هڪ ڪتاب جڏهن پڙهندڙ جي هٿن تائين پهچندو آهي ته اهو ڪيترن ئي مرحلن مان گذرندو آهي. ليکڪ ۽ پڙهندڙ وچ ۾ ڪتاب هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪندو آهي. هاڻي ته ڪتابي دنيا به تبديل ٿي وئي آهي، هي اي بوڪ ۽ آڊيو بوڪ جو زمانو آهي. ڪو به ليکڪ بنا پئسو خرچ ڪرڻ ۽ ڪنهن به پبلشر جا نخرا کڻڻ بنا پنهنجو ڪتاب لکي ان جي پي ڊي ايف ڪاپي انٽرنيٽ تي رکي سگهي ٿو. يا رڪارڊ ڪري به رکي سگهي ٿو. جيئن ڪجهه ويب سائيٽون سنڌي ڪتاب رکن پيون. دنيا جا اهي ڪتاب جيڪي ڪجهه وقت اڳ اڻلڀ ٿي چڪا هئا، اهي هاڻ پي ڊي ايف وسيلي مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪري پڙهي سگهجن ٿا. پي ڊي ايف ڊرائيو وسيلي روز هزارين ڪتاب ڊائون لوڊ ٿين ٿا.
سنڌ ۾ ڪتابي ميلا ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهن ته سنڌي ماڻهو ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي وٺي ٿو ۽ رڳو حيدرآباد ۾ ئي ايترا پبلشر ۽ پرنٽرس آهن جو ڌڙا ڌڙ ڪتاب ڇاپي رهيا آهن. اڄ به ڪتاب ڪپڙن ۽ جوتن جي اگهن کان سستا ملن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪي ادارا ڪتاب 50 سيڪڙو رعايت سان ڪي وري 30 سيڪڙو رعايت سان خريدار کي ڏين ٿا. تنهن هوندي به ڪتابن سان لاڳاپيل ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي ضرور بحث هيٺ اچڻ گهرجن.
اقتدار مان تڙجڻ کان پوءِ عوامي ليگ جي سربراهه، ڪارڪن ۽ صدر شيخ رشيد کان ڪنهن پڇيو ته هاڻي ڇا ڪندين؟ هن جواب ڏنو ته آئون ڪتاب لکندس. مون کي منهنجي ڪتاب ” لال حويلي سي اقوام متحده تڪ” جا 2 ڪروڙ مليا آهن، هاڻ وري ڪتاب لکندس ته 10 ڪروڙ ڪمائي وٺندس. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ڪنهن ڪتاب تي 2 ڪروڙ ڪمائڻ کان وڏو ڀوڳ ڪو ٻيو نٿو ٿي سگهي. اڄڪلهه ڪنهن به ڪتاب جو پهريون ڇاپو، پنج سئو کان مٿي نٿو ڇاپيو وڃي. جڏهن ته ڪي پبلشر ته فقط 300 ڪاپيون ڇپائيندا آهن. جنهن صنف جا ڪتاب وڌيڪ پڙهيا ويندا آهن، انهن ۾ آتم ڪٿا، تحقيق ۽ ناول شامل آهن. ڪوبه سياسي يا نثر جو ڪتاب ايترو وڪرو ناهي ٿيندو. رانديگر، سياستدان ۽ بزنس ٽائيڪون، پنهنجا ڪتاب لکائڻ لاءِ ليکڪ هٿ ڪندا آهن. پر شيخ رشيد کي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڇا آهي. سندس سياست تي لکيل ڪتاب کيس 2 ڪروڙ ڪمائي ڏنا آهن ۽ کيس ايترو ويساهه به آهي ته هاڻي جيڪڏهن هو ڪتاب لکندو ته 10 ڪروڙ ڪمائي ويندو. هن وقت تائين پوري ملڪ ۾ ڪنهن به ڪتاب 10 ڪروڙ ڪونه ڪمايا آهن. جيتوڻيڪ اردو ادب ۾ سڀ کان گهڻو پڙهي ويندڙ ناول نگاره نمره احمد آهي پر هن جي ناولن به ايترا پئسا ڪونه ڪمايا آهن، جيترا شيخ رشيد ٻڌائي رهيو آهي. اردو ۾ عميره احمد، نمره احمد ۽ هاشم نديم جا ناول گهڻا وڪرو ٿيندا آهن. انهن جا ڪيترائي ڇاپا به اچي چڪا آهن. اردو ۾ به هڪ ڪتاب جون 500 ڪاپيون ئي ڇپايون وينديون، جيڪڏهن بنهه ڪو وڏو ليکڪ آهي ته ان جون هزار ڪاپيون ڇپايون وينديون آهن.
سنڌي پبلشر گهڻي ڀاڱي غير پيشيور آهن. تنهن هوندي به هر سال سراري هڪ سٺو پبلشر 40 کان 50 ڪتاب ڇاپي ٿو. پر تنهن هوندي به ان جي رڙ پئي پوندي آهي ته ڪتاب هلي ڪونه ٿو. ڪتابن ۾ ڪمائي ڪانهي ۽ اسين اجايو پنهنجو مٿو پيا کپايون. ڪي پبلشر ته اهڙا آهن، جيڪي پراڻن پبلشرن جا ڪتاب انهن جي اجازت بنا ڇاپي ڪمائي رهيا آهن. هڪ ليکڪ ڪتاب ڇپائڻ وقت پنهنجي کيسي مان پيسا ڏيندو آهي، اهو پبلشر کان ڪاپيون خريد ڪندو آهي ۽ باقي جيڪي بچي وينديون آهن، اهي وڪرو ٿينديون آهن. هتي ليکڪ لاءِ سڀ کان وڏي ڪاميابي رائلٽي ملڻ نه پر اها آهي ته ان کان ڪو پبلشر ڪتاب ڇپائڻ جا پئسا نه وٺي. ٻاهرين ملڪن ۾ ليکڪن کي ڪتابن لاءِ اڳواٽ پئسا ڏنا ويندا آهن. اهي پنهنجي ڪتاب تي ڪم ڪرڻ لاءِ گم ٿي ويندا آهن، مقرر وقت تي ڪتاب ڏئي پنهنجو ڪيل وعدو پاڙيندا آهن. خير اهڙو ماحول سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ ڪجهه سئو سالن تائين ته ممڪن ناهي، تيستائين ڪتاب جي هاڻوڪي صورت ئي ڪانه رهندي.
اڄ ڏينهن تائين ڪوبه پبلشر ڪنهن ليکڪ سان لکت ۾ ڪا لکپڙهه ڪونه ڪندو آهي. بلڪل ائين جيئن سنڌ جي صحافتي ادارن ۾ ڪنهن به صحافي کي لکت ۾ ڪو ڪاغذ نه ڏنو ويندو آهي ته هن کي ڪهڙي عهدي تي رکيو ويو آهي. هن کي زباني چيو ويندو آهي ته سڀاڻي کان ڪم تي اچي وڃ ۽ وري زباني ئي چيو ويندو آهي ته سڀاڻي کان ڪم تي نه اچجانءِ. سو اسان وٽ پبلشر به ڪو لکت ۾ معاهدو نه ڪندا آهن. اهي سڀ زباني ڪلامي ڳالهيون هونديون آهن. ظاهر آهي جڏهن اهي ڳالهيون هونديون ئي ڪچهري واريون ته پوءِ ڪتاب جي معاملي ۾ ڪجهه طئي ئي نه ٿيندو آهي. هڪ ترجمي نگار کي به ڪجهه ڪاپيون ڏئي ان تي ٿورو ڪيو ويندو آهي پر ڪوبه پبلشر ان کي پئسا ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. جڏهن انهن کي چيو ويندو آهي ته ترجمو ٿي ويندو ته جواب اهو هوندو آهي ته اسين پئسا نٿا ڏئي سگهون. بس توهان کي ڪجهه ڪاپيون ڏينداسين.
سو ڪتاب جي ڇپائي بابت ڳالهيون به ڪتابي هونديون آهن. ان کان سواءِ اسان وٽ ڪوبه ڪتاب نظرثاني هيٺ ڪونه ويندو آهي، ڇو ته پبلشرن وٽ اهڙا ماڻهو ئي ڪونه آهن. ائين ناهي ته اهي ماڻهو موجود ڪونه آهن، پر انهن کي پبلشر مزدوري ڏيڻ کان لهرائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي ونگارو کپن. تنهنڪري ڪتاب جهڙو آهي جيئن آهي، ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ناول “رهجي ويل منظر” آهي، جنهن جا هن وقت تائين ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن ۽ اهو ناول تقريبن هر پبلشر ۽ پرنٽر ڇپايو به آهي. پر ڪڏهن به ان ناول جي رائلٽيءَ جو ذڪر ڪنهن به پبلشر ڪونه ڪيو هوندو. سنڌ ۾ ڪڏهن به ليکڪ پنهنجي لکيل ڪتاب تي ڪونه ڪمايو آهي پر پبلشرن ضرور ڪمايو آهي.
اردو ادب ۾ به لڳ ڀڳ اهڙو ئي حشر آهي. اردو جي هڪ مشهور پبشلنگ هائوس کان مون پڇيو ته انهن وٽ ڪتاب جي ڇپائيءَ جو مرحلو ڪيئن آهي، ته جواب مليو اڌ پئسا ليکڪ کي ڏيڻا پوندا ۽ کيس ڪاپيون ملنديون. ان کان سواءِ جيڪو ترجمي سان اردو وارا حشر ڪندا آهن، اهو به ڏسڻ وٽان آهي. ناولن مان صفحن جا صفحا غائب لڳا پيا هوندا آهن. هڪ اهڙو سماج جتي پبلشر هر ڪتاب مان ڪمائيندو هجي ۽ پوءِ به اهو چوي ته ڪتابن ۾ ڪمائي ناهي ته اتي شيخ رشيد جيڪڏهن اها ڳالهه ڪري ته هن کي پنهنجي ڪتاب تي 2 ڪروڙ جي ڪمائي ٿي آهي ته ان کي ايترو سنجيده نه وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن جي سياسي ڳالهين کي به ڪير سنجيده ڪونه وٺندو آهي ۽ نه ئي اهي سچيون هونديون آهن. سو اسان وٽ ڪتابن تي رائلٽي ملڻ جو تصور، رڳو تصور ئي آهي. هڪ سٺو ڪتاب اسان وٽ اهو ماڻهو ڇپائي سگهي ٿو، جنهن جي کيسي پئسو به گهڻو هجي ۽ جنهن وٽ پبلشر جا نخرا سهڻ جو وقت هجي.