عمران خان جي سلسلي ۾ عام تاثر اهو آهي ته اقتدار مان نڪرڻ بعد هو هڪ قسم جي “مالي خوليا” جو شڪار ٿي ويو آهي. هن کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته جيڪڏهن اقتدار هن کي نه ٿو ملي ته پوءِ ڪنهن ٻي کي ڇو ملي؟ اهو هڪ عجيب سياسي مرض آهي. ان جو علاج اقتدار کان سواءِ ممڪن ناهي. پر پاڪستان جو اقتدار به ان اردو پهاڪي جهڙو آهي ته “ايڪ انار سئو بيمار”. جنهن جنهن کي اقتدار نه ٿو ملي، ان کي سياست ته ڇا پر زندگي به نه ٿي وڻي.
اقتدار جو مرض اسان جي ملڪي سياستدانن ۾ عام آهي. جڏهن ته ان مرض جي شدت ان عمران خان جي حصي ۾ آئي آهي، جيڪو اقتدار مان نڪرڻ بعد عوام وٽ ويو ۽ عوام کي ساڻ کڻي اسٽيبلشمينٽ وٽ اسلام آباد ياترا تي روانو ٿيو. اسلام آباد ۾ پنهنجن ورڪرن سان چڱي ويڌن ڪرائڻ بعد هو پشاور پهتو آهي ۽ پشاور جي سلسلي ۾ هن لاءِ اهو مشهور ٿي رهيو آهي ته هو پشاور ۾ پناهه وٺي ويٺو آهي. هن کي خوف آهي ته متان اسلام آباد ۾ اچڻ شرط هن کي گرفتار ڪيو وڃي. هونءَ ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ۽ خاص طور تي هن کي ٻڌي لاڪپ ڪرڻ ۽ بعد ۾ جيل اماڻڻ ڪنهن به طرح سان آسان نه آهي پر هيءَ حڪومت اهو ته ڪري سگهي ٿي ته هن جي بني گالا واري گهر کي سب جيل جو درجو ڏئي، هن کي هڪ هنڌ تي هٿيڪو ڪيو وڃي ته جيئن هو ورڪرن ۽ صحافين سان ملاقاتون نه ڪري ۽ اهڙا بيان جاري ڪرڻ کان بچيل رهي، جن بيانن ۾ پاڪستان جا ٽي ٽڪر ٿيڻ واريون ٿيوريز پيش ٿي رهيون آهن. عمران خان جو اهو بيان اهڙي بال وانگر آهي، جنهن تي ڪوئي ڪمزور بيٽس مين به ڀرپور شاٽ هڻي سگهي ٿو. ان ڪري “پاڪستان کپي” وارو نعرو هڻندڙ آصف زرداريءَ هڪ پل به ضايع نه ڪيو ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ پنهنجي پاڻ ته ڇا پنهنجي ايندڙ نسل کي به قربان ڪرڻ جي هام هڻڻ کان نه مڙيو. اهڙي طرح ملڪي سياست ۾ جيڪي نوان پيچ و خم پيدا ٿي رهيا آهن، ان سبب ڪالهوڪا هيرا اڄوڪا ولين ۽ ڪالهوڪا ولين اڄوڪا هيرا بڻجي رهيا آهن.
عمران خان جي چوڌاري هن مهل هڪ اهڙو گهيرو قائم ڪيو ويو آهي جو هو تمام گهڻي ڪوشش جي باوجود به اڳرائي ڪرڻ بدران دفاعي پوزيشن اختيار ڪرڻ تي مجبور آهي. هونءَ به جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو برو وقت شروع ٿيندو آهي ته هو ڪنهن شيءَ کي سڌو به رکندو آهي ته اها شيءَ ابتي ٿي ويندي آهي. جڏهن ته ماڻهوءَ جي سٺي وقت دوران بي ڌيانيءَ سان اڇلايل شيءَ به پنهنجي جاءِ تي پرفيڪٽ طرح پوندي آهي. هن وقت عمران خان جو ٽائيم سٺو ناهي. ممڪن آهي ته اهو وقتي هجي. پر جنهن به اينگل کان ڏٺو وڃي ته عمران خان هڪ ناڪام سياستدان وانگر ڇڙهيون هڻي رهيو آهي. هن جا سياسي ساٿي به پريشان آهن، ان حد تائين جو هن جو مخصوص انداز ڏسي شيخ رشيد به هن کان پاسو ڪرڻ لڳو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڇا پنڊيءَ کان پشاور ڪو پري آهي؟
شيخ رشيد ٽائيپ سياستدانن جي اصل سچائي اسٽيبلشمينٽ سان هوندي آهي. عمران خان هن مهل اسٽيبلشمينٽ کي پريشان ڪرڻ جي پويان آهي. شيخ رشيد کي پنهنجي سياسي چالاڪيءَ تي وڏو فخر آهي پر هن کي اهو به علم آهي ته عمران خان پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃيندو آهي. ان ڪري هن به پنهنجي اڳوڻي وزيراعظم کي ڪجهه سوچڻ ۽ سمجهڻ جو وقت ڏنو آهي. جيڪڏهن عمران خان ۾ اسٽيبشلمينٽ جي سلسلي ۾ ڪجهه سڌارو آيو ته شيخ رشيد اکين کي پير ڪري به ايندو. جيڪڏهن عمران خان پنهنجي ضد تي اڙيو رهيو ته پوءِ شيخ رشيد هن کي اهو شعر واٽس ايپ ڪري سگهي ٿو ته:
“يه جدائيون ڪي رستي بڙي دور تڪ گئي هين
جو گيا وه پهر نه آيا، ميري بات مان جائو”
عمران خان اقتدار کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي. ڇو ته هو ان سوچ هٿان پاڻ به کنڀجي ويو آهي ته هن کان سواءِ پاڪستان جي مٿان ڪنهن کي به حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل ناهي. هو جهڙي طرح سالن کان وٺي اهو ورجائيندو رهيو آهي ته هن جا مخالف ڪرپٽ ۽ چور آهن. انهن ملڪ کي لٽي ڦري برباد ڪيو آهي. ان کان سواءِ هو مڪمل طور تي نااهل ۽ بزدل آهن. ان صورت ۾ پاڪستان تي راڄ ڪرڻ لاءِ قدرت هن جو ئي انتخاب ڪيو آهي. هونءَ به ماڻهو جيڪي ڳالهيون بار بار ورجائيندو رهندو آهي، انهن ڳالهين جي هٿان هو پاڻ به کڄي ويندو آهي ۽ هن کي به اهو لڳندو آهي ته اهي ڳالهيون سچ آهن.
عمران خان جنهن احساس برتريءَ جو شڪار بڻجي ويو آهي، هن جي اها ڪيفيت هن کي ملڪي سياست ۾ مس فٽ Misfit بڻائي رهي آهي. هو پاڻ کان سواءِ ڪنهن کي به سياسي سمجهه جي لائق نه ٿو سمجهي. ان حد تائين جو هاڻي هو ملڪي اسٽيبلشمينٽ تي به کليل تنقيد ڪري رهيو آهي ۽ نه صرف تنقيد ڪري رهيو آهي پر هو ان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيڪڏهن هن جي ڳالهه نه مڃي ويندي ته فوج تباهه ٿي ويندي ۽ ملڪ جا ٽي ٽڪرا ٿي ويندا. ان قسم جو بيان ڪنهن بم کان گهٽ ناهي. پاڪستان جي سياست ۾ عمران خان جنهن انتها طرف وڌي رهيو آهي، ان کي گهٽ ۾ گهٽ هن ملڪ ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ڇو ته هن ملڪ جي باري ۾ آخري فيصلو اسٽيبلشمينٽ ڪندي رهي آهي. جيڪو سياستدان اسٽيبلشمينٽ کي سياسي طور تي اياڻو ۽ جڏو قرار ڏئي، ان جي ايندڙ ارادن جي سلسلي ۾ ڪنهن کي خوف نه ٿيندو؟ عمران خان ڪنهن وقت بنهه آسان هو. هن مهل هو تمام گهڻو مشڪل بڻجي ويو آهي. ڇو ته هو ڪنهن جي به نه ٿو ٻڌي. اهو ئي سبب آهي ته لانگ مارچ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هن جهڙي ريت پشاور منهن ڪيو آهي، اهو به عمران خان جو هڪ طرح سان سياسي فرار آهي. جيتوڻيڪ عمران خان خيبرپختون خوا ۾ ان ڪري به ويٺو آهي جو هن کي ڀرپور قسم جو سرڪاري پروٽوڪول حاصل آهي. هن جو اٿڻ ويهڻ، ملڻ، ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جو هر معاملو حڪومت جي حوالي آهي. خيبر پختون خوا ۾ رهڻ جي دوران عمران خان کي اهو احساس آهي ته ڄڻ هو هن مهل به اقتدار ۾ آهي. آخر هڪ وزير اعليٰ جو پروٽوڪول به ڪنهن طرح سان گهٽ نه هوندو آهي.
پشاور ۾ رهي پوڻ سان عمران خان ان احساس ۾ آهي ته هو اقتدار کان الڳ نه ٿيو آهي. ان سان هڪ ٻي ڳالهه به محسوس ٿئي ٿي ته عمران خان هن وقت اهڙي هنڌ تي پهچي چڪو آهي، جنهن هنڌ پهچڻ وارا پنهنجي خاموشيءَ ذريعي به اهو اظهار ڪندا آهن ته انهن جو اقتدار کان سواءِ جياپو ممڪن ناهي. عمران خان اقتدار جي وبا ۾ وڪوڙجي ويو آهي. هن کي هر حال ۾ پاور گهرجي. ان سلسلي ۾ هن کان بلڪل به صبر نه ٿو ٿئي. پاڪستان ۾ هن جي حامي لابيءَ جو به هن کي اهو مشورو آهي ته هو بنهه آخري آپشن تي نه وڃي. هو ڪجهه خيال ڪري. ايتري انتهاپسندي سياست ۾ صحيح نه هوندي آهي. پر اڳيان به عمران خان آهي. عمران خان جي آڏو هن جي ڪنهن به اڳواڻ کي ٻڙڪ ٻاڦڻ جي همت نه هوندي آهي. جيڪو عمران خان کي چئلينج ڪندو آهي ان جو حشر هاشميءَ جهڙو ٿيندو آهي. ان ڪري پاڪستان جو سيزنڊ يعني تتي ٿڌيءَ جو ڪڙيل ۽ ڪڙهيل شاهه محمود قريشي به چپ آهي. هو به ڄاڻي ٿو ته شينهن کي سندس وات جي ڌپ جو پتو ڏيڻ ڪيترو نه خطرناڪ هوندو آهي.
عمران خان کي ٻه ڏينهن اڳ اهو خيال ٻل ڏئي رهيو هو سپريم ڪورٽ هن سان سهڪار ڪري رهي آهي. اهو ممڪن آهي ته سپريم ڪورٽ هن سان جيڪو هن جي اقتدار جي آخري ڏينهن تي سلوڪ رکيو، ان کي توازن ۾ آڻڻ جو به ڪو خيال هجي! پر مجموعي طور تي سپريم ڪورٽ ڪنهن به صورت سان ايترو گهڻو سهڪار افورڊ نه ٿي ڪري سگهي. سپريم ڪورٽ ملڪي انصاف جو اعليٰ ترين ادارو آهي. اهو ادارو پاڻ کي سياست ۾ الجهائي، پنهنجي غيرمتنازعه پوزيشن کي داوَ تي ڇو لڳائيندو؟ هي ته عمران خان آهي، جيڪڏهن پاڪستان جون سموريون پارٽيون بشمول عمران خان به ميڙ ڪري بيهن ۽ سپريم ڪورٽ کي پاڻ سان مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ چون ته سپريم ڪورٽ ان صورت ۾ به صاف انڪار ڪرڻ جي لاءِ پابند آهي.
سپريم ڪورٽ جڏهن لانگ مارچ جي سلسلي ۾ آءِ ايس آءِ کي پنهنجي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي ته ان کان پوءِ عمران خان جي پيشانيءَ تي پريشانيءَ جا پگهر اچڻ لڳا آهن. عمران خان جيڪو ڪجهه به چيو آهي، اهو ڪجهه هن جي لاءِ قانوني طور تي ڪوڙڪيءَ جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. عمران خان جي هزار خوبين کي هن جي هڪ خرابي ختم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي خودمختيار آهي ته عمران خان جو پنهنجي زبان تي ڪو ڪنٽرول نه رهيو آهي. هو ڪنهن به وقت، ڪنهن جي به باري ۾، ڪا به ڳالهه ڪري سگهي ٿو!
عمران خان جي ان خاص علالت سبب هن جي پوري پارٽي پريشان آهي. هو ڪنهن جو به راز راز رکڻ جي پوزيشن کان پرڀرو ٿيندو پيو وڃي. ان کان سواءِ هن کي اهو به خوف آهي ته هن کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ هن کي سازش ذريعي ختم به ڪري سگهجي ٿو. خيبرپختپون خوا ۾ رهي پوڻ جو هڪ اهم سبب اهو به آهي ته عمران خان بني گالا جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي پشاور ۾ محفوظ سمجهي ٿو. اقتدار مان ڪڍيو وڃڻ کان وٺي موت جي خوف تائين عمران خان جي اڪيلي ذات مٿان جيڪي ڀاري بار پيا آهن، انهن سبب عمران خان نفسياتي طور تي الجهاءَ جو شڪار ٿي ويو آهي. هن جي ان نفسياتي پيڙا جا اثر صرف هن جي پارٽيءَ تي نه پر پوري پاڪستان تي پئجي رهيا آهن.