ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

افسوس! ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جاري رھندي

Editorial-Article-Mohammad Khan

اھا ڳڻتي جوڳي ڳالهھ آھي ته ملڪ ۾ مھانگائي گهڻو وڌي وئي آھي، جنھنڪري عام ماڻھن جو جيئڻ گهڻو جنجال ٿي ويو آھي پر اڃا به ڳڻتي جوڳي ڳالھه اھا آھي ته وڌيل مھانگائيءَ جو سلسلو ويجهڙائيءَ ۾ ختم ڪونه ٿيندو پر اڃا به گهڻو اڳتي وڌندو رھندو.
اھا سچائي آھي ته ھن ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي مکيه گهڻائي غريبن تي ٻڌل آھي، جنھنڪري لاڳيتي مھانگائيءَ جي ڪري نه رڳو ھيٺئين غريب توڙي وچولي طبقن جي ماڻھن جو گذارو ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو جنھن تي جيتري به ڳڻتي ڪجي سا ٿوري ھوندي پر اصل ڳالھه ڳنڀيرتا سان سوچڻ گهرجي ته ملڪ جي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ مان جان، اڳتي ھلي ڇٽندي يا سڄي حياتي ملڪ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ کي منھن ڏيندو رھندو؟
تازو ميڊيا اھا خبر ڇاپي آھي ته انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِايم ايف) مطالبو ڪيو آھي ته تيل تي ڏنل سبسڊي (رعايت) ختم ڪئي وڃي. ٻئي طرف يوٽيلٽي اسٽورن تي گيھه ۽ تيل جي اگهن ۾ بي پناهه واڌ ٿي وئي آھي، بجلي وڌيڪ چار رپيا ھڪ يونٽ مھانگي ٿي وئي آھي. ھڪ ڪلو گيھه ۾ 208 رپين تائين واڌ ٿي آھي، يعني مختلف برانڊ جا گيهھ 555رپين تائين پھچي ويا آھن. نوٽيفڪيش جاري ڪري اگهه پھرين جون کان لاڳو ٿي ويا آھن. کاڄري تيل جي قيمت ۾ 213 رپيا ھڪ ڪلو واڌ ٿي آھي. تيل ۽ بجليءَ جا اگهه وڌائڻ کانپوءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي شيون مھانگيون ٿي ويون آھن. بھرحال، سرڪار رليف پيڪيج جو به اعلان ڪيو ويو آھي. 20 ڪلو اٽي جو اگهه 800 رپيا، کنڊ 70 رپيا ڪلو، گيھه 100 رپيا، چانور ۽ دالين تي 15 کان 20 رپيا سبسڊي ملندي.
جيستائين مھانگائيءَ جو واسطو آھي ته عوام سان مجموعي طرح ڏاڍي جُٺ ٿي رھي آھي ڇاڪاڻ ته عوام جو جيئڻ ھر ڏھاڙي گهڻو جنجال ٿيندو پيو وڃي، ايستائين جو ماڻھو اڳ ٽن ويلن بدران ٻه ويلا کائيندا رھيا آھن تن لاءِ به ھاڻي ٻه ويلا کائڻ ڏکيو ٿي ويو آھي. اھا سو سيڪڙو سچائي آھي ته ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان آندي ھئي جيڪا رڳو ھڪ ڀيرو ڪانه آئي ھئي. عمران خان نيازي وزيراعظم طور پوڻا چار ورھيه اقتدار ۾ رھيو ۽ ڪيترا ڀيرا لاڳيتو ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻيندو رھيو. سندس بيان ڏاڍا کل جهڙا ۽ عجيب ھوندا ھئا ۽ ھاڻي به آھن. بار بار مھانگائي ڪرڻ کانپوءِ سندس دعوى ھئي ته اولھه جي ملڪن ۾ جيڪي شيون آھن سي اسان وٽ مھانگائيءَ جي باوجود سستيون ۽ اتي اڃا به مھانگيون آھن. سندس مطلب ھو ته آمدني يعني انڪم نه وڌائجي ۽ پوءِ اھا به لاڳيتو دعوى ڪندو رھيو ته شيون مھانگائيءَ باوجود اڃا سستيون آھن. بھرحال، اھڙي دعوى وڏي افسوس جي ڳالھه ھئي. ھتي اھو به ٻڌائڻ ضروري آھي ته مھانگائيءَ کي جائز سڏڻ وارا سندس بيان ڪيترا ڀيرا شايع ٿيا پر ھو اصل داستان ٻڌائڻ کان شرمائيندو ھو ته اولهھ جي ملڪن جي ماڻھن جون پگهارون ۽ آمدنيون ته لکن ۽ ڪروڙن رپين ۾ آھن، سو انھن لاءِ اھي شيون، آمدنيءَ سان ڀيٽ ڪجي ته ايڏيون مھانگيون پوءِ به ڪونه ھيون پر اسان جي ملڪ ۾ جيڪڏھن رڳو مھانگائي آڻجي ۽ انڪم يعني آمدني مناسب نه وڌائجي ته اھو ظلم ناھي ته ٻيو ڇا آھي؟
ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي وڌائڻ جو اصل سبب بار بار دھرائڻو پوي ٿو ڇاڪاڻ ته مھانگائي ھڪ ڀيرو نه پر ھتي بار بار ايندي رھي ٿي. عمران خان جڏھن اقتدار ۾ اڃا نه آيو ھو ته سندس بيان شايع ٿيل ھو ته مان آءِ ايم ايف کان قرض وٺندس ته آپگهات ڪندس. سندس وڊيو وائرل آھي، پر ھن آءِ ايم ايف سان ٺاهه ڪري، ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي بار بار آندي. ڪنھن کيس سندس وعدو ياد ڏياريو ته ڳالھه ٽاريندي چيائين ته مون “يوٽرن” اختيار ڪيو آھي.
اصل ڳالهھ اھا آھي ته عمران خان اقتدار ۾ ناھي پر آءِ ايم ايف سان سندس ٿيل ٺاهه ته موجود آھي جيڪو سولائيءَ سان ختم ٿي ڪونه ٿو سگهي. اھا دلين جي گهراين سان سمجهھ جي ڳالهھ آھي ته جيڪڏھن پاڪستان جي ھاڻوڪي سرڪار وٽ آءِ ايم ايف قرض لاھڻ جا ايڏا گهڻا پيسا ھجن ھا ته کين موٽائي ڏين ھا يا وري پاڪستان آءِ ايم ايف کان ڳاٽي ٽوڙ شرطن تي قرض ھرگز ڪونه وٺي ھا. بھرحال، عمران خان لاڳيتي ۽ ايڏي ته بار بار مھانگائي آندي آھي جو عام ماڻھن جو جيئڻ گهڻو جنجال ٿي ويو آھي. جيئن ته سندس اقتدار ۾ نه ھئڻ باوجود، ٺاهه ختم ٿي ڪونه سگهندو سو ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي اڃا به گهڻو وڌندي رھندي، جيتوڻيڪ ھاڻوڪي وفاقي سرڪار ڪجھه شيون سستيون به ڪيون آھن. آءِ ايم ايف تازو تيل وغيره جون قيمتون وڌائڻ جو شرط رکيو ۽ ملڪ کان ٻاھر ھاڻوڪي سرڪار جي وفد کي چيو ته جيڪڏھن مھانگائي نه ٿا ڪريو ته پوءِ اوھان جي مدد ڪونه ڪنداسون.
جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ کوڙ ماڻھو سادا آھن سو اصل قصو سمجهڻ بدران ھاڻوڪي وفاقي سرڪارخلاف ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف ڪات ڪھاڙا کڻندا رھن ٿا پر اھو اکر ڪونه ڪڇندا آھن ته عمران خان طرفان آءِ ايم ايف سان ٿيل ٺاهه ڪارڻ اڃا به گهڻي مھانگائي ٿيندي رھندي. اھا به سچائي آھي تہ عمران لاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آندي ھئي ته ڪيترين پارٽين جي ماڻھن عمران خان نيازيءَ خلاف زوردار بيان ئي جاري ڪونه ڪيا ۽ ھاڻي عمران جي اڳوڻن شرطن موجب، مھانگائي وڌندي رھي ٿي تہ ڪيترا فيسبوڪ تي ھاڻي وفاقي سرڪارکي گهٽ وڌ ڳالھائين ٿا يعني عمران جو نالو نٿا وٺن.
بھرحال، عام ماڻھن جي تڪليف کي ڏسي، انھيءَ کي جائز ته نٿو ڪوٺي سگهجي. اسان جي اھا رٿ آھي ته آءِ ايم ايف سان اڳواٽ ٿيل شرطن کي رد ته نٿو ڪري سگهجي، تنھنڪري ضروري ۽ گهربل شين جون قيمتون گهٽائي ته ڪونه سگهبيون ڇاڪاڻ ته اھڙا شرط آءِ ايم ايف طرفان اڳ ئي رکيل آھن. عام استعمال جي ٻين شين جون قيمتون ضرور گهٽائڻ گهرجن. بھرحال، اسان وٽ ڪيترا ماڻھو ٻين شين جي قيمتون گهٽائڻ جي واکاڻ ته ڪونه ڪندا پر پوءِ به عوام جي ڀلائيءَ لاءِ جيترو به ٿي سگهي مناسب فيصلا ڪرڻ گهرجن. مطلب ته لازمي شين جون قيمتون ته آءِ ايم ايف جي شرطن موجب وڌائڻيون پونديون پر ٻين شين ۾ قيمتون گهٽ ڪجن ته بھتر آھي. في الحال ته اھو حل آھي. جيڪڏھن عمران خان سياسي مسئلن تي لاڳيتا ۽ ڪوڙا بيان ڏئي، مصيبتون پيدا نه ڪري ھا ته وفاقي سرڪار مھانگائي گهٽائڻ تي وڌيڪ ڏيان ڏئي ھا جيڪو بھتر ھجي ھا.
بھرحال، اسان جو وفاقي سرڪار کي عرض آھي تہ مھانگائيءَ جو طوفان گهٽائڻ لاءِ جن کاتن ۾ غيرضروري خرچٿين ٿا، اھي گهڻا گهٽايا وڃن. مثال صدر جي پگهار ۾ ڪجھ وقت اڳ لکين رپيا واڌ ڪئي وئي ھئي سا گهٽائي وڃي مطلب تہ مختلف کاتن ۾ غير ضروري خرچ ۾ مناسب گهٽتائيڪئي وڃي تہ ان ۾ ملڪ جي ڀلائي سمايل ھوندي آھي. ياد آيو تہ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو سربراھ ھوتہ پنھنجي پگهار ڪونہ وٺندو ھو ڇاڪاڻ تہ کيس ملڪ جي ڀلائيءَ جي سچ پچ ڳڻتي ھئي. ڪالم لکڻ کا اڳ، مون ھڪ سنڌي اخبار جو مھانگائيءَ بابت ايڊيٽوريل پڙھيوآھي. مون کي پڪ ھئي تہ ھو ضرور لکندا تہ اھا مھانگائي عمران خان نيازيءَ جي، آءِ ايم ايف جي شرطن جي ڪري ٿي رھي آھي ۽ ڳاٽي ٽوڙمھانگائي عمران بار بار آندي آھي پر مون کي اھو ڏسي ڏاڍو اچرج ٿيو تہعمران خان جي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن جو ذرو بہ حوالو ڪونہ ڏنل ھو. رڳو ھاڻوڪي سرڪار کي اڪيلو ذميدار سمجهي سو سيڪڙو مھانگائيءَ ڪارڻ گهٽ وڌ ڳالھايو ويو ھو. منھنجو مقصد آھي تہ سچائي ضرور بيان ڪجي ۽ پوءِ ھاڻوڪي سرڪار تي بہ ڀلي جائز تنقيد ڪجي . بھرحال، عمران خان جيلاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ تي،اڻ سڌي ريت بچاءُ ڪري رڳو ھاڻوڪي وفاقي سرڪار خلاف ھڪ طرفي ڪارروائي ڪري ذھني مريض پيدا نہ ڪجن تہ بھتر ڇاڪاڻ تہ سنڌي فيسبوڪ تي اھڙا گهڻا مريض پيدا ٿيل آھن جن عمران جي لاڳيتي مھانگائيءَ خلاف اکر بہ ڪونہ ڪڇيو ھو ۽ نہ ئي ھاڻي کيس ذميدار سڏي ڪڇن ٿا مطلب تہ ماٺ رھن ٿا ۽ ان جي فائدي ۾ بہ سڌي ريت نٿا ڳالھائين يعني اڻ سڌي ريت حمايت ڪن ٿا.
منھنجي سينيئر صحافي طور، ھاڻوڪيوفاقي سرڪار کي صلاح آھي تہ عوامخلاف ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ جو آزار گهٽائڻ لاءِ، سرڪاري ادارن ۾ غير ضروري خرچ ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ گهٽايا وڃن تہ بھتر. ائين ڪرڻ سان مھانگائي ختم تہ نٿي ٿي سگهندي پر ضرور گهٽجي سگهي ٿي جنھن ۾ عوام جو گهٽ ئي سھي پر فائدو ضرور ھوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button