀني گڏجي ان ڳالهه تي سوچڻ شروع ڪيو ته سراج کي ڪيئن اقتدارکان هٽائجي. ان سلسلي ۾ سندن آڏو مختلف امڪان هئا پر آخر ۾ انهن اهو فيصلو ڪيو ته ڪمپني سان رابطو ڪجي ۽ انهن جي مدد حاصل ڪجي. ڪمپني جي لا ته سراج هونئن ئي مٿي جو سور هو. ان ڪري هڪ وڏي رقم عيوض انهن مير جعفر ۽ جگت سيٺ جي مدد ڪرڻ کي قبول ڪيو.
پلاسي جي جنگ ۾ ڪمپني جي فوجن جي اڳواڻي ڪندڙ رابرٽ ڪلائيو هڪ اهڙو مهم جو هو، جنهن جو مقصد رڳو مال ميڙڻ ۽ واپس انگلينڊ پهچي پنهنجي لا هڪ سياسي حيثيت حاصل ڪرڻ هو. سراج الدولا جي شڪست کانپو مير جعفر کي بنگال جي تخت تي ويهاريو ويو. پر ان سان بنگال ۽ اتان جي ماڻهن جي مقامي حڪمرانن، ڪمپني ۽ انگريز واپارين هٿان وڏي پئماني تي ڦرمار شروع ٿي ويئي. ڪمپني سان جنهن رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، ان جي پورائي ۽ پنهنجي شاهه خرچين لا ماڻهن تي ڳرا محصول مڙهيا ويا. گورن، پو، ڀلي اهي ڪمپني سان لاڳاپيل هجن يا نه، کي اها آزادي هئي ته اهي عام ماڻهن، زميندارن ۽ مقامي واپارين سان ڪهڙو به ورتا ڪن. انگريز واپاري زوري زميندارن ۽ هنرمندن کان گھٽ قيمتن تي شيون وٺندا هئا ۽ انهن کي وڏو منافعو رکي ڳري قيمت تي انگلينڊ موڪليندا هئا. ان ظلم ۽ ڏاڍ کان بچڻ لا گھڻن ڪاريگرن ماڳيئي پنهنجيون آڱريون ئي وڍي ڇڏيون. محصول وغيره جي اوڳاڙي جا اختيار ڪمپني کي ڏنا ويا هئا، جنهن جي وصولي لا اهي هر قسم جو طريقو اختيار ڪندا هئا ۽ ان ڳالهه کي نه ڏٺو ويندو هو ته آيا پيداوار ڪيتري ٿي هئي. ان سڀ جي باوجود به ڪمپني مير جعفر جي انتظام مان مطمئن نه هئي ۽ ڪجھه عرصي کانپو ان کي هٽائي سندس ناٺي مير قاسم کي بنگال جو صوبيدار بڻايو ويو.
ٻن سالن جي سوڪهڙي جي ڪري بنگال ۾ 1770 عيسوي ۾ جيڪو ڏڪر آيو اهو هڪ مثال بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ به ڏڪر ايندا هئا پر ان وقت جي مغل حاڪمن وٽ انهن کي منهن ڏيڻ جو بندوبست هوندو هو. اناج جي سرڪاري ذخيرن کي مارڪيٽ ۾ آندو ويندو هو. مختلف جاين تي ماڻهن کي مفت خوراڪ ڏيڻ جا بندوبست ڪيا ويندا هئا ۽ هارين تان محصول وغيره معاف ڪيا ويندا هئا. ڪمپني پاران اهڙو ڪو بندوبست نه ڪيو ويو هو. هٿئين انهن جي ڪوشش اها هئي ته زميندارن کان ڪنهن به ريت زوري زبردستي محصول اوڳاڙيا وڃن ۽ پنهنجي آمدني ۽ نفعي کي وڌايو وڃي. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ پاسي سڄو ملڪ تباهه ٿي ويو هو. بک کان بيحال ماڻهو سڙڪن ۽ گھٽين ۾ ڪنهن آسري کانسوا ماني گرهه لا پيا واجھائيندا هئا. گھڻين لاشن کي ٻاريو ويندو هو يا اهي پکين ۽ جانورن جو کاڄ ٿيندا هئا. سوين لاش دريا ۾ پيا لڙهندا هئا. ان جي برعڪس ڪمپني جي اهلڪارن ۽ فوجين لا وافر مقدار ۾ کاڌ خوراڪ موجود هئي. اهو بنگال جي تاريخ جو بدترين ڏڪار هو. پر ٻئي پاسي ڪمپني جي لندن کي موڪليل بيلبس شيٽ ۾ آمدني ۽ نفعي ۾ واڌارو ٿيو هو.