رياست جي اندر سياست جا ادارا سياسي پارٽيون هونديون آهن جيڪي عوام جي طاقت سان عوام ۾ جمهوريت جو شعور انهيءَ جي اهميت افاديت، عوام دوستي، حب الوطني، انسان دوستي، ملڪي ۽ عالمي ترقي جا نظريا عوام تائين پهچائڻ جو ڪم هڪ فرض سمجھي ادا ڪنديون آهن ته جيئن عوام باشعور ٿي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري نه رڳو هو ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪري پر ووٽ جي ذريعي وجود ۾ ايندڙ حڪومت جو ڪردار انتظامي، سماجي ۽ سياسي عمل تي نگاھه رکي ته حڪومت جو ڪهڙو ڪردار ڪيئن ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي. ادارن جيان ڪم ڪندڙ پارٽين ۾ ليڊر يا فرد جي اهميت پارٽي جي اداري جي اڳيان ثانوي يعني ٻئي درجي جي هجي ٿي، ڀلي اهو فرد ڪيترو به باعمل ۽ باصلاحيت هجي ايئن ئي جيڪڏهن ڪو ليڊر پنهنجي بي پناهھ صلاحيتن سان پارٽي کي عوام ۾ تمام گھڻي مقبوليت تائين پهچايو هجي پر اهو فرد يا ليڊر ڪڏهن به پارٽي کي پنهنجو محتاج ۽ پنهنجي گرفت ۾ نه رکي سگھندو.
وقت جي وهڪرن ۽ ارتقائن ۾ پارٽيون ادارن جيان پنهنجو ڪردار نڀائيندي اڳتي وڌنديون رهنديون آهن فرد پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندي پنهنجي هڪ تاريخ ۽ اهميت رقم ڪري ويندا آهن پر پارٽي انهن جي ڪڏهن به محتاج ناهي رهندي اهوئي سبب رهيو آهي جو ترقي يافته ملڪن جي اندر سياسي پارٽيون بهترين کان بهترين ليڊر پيدا ڪنديون رهيون آهن پر ڪڏهن به ڪنهن ليڊر پارٽي کي پنهنجي ملڪيت ۽ جاگير تصور ناهي ڪيو ۽ نه ڪري سگھي ٿو انهيءَ ڪري انهن معاشرن جي اندر پارٽيون پنهنجي پروگرام نظريي ۽ منشور سان سڃاتيون وينديون آهن ۽ جڏهن ڪا پارٽي پنهنجي پروگرام ۾ هڪدم پوئتي هٽڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته عوام ان پارٽي کي سخت تنقيد جي زد ۾ آڻيندو آهي پارٽين جا ليڊر به ان بنيادن تي مشهور هوندا آهن ته هو پنهنجي صلاحيتن سان پارٽي جي پروگرام کي
ڪيترو کڻي اڳتي وڌي ٿو ۽ انهيءَ ۾ ڪيترو اضافو ڪندي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ بهتري پيدا ڪئي آهي. تنهنڪري جيڪڏهن انهن ترقي يافته ملڪن جي تاريخ تي نظر وجھنداسين ته انهن پارٽين ۾ انهن ليڊرن جي هڪ ڊگھي فهرست نظر ايندي پر ان فهرست ۾ ڪٿي به خاندان جو ٽپو يا گرفت نظر نه ايندي آهي، پوئتي پيل ملڪن ۽ معاشرن جو برو الميو اهوئي هوندو آهي ته انهن ملڪن پارٽيون گھڻي ڀاڱي هڪ ليڊر جي پوءِ لڳ گروھه جي صورت ۾ رهنديون آهن جيئن پيري مريديءَ جا گروھه، هڪ خاندان يا گاديءَ جي گرد جمع هوندا آهن پوءِ اهو ليڊر پوري پارٽي کي پنهنجي جاگير جيان ئي استعمال ڪندو آهي هو ڪنهن به صورت ۾ پارٽيءَ کي هڪ اداري جي جوڙجڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪندو ۽ پارٽيءَ جا جيڪي به پرت هو جوڙيندو آهي يعني يونٽن کان تعلقن ۽ ضلعن ۽ پوءِ ڊيوزيزن کان صوبن تائين ويندي مرڪزي ڪميٽي جي جوڙجڪ ۾ به اهي فرد ۽ عهديدار آندا ويندا جيڪي ليڊر جي نگاهھ ۾ هن جا بااعتماد ۽ پوئلڳ هجن پوءِ هو پوري پارٽي کي بغير ڪنهن چون چران جي پنهنجي مرضيءَ جي فيصلن تي هلائيندي نظر ايندو آهي ۽ پارٽي جي پوري ڪارڪردگي پنهنجي شخصي پاپولرٽي ۾ شامل ڪري اهوئي تاثر اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيڪو ڪجهھ به آهي ان ليڊر جي بدولت آهي جيڪڏهن ليڊر نه رهندو ته پارٽي به نه رهندي يعني پارٽي جيڪا طاقت رکي ٿي اها ليڊر جي ڪرشماتي صلاحيت جي بدولت ئي رکي ٿي.
اهڙين پارٽين ۾ ليڊرن کي ان وقت ڏکايون پيش اينديون آهن جڏهن پارٽي کان ٻاهر رهندڙ مشهور ۽ اليڪٽيبل فرد يا ٻين پارٽين جا ناليوارا اڳواڻ انهن پارٽين ۾ شامل ٿيندا آهن جن پارٽين جي هو پيداوار ناهن هوندا، انهن جي شامل ٿيڻ سان گھڻي ڀاڱي اها ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته هو پارٽي جو اسٽيٽسڪو برقرار رکن ۽ هو رکڻ جا قائل به هوندا آهن ڇو ته جنهن سماج مان هو سياسي سفر ڪري آيا آهن اتي تقريبن ساڳئي صورتحال ۽ ڪلچر رهيو هوندو آهي انهن کي نئين پارٽي ۾ هلڻ ۽ ليڊر جو پوئلڳ ٿيڻ ۾ ڪا به دشواري ناهي ايندي پر ڪن ڪن مرحلن تي ٿوري گھڻي دقت پيدا ٿيندي آهي جنهن کي گھڻي ڀاڱي هو برداشت ڪري ويندا آهن يا کين پارٽي جي ليڊرشپ انهن کي هلائڻ جي ڊپلوميٽيڪ حڪمتِ عملي اختيار ڪندي آهي.
اسان جنهن ملڪ ۽ معاشري ۾ رهون ٿا اتي 99 سيڪڙو سياست جو ڪلچر ۽ انداز اهوئي رهيو آهي پاپولر ليڊرشپ ڪجھه عرصو نعرن ۽ نون واعدن سان پنهنجو اثر ڇڏيندي آهي وقت گذرڻ سان جيڪڏهن هو اليڪشن کٽي ايندا آهن يا کٽرايا ويندا آهن ته هو پنهنجي واعدن ۽ پروگرامن تي عملي طرح تي پورا لهي ناهن سگھندا يعني ڊليور ناهن ڪري سگھندا ڇو ته هن ملڪ جي بيوروڪريسي جنهن به صورت ۾ آهي اها انتهائي سخت آرگنائيز ۽ منظم آهي ساڳي طرح ڪاروباري حلقه صنعت ڪار ۽ واپاري انتهائي منظم طريقي سان پنهنجون آرگنائيزيشن رکندا آهن اقتدار ۾ ايندڙ سياسي جماعت لاءِ انتهائي مشڪل هوندو آهي ته هو انتظامي ۽ سماجي ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ ڪري سگھي اهوئي سبب هو جو ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن اقتدار ۾ آيو ته هن سڀ کان پهريان مٿاهين بيوروڪريسي جي مٿان پنهنجو مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ڪيترن ئي بيوروڪريٽس کي نوڪري کان خارج ڪري ڇڏيو هو ته جيئن هن جي انتظامي گرفت مضبوط رهي سگھي بعد ۾ هن صنتعون ۽ بينڪون قومي ملڪيت ۾ ورتيون پر هن جو اڌورو سوشلزم، اڌورو ان ڪري رهجي ويو سفر اڳتي نه وڌائي سگھيو ڇو ته هن وٽ انقلابي پارٽي نه هئي ڇو ته ان وٽ هڪ انبوھه هو، جنهن ۾ جيئي ڀٽو جا نعرا هڻندڙ ته موجود هئا پر رياست جي اندر سماجي معاشي ۽ انتظامي ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ اهڙي پارٽي هئي هي ڪا نه اهڙي پاڙٽي ٺاهي وئي هئي تنهن ڪري اهي قدم يا اصلاح پير نه هجڻ جي ڪري معذور بڻجي ويا ۽ اهي صنعتون خود معيشت جي مٿان هڪ وڏو ٻوجهھ بڻجي ويون ۽ ائين ٿيڻو هيو پاڻ مارشل لا جي دور جي ڳالهھ نٿا ڪريون پر جمهوري دور ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون اقتدار ۾ آيون انهن ۾ مضبوط سياسي تنظيم ۽ ادارا نه هجڻ جي ڪري اهي پارٽيون بيوروڪريسي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اڳيان درباني جيان رهيون، اهو ئي سلسلو هلندي اسان ڏسون ٿا ته ڪا به پارٽي پنهنجي منشور ۽ مقصد تي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ به ڪم ناهي ڪري سگھي انهيءَ جي ابتڙ سياسي پارٽي جا عهديدار عوام ۾ سياسي ڪم ڪرڻ جي بجاءِ مستقبل جي ليڊر ٿيڻ جي لاءِ دولت پويان ڊوڙندي نظر پيا اچن هڪڙا ڪافي حاصل ڪري چڪا آهن ٻيا حاصلات جي ڪوشش ۾ آهن سياسي پارٽين ۾ جڏهن ليڊر ۽ پاپولرٽي کان سواءِ ادارتي عمل ناهي هوندو ته پوءِ لازمي طور تي ليڊر پنهنجي پارلياماني طاقت کي آرگنائيز ڪرڻ جي لاءِ اليڪٽبل پرسن کي ئي فوڪس ڪندا آهن ۽ اهي دولتمند طبقي جا ماڻهو هڪ ڏينهن پارٽي ۾ شامل ٿيندا آهن ٻئي ڏينهن کي مرڪزي عهدا ايم پي اي، ايم اين اي جا عهدا ملڻ شروع ٿيندا آهن سڀني جيان ساڳيو عمل تبديلي جي نعرن سان گوجندڙ عمران خان جو به ساڳيو ئي رهيو ٻين ۽ هن ۾ فرق هي رهيو ته ٻيا ليڊر پنهنجي ذات جي داخليت پرستي ۽ انائن جو ايترو شڪار نه هئا جيترو عمران خان آهي هو رڳو اهوئي پيو سمجهي ته هن جي ذات کان ٻاهر نه پاپولرٽي ۽ نه وري ايمانداري ڇو ته جن کيس 2018 جي اليڪشن ۾ اڳتي وڌايو ته انهن به کيس اهوئي تاثر ڏنو ته هو انتهائي پاپولر ۽ ايماندار ليڊر آهي ۽ هن کي اهوئي سمجھايو ويو ته تنهنجي ايمانداري ۽ پاپولرٽي اوستائين اقتدار نٿي ماڻي سگھي جيستائين اسان جي غيبي طاقت تنهنجي مدد نه ڪري اقتدار ملڻ کان پوءِ هن جو حشر ۽ نشر اهوئي ٿيو جيڪو تاريخ ۾ ٻين ليڊرن جو ۽ پارٽين جو ٿيندو آيو آهي ٿورو فرق هي هيو ته ٻيا حڪومتي معاملن ۾ وڌيڪ تجربو رکن پيا هن کي اهو اڃان تجربو نه هيو اقتدار جي گيم جڏهن نتيجا نه ڏئي سگھي ۽ آڻيندڙ به بيزار ٿيا ته پوءِ کيس الوداع ڪيو ويو ۽ الوداع ڪندڙن پاڻ کي نيوٽرل ڪيو هاڻي هو سمجھي ٿو ته جي صورتحال اهائي ساڳي رهي ته پوءِ ايندڙ اليڪشن ۾ هو پهريان کان به بري شڪست
کائيندو، تنهنڪري هن جو پورو زور اهوئي آهي ته رياست جي ادارن تي سياسي دٻاءُ وجھي کين پنهنجي سياسي سپورٽ ۾ آڻي ظاهر آهي ته اهو عمل جڏهن بيڊور ڪرڻ جي بجاءِ پبلڪ پريشر سان کلي عام ميڊيا ۽ جلسن ۾ ڪندو ته پوءِ رياست جا ادارا نه رڳو محتاط ٿيندا پر هن کان وڌيڪ پاسيرا ٿيندا ۽ ان پوري عمل ۾ سندس پارٽي جا اليڪٽبل پرسن ۽ مٿين سطح جي قيادت هن کي پارٽي جي مٿان ٻوجھه تصور ڪنديون ۽ هڪ اهڙو ٻوجهھ آهي جنهن جو دٻاءُ کڻي هو هلي به نٿا سگھن ۽ هلائي به نٿا سگھن ۽ ان جو نتيجو ڇا نڪرندو اهو سمجھڻ ڏکيو ناهي.