ٻي مهاڀاري جنگ جي پڄاڻي کان پو دنيا ۾ ٻن نون لقائن ڪر کنيو، هڪ پاسي ٻن بلاڪن ۾ سرد جنگ جي شروعات ٿي ته ٻئي طرف نئين بيٺڪيت يا نيو-ڪلونيئلزم جو لقاءُ اڀريو. نيو-ڪلونيئلزم اصل ۾ دنيا جي نون آزاد ٿيل ملڪن تي نئين سامراجي والار جو منصوبو هو. اهو بيٺڪي ڳٽ ڳچيءَ مان لاهيندڙ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي اسرندڙ آزاد ملڪن تي سامراجي رياستن پاران اڻبرابريءَ تي ٻڌل معاشي ۽ سياسي رشتن جو هڪ نظام هو، جنهن جو بنيادي مقصد انهن ملڪن جي عوام جو سامراجي استحصال برقرار رکڻ ۽ کين ڳيجهو بڻائي رکڻ هو. جيئن ته ٻي عالمي جنگ کان پوءِ سامراج جو بيٺڪي سرشتو ڊهي پيو. سامراجي رياستن پاران انهن ملڪن جي نئين سر والار جي ضرورت پيدا ٿي، ڇاڪاڻ ته بيٺڪي نظام جي خاتمي کان پوءِ سامراجي طاقتن وچ ۾ دنيا جو علائقائي ورهاڱو ڪري، ان تي سڌي قبضي جو دور پڄاڻيءَ تي پهتو. نيو-ڪلونيئلزم هيٺ دنيا کي معاشي طور ورهائڻ ۽ نئين سياسي، معاشي ۽ اسٽريجڪ دائري اثر جي تشڪيل لاءِ سامراجي رياستن ۾ هڪ نئين جدوجهد جو آغاز ٿيو. ٻئي پاسي سوويت بلاڪ ۽ سرمائيداري بلاڪ ۾ سرد جنگ جي شڪل ۾ هڪ نئين ڇڪتاڻ جي پڻ شروعات ٿي. ان صورتحال ۾ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي نئين آزاد ٿيل ملڪن هڪ ٽين رستي جي چونڊ ڪئي، جنهن جو مقصد بنيادي طور ٻن بلاڪن جي اثر کان پاڻ کي بچائي ٽين رستي جي چونڊ ڪرڻ هو ته جيئن پنهنجن ملڪن جي جديد سماجي-معاشي ۽ سياسي اوسر جو شڪليون طئي ڪري سگهجن. اهو ئي سبب هو جو نام يا Non-Aligned Movement (غيروابستا تحريڪ) اڀري.
غيروابستا تحريڪ، جنهن جون شڪليون 1955 ۾ بانڊونگ ڪانفرنس کان پو اڀريون، دراصل ويهين صدي جي قومي آزادي جي جدوجهد ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿي. ويهين صدي ۾ ان تحريڪ جي طاقت ان جي سامراج دشمني، استعمار دشمني ۽ نسل پرستي جي مخالفت ۾ لڪل هئي. جيتوڻيڪ اها تحريڪ سوويت بلاڪ جي دائري اثر کان ٻاهر هئي، تڏهن به ان سان ويجهي تعلق جي بنياد تي هڪ سياسي تحريڪ جي حيثيت سان وجود ۾ آئي ۽ ان کي ترقي ملي.
غيروابستا تحريڪ عالمي منظر تي هڪ اهڙي نازڪ تاريخي مرحلي ۾ نمودار ٿي، جڏهن قومي آزادي، جمهوريت ۽ سوشلزم جي حق ۾ عالمي قوتن جي صفبندي ۾ تبديلي اچي رهي هئي. ۽ ان سامراج جي بيٺڪي يا استعماري نظام کي تيزرفتاري سان منتشر ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن ان نظام جي کنڊرن تي هڪٻئي پٺيان نيون رياستون ظاهر ٿي رهيون هيون. بين الاقوامي سامراجي حلقن، جن تاريخ جي ڌارا جو رخ موڙڻ پئي چاهيو، سوويت يونين ۽ ٻين ملڪن خلاف دنيا جي مختلف حصن ۾ فوجي بلاڪن جو ڳٺ جوڙ شروع ڪري ڇڏيو. ان کان سوا انهن بلاڪن جو مقصد اهو به هو ته اڳوڻين بيٺڪن ۽ نون آزاد ٿيل ملڪن کي هڪ نئين شڪل ۾ مغربي طاقتن جي زنجير ۾ ٻڌي رکجي.
نون آزاد ٿيل ملڪن جي حالتن جي نقطه نظر کان جن بيٺڪيت جي قيد مان اڃا ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هو، ان مقصد جي حاصلات جو انتهائي عملي رستو فوجي بلاڪن ۾ عدم شرڪت هو. جن کي سامراجي انهن تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. انهن محرڪن غيروابستا تحريڪ کي بنهه شروعات کان ئي هڪ سامراج مخالف ڪردار بخشيو. رياستي ۽ حڪومتي سربراهن جي پهرين غيروابستا ڪانفرنس 1961ع ۾ بلگريڊ ۾ ٿي. جنهن ۾ جواهر لال نهرو، ڪوامي نڪروما، جمال عبدالناصر، سوڪارنو، ٽيٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان جي شرڪت ڪندڙن پنهنجي اعلان ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته انهن جو اصل مقصد امن لا ۽ نئين بيٺڪيت ۽ نسل پرستي خلاف جدوجهد آهي. غيروابستا ملڪن هڪ پاسي قومن جي برابري ۽ ٻئي طرف سامراج خلاف جدوجهد تي مسلسل زور ڏنو. 25 غيروابستا رياستن ۽ ملڪن جا سربراهه بلگريڊ ۾ گڏ ٿيا ۽ هنن واضح طور اهو اعلان منظور ڪيو هو ته هو پرامن بقا باهمي جي بنياد تي آزاداڻي پاليسي تي عمل پيرا ٿيندا. آزادي لا جدوجهد ڪندڙ قومن جي هرممڪن مدد ڪندا، ڪنهن فوجي ڳٺ جوڙ يا بلاڪ ۾ شرڪت نه ڪندا ۽ پنهنجي سرزمين تي پرڏيهي فوجي اڏا قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. پنهنجي قيام جي ستت پو ئي غيروابستا تحريڪ بين الاقوامي لاڳاپن جو هڪ اهم عنصر بڻجي وئي. رڳو 10 سالن اندر ان تحريڪ ۾ 87 آزاد ايشيائي، آفريڪي ۽ لاطيني آمريڪي ملڪ شامل ٿي چڪا هئا. ان تحريڪ جي سامراج مخالف ۽ استعمار دشمن ڪردار بيٺڪي ڳٽ ڳچي مان لاهيندڙ ٻين ملڪن لا به اتساهه جو ڪردار ادا ڪيو.
ڪولمبو ۾ ٿيل پنجين ڪانفرنس آگسٽ 1976 ۾ 86 ايشيائي، آفريڪي، لاطيني آمريڪي ۽ يورپي ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي هئي. غيروابستا تحريڪ جي سامراج دشمن ڪردار ۽ طاقت کي ڏسندي نيٺ سوويت يونين جي سربراهه برزنيف کي به آڪٽوبر 1976ع ۾ سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي مڃڻو پيو ته غيروابستا تحريڪ سامراج دشمن، استعماريت ۽ جارحيت خلاف قومن جي جدوجهد جي عالمگير محاذ جي هڪ اهم ڪڙي بڻجي چڪي آهي ۽ اهو ته مجموعي طور غيروابستا تحريڪ پنهنجي ترقي پسنداڻي جوهر کي باقي رکيو آهي.
ڪولمبو ڪانفرنس معاشي مسئلن تي توجهه ڏنو هو. ۽ هن ان موضوع تي تقريبن هڪ درجن ٺهرا منظور ڪيا هئا. هن “اجتماعي پاڻڀرائپ” ۽ “هڪٻئي تي ڀاڙڻ” جي اصولن جي بنياد تي قائم نئين بين الاقوامي معاشي نظام جي مطالبي تي زور ڏنو هو. ان ڪانفرنس جي دستاويزن ۾ سامراجي اجاريدارين پاران نون آزاد ٿيل ملڪن جي استحصال جي مذمت ڪئي وئي هئي. ڪانفرنس اعلان ڪيو هو ته اسرندڙ ملڪن کي اهو حق حاصل آهي ته هو انهن اجاريدارين جي سرگرمين تي ڪنٽرول قائم ڪن ۽ لاڳاپيل ملڪ جي مفادن مطابق انهن کي قومي ملڪيت قرار ڏين. ان ڪانفرنس جي منظور ٿيل دستاويزن ۾ جائز طور سامراجين ۽ استعماريت پسندن کي نون آزاد ٿيل ملڪن جي معاشي پسماندگي جو ذميوار ٺهرايو ويو هو. سامراجي ۽ استعماريت پسندن ان اڻبرابري تي ٻڌل بين الاقوامي معاشي نظام ذريعي، جيڪو هنن قائم ڪيو هو ۽ جنهن جون وڏيون خاصيتون اڻبرابري تي ٻڌل مٽاسٽا ۽ گهڻ قومي ڪمپنين جي اجاريداراڻي منافعي خوري هئي، اڃا به ترقي پذير ملڪن کي ڦرلٽ جو نشانو بڻائيندا پئي آيا. يعني هو تيار ٿيل جنسن جون ڳريون قيمتون اوڳاڙيندا رهيا ۽ خام مال گهٽ اگهه تي خريد ڪندا رهيا. ڪانفرنس جي دستاويز ۾ اهو مطالبو به شامل هو ته سڀئي اسريل ملڪ، يعني سرمائيدار ملڪ ۽ سويت يونين وغيره به، پنهنجي ڪل قومي پيداوار جو ڏهائي 7 سيڪڙو حصو اسرندڙ ملڪن کي مالي ۽ معاشي امداد طور ڏين.
(هلندڙ)