آئون ڊاڪٽر مبارڪ علي سان پنهنجي ڪنهن ويجھي لاڳاپي متعلق نه ٿو چئي سگھان. پر ساڻس هڪ تعلق ضرور رهيو آهي. هڪ پڙهندڙ ۽ ڪنهن حد تائين ساڻس هڪ ذاتي تعلق به رهيو آهي. هن ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي تاريخ تي گھڻا ڪتاب لکيا آهن. سندس سڃاڻپ هڪ عوامي تاريخدان جي آهي جنهن تاريخ کي عام ۾ متعارف ڪرايو.ِ ساڳي وقت هو مختلف انگريزي ۽ اڙدو اخبارن ۾ به تاريخ جي حوالي سان لاڳيتو لکندو رهندو آهي. ڊان جي مختلف شعبن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس ترقي پسند نڪته نظر گھڻن لا قبولڻ جوڳو نه هوندو آهي جنهن جي ڪري سندس مختلف ڪتابن ۽ مضمونن تي اعتراض ٿيا آهن ۽ انهن کي زوري بڪ اسٽالن وغيره تان هٽايو ويو آهي.
ڪجھه عرصو اڳ ڊان پاران هفتيوار Encounter جي نالي سان صفحو شايع ڪيو ويندو هو جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي، معاشي ۽ تاريخ جي موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويندو هو. ان صفحي ۾ آئون به وقت بوقت مختلف موضوعن تي لکندو رهندو هوس. هڪ ڀيري ان صفحي ۾ ڊاڪٽر مبارڪ جو شهنشاهه اڪبر جي دين الاهي جي حوالي سان هڪ مضمون شايع ٿيو جنهن ۾ اڪبر جي سندس سيڪيولر نڪته نظر جي حوالي سان تعريف ڪئي ويئي هئي ته هن هندوستان جي مختلف مذهبن جي ماڻهن ۾ ايڪي ۽ هم آهنگي لا ڪوششون ورتيون ۽ مذهبي تعصب کان پاسو ڪيو. هن دين الاهي جي نالي سان نئون مذهب يا عقيدو متعارف ڪرايو جنهن ۾ هندوستان جي مختلف مذهبن جا عنصر شامل هئا. ان جي تشهير ۽ ترويج لا باقاعدي عبادت گاهون وغيره قائم ڪيون ويون. اڪبر متعلق ترقي پسند ليکڪن جو اهو هڪ عام رايو آهي. پر مون کي ان رائي سان ڪنهن حد تائين اختلاف هو. مون
ان مضمون تي اهو ڪمينٽ ڪيو هو ته اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته اڪبر مذهب جي حوالي سان هندوستان جي ماڻهن سان امتياز روا نه رکيو هو پر کيس ڪنهن به صورت ۾ هڪ سيڪيولر حڪمران نه ٿو چئي سگھجي. ڇاڪاڻ ته هن بهرصورت دين الاهي جي نالي سان هڪ نئون مذهب متعارف ڪرايو.
هو ۽ ان لا باقاعدي عبادت گاهون وغيره قائم ڪيون هيون جتي ان جا پوئلڳ پنهنجن رسمن ادا ڪرڻ لا گڏ ٿيندا هئا. ان اعتراض جو ڊاڪٽر صاحب تفصيل سان جواب ڏنو هو. سندس چوڻ هو ته اڪبر ڪو نئون مذهب وغيره متعارف نه ڪرايو هو ۽ نه ئي سندس پاران ان کي دين الاهي جو نالو ڏنو ويو هو. اهو نالو ان دور جي ٻين ماڻهن پاران ان کي ڏنو ويو هو. بهرحال منهنجا تحفظات ان تي برقرار هئا ۽ ڊاڪٽر صاحب مختلف موقعن تي ان جو حوالو ڏيندو رهندو آهي.
زيبسٽ جو ڊين فيڪلٽي ڊاڪٽر رياض شيخ منهنجو پراڻو دوست آهي. هي ڊاڪٽر مبارڪ جي به نهايت ويجھو آهي ۽ هڪ لحاظ کان ڪراچي ۾ ڄڻ ڊاڪٽر مبارڪ جو نمائندو آهي. هڪ ڊگھي عرصي کان هو ڊاڪٽر مبارڪ جي نگراني ۾ نڪرندڙ رسالي تاريخ کي اڪيلي سر سنڀاليندڙ ۽ ان جو ايڊيٽر آهي جڏهين ته هن وقت ڊاڪٽر توصيف ۽ هما غفار سندس ٽيم ۾ شامل آهن. هر سال ڪراچي ۾ مختلف جاين تي تاريخي ڪانفرنسن جو انعقاد ڪرڻ انهن دوستن جو معمول آهي. ان کانسوا هو زيبسٽ ۽ ٻين تنظيمن پاران به وقت بوقت مختلف موضوعن تي سيمينار، ورڪشاپ ۽ ٻيا پروگرام ڪرائيندو رهندو آهي. انهن پروگرامن ۾ ڊاڪٽر مبارڪ جي شرڪت سندس ترجيح هوندي آهي. هو انهن پروگرامن ۾ مون کي به
مدعو ڪندو رهندو آهي. اهڙي ريت رياض ڄڻ ڊاڪٽر مبارڪ ۽ منهنجي وچ ۾ رابطي جو هڪ ذريعو به آهي. ڪجھه عرصو اڳ زيبسٽ پاران اهڙو ئي هڪ پروگرام پاڪستان جي معيشت ۽ سماج جي حوالي سان ڪرايو ويو هو جنهن ۾ ڊاڪٽر مبارڪ ۽ آئون به شريڪ هئاسين. مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هڪ شاگرد مون کان سوال ڪيو ته اوهان ستر جي ڏهاڪي جي ڀٽو جي صنعتن ۽ بينڪن وغيره کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ واري پاليسي کي ڪيئن ٿا ڏسو. مون ان جو جواب ڏيندي چيو ته ان وقت اوڀر بنگال جي ڌار ٿيڻ جي ڪري پيدا ٿيل حالتن ۾ ملڪي معيشت جي خراب صورتحال هئي. ان جي نتيجي ۾ نوڪر شاهي جي حيثَيت ۽ رياستي ڍانچو ڪمزور ٿي ويو هو.ِ ان کي وڌيڪ وسيلن جي ضرورت هئي. ان جو حل وڏين صنعتن ۽ بينڪن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ ۽ انهن جي وسيلن کي ڪامورا شاهي ۽ رياستي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ لا استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ ڏٺو ويو. هونئن ڏٺو وڃي ته پورهيتن جي نالي کي ان لا استعمال ڪيو ويو هو پر پورهيتن سان ڪراچي جي لانڍي ۽ ڪورنگي سائيٽ ايريا ۾ جيڪي ڪجھه ٿيو اها هڪ تاريخ آهي. نوڪرشاهي پاران پورهيتن کي اهو باور ڪرائڻو هو ته اهي حڪومت مان گھڻيون توقعات نه رکن. ان وقت مون سان گڏ اسٽيج تي ويٺل هڪ مقرر چيو ته هي ادارو جنهن ماڻهو جي نالي آهي ۽ اوهان جتي وِيٺا آهيو ان جي پاليسين جي خلاف پيا ڳالهايو. ان تي ڊاڪٽر مبارڪ کيس جواب ڏنو ته هن
کي منهنجن خيالن سان اختلاف ڪرڻ تي به ڪا هٻڪ نه ٿيندي آهي.
ڪجھه عرصو اڳ فيض جوڻيجو جي ڪتاب جي انگريزي ترجمي جي مهورت لا اسٽيل ٽائون جي هال ۾ ڊاڪٽر مبارڪ کي مدعو ڪيو ويو هو. رياض پاران مون کي ان ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر سان ملڻ لا چيو ويو. پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ڊاڪٽر صاحب سان مختصر غيررسمي ڪچهري ٿي.
مون کانئس پڇيو ته اوهان کي لاهور ۽ ڪراچي جي ادبي ۽ ثقافتي ماحول ۾ ڪهڙو فرق نظر اچي ٿو. سندس چوڻ هو ته لاهور جي ڀيٽ ۾ ڪراچي جو ماحول وڌيڪ لبرل ۽ سيڪيولر آهي. ڪراچي ۾ اوهان نسبتن پنهنجي ليکي پنهنجن خيالن جو اظهار ۽ ڪجھه ڪم ڪري سگھو ٿا جڏهين ته لاهور ۾ خاص طور مختلف مذهبي تنظيمن جو اوهان تي دٻا هجي ٿو ۽ اهي اوهان کي پنهنجي مرضي مطابق هلائڻ چاهين ٿا ۽ ڪو اختلاف برداشت نه ٿا ڪن.
ڊاڪٽر صاحب سان هن وقت وڏي عمر ۽ صحت جا مسئلا آهن. خاص طور سندس نظر جو مسئلو اهميت رکي ٿو. ان سڀ جي باوجود هو ويجھڙ تائين پنهنجو ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڌي ساڻس گڏ هوندي آهي. هو لکڻ ۽ مختلف پروگرامن ۾ وڃڻ جو ڪم به ڪندو رهيو آهي. پر سال ٻه اڳ ڪورونا جي ڪري سندس سرگرميون متاثر ٿيون آهن پر ان جي باوجود هو پنهنجي ڪرت کي لڳل آهي ۽ تخليقي پورهيو ڪندو رهي ٿو.