پيٽرول جي قيمت ۾ اوچتي ۽ ايتري واڌ جي باري ۾ ته ڪنهن سوچيو به نه هو. ماڻهن کي اهو معلوم هو ته هيءَ حڪومت آءِ ايم ايف جي حڪم تي پيٽروليم جي قيمتن ۾ ڪجهه نه ڪجهه اضافو ڪندي پر اهو اضافو ايترو هوندو؟ ان جي باري ۾ ڪنهن کي پوري طرح سان پڪ نه هئي. پر ڇا ڪجي اسان هڪ اهڙي ملڪ ۾ رهڻ جي سلسلي ۾ مجبور آهيون، جتي ڪنهن به وقت، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. اهو ڪجهه جيڪو اسان وٽ ٿيندو آيو آهي ۽ هن مهل به ٿي رهيو آهي، اهو ڪجهه جيڪڏهن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٿئي ها ته ماڻهو روڊن ۽ رستن تي نڪري اچن ها ۽ ڪنهن به طرح سان هن حڪومت کي ايتري من ماني ڪرڻ نه ڏين ها. پر مصيبت اها آهي ته جيڪي حڪمران تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪن ٿا، جيڪي حاڪم مهانگائيءَ جي جن کي بجيٽ جي بوتل مان ٻاهر ڪڍن ٿا، انهن جي مٿان مهانگائي ڪنهن به طرح سان مصيبت جو ڪارڻ نه ٿي بڻجي. ڇو ته اهي حڪمران آهن ۽ حڪمران هجڻ جو مطلب اهو آهي ته نه صرف هو پر انهن جي ملازم به پنهنجا گهر حڪومتي مزن سان هلائين ٿا. انهن کي به عوام جي ٽيڪس مان جمع ٿيل فاعدا حاصل ٿين ٿا. انهن کي ڪهڙي پرواهه ته عوام جي مٿان مهانگائيءَ جي مصيبت ڪيتري وڌي وئي آهي؟ هو جيڪي 30 روپين جي اضافي جي سمريءَ تي صحيح ڪن ٿا، انهن کي خبر نه ٿي پوي ته ان عمل سان هو ڪروڙن ماڻهن جي وات مان گرهه کسين ٿا. انهن جو پيٽرول ته مفت آهي. انهن جي ماني به مفت آهي. انهن جو فروٽ به فري آهي. انهن جي دوا دارون ۽ انهن جو جيئڻ سڀ ڪجهه سرڪاري خرچ تي ٿئي ٿو ۽ ان کان سواءِ هو پنهنجي سرڪاري پوزيشن کي استعمال ڪري ايترو ته مال ڪمائين ٿا، جو انهن کي اها پرواهه ئي ناهي ته انهن جو خرچ ڪيترو آهي.
انهن جا گهڻا تڻا ڪاروبار ۽ انهن جي گهڻي بچت ٻاهر رکيل آهي ۽ اها ڊالرن ۾ آهي. ان ڪري جڏهن ڊالر مهانگو ٿئي ٿو ته انهن کي بنا ڪنهن محنت جي لکن ۽ ڪروڙن جو فائدو پهچي ٿو. ان صورت ۾ انهن کي ڪو فڪر ڇو ٿيندو؟ جڏهن به ڪنهن حڪمران جي ذاتي ۽ سرڪاري مفاد ۾ تضاد پيدا ٿي وڃي، تڏهن سمجهڻ گهرجي ته ملڪ هڪ وڏي مصيبت ۾ داخل ٿي رهيو آهي. هن مهل ملڪ جو حال تمام گهڻو خراب آهي. اسان جنهن جياپي جي دور مان گذري رهيا آهيون، اهو نه رڳو مشڪل آهي پر هر گهڙي ان جي تڪليف ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اسان کي پنهنجي ان روش تي ايترو ته افسوس ٿئي ٿو جو اسان پنهنجي اها پيڙا ڪنهن سان به شيئر ڪري نه ٿا سگهون. ڇو ته اسان جو حال ان اردو شعر جهڙو ٿي ويو آهي ته:
”اس بستي مين ڪون هماري آنسو پونڇي گا؟
جس ڪو ديکو اس ڪا دامن ڀيگا لگتا هي“
جيڪڏهن ماڻهوءَ سان اهو حشر هجي ته هو ڇا ڪري؟
اسان جي حڪمرانن کي ان جي پرواهه ناهي ته ماڻهو ڪهڙي طرح پيٽ ڀري سگهن ٿا. ان مهل اسان کي شرم نه پر تمام گهڻو غصو اچڻ گهرجي، جڏهن اسان سرڪاري سرپرستيءَ ۾ سڀني ماڻهن جي سامهون سرڪاري لنگر خانا ڏسون ٿا ۽ وڏي ڳالهه ته حڪمران پنهنجي ان عمل تي وري فخر به ڪن ٿا. جڏهن ته انهن کي ٻڏي مرڻ گهرجي. ڇا انهن کي معلوم ناهي ته دنيا جو ڪو به خودار ماڻهو ڪڏهن به ڪنڌ مٿي ڪري خيرات جي ماني نه کائيندو. پر غربت ختم ڪرڻ بدران ماڻهن جي خودداريءَ کي تباهه ڪرڻ جو عمل انسانيت جي توهين آهي. جڏهن اهي حڪمران وري قومي خودداريءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، تڏهن ايتري ته ڪاوڙ اچي ٿي، جنهن جو بيان به مشڪل محسوس ٿئي ٿو. مون کي عمران خان جي لاءِ سدائين نرم گوشو رهيو آهي پر جڏهن هن پنهنجي حڪومت ۾ کاڌي خوراڪ جا خيراتي سينٽر قائم ڪيا هئا، تڏهن مون کي تمام گهڻو افسوس ٿيو هو. ڇو ته اسان ڪجهه ماڻهن کي فقير بڻائي، معاشري مان غربت ختم ڪري نه ٿا سگهون. جيڪڏهن حڪومت کي ايترو ئي احساس آهي ته ماڻهو کي خيراتي ماني کارائڻ بدران انهن جي گهرن تي راشن ڇو نه ٿي موڪلي؟ جيڪڏهن انهن کي عوام جو درد آهي ته بنيادي ضرورت جون شيون سستيون ڇو نه ٿي ڪري؟
حڪومتن کي صرف پنهنجي نمود ۽ نماش گهرجي. عام ماڻهوءَ جي مٿان ڇا ٿو گذري؟ انهن کي ڪيتري پيڙا محسوس ٿئي ٿي؟ انهن جي تڪليف ڪيتري آهي؟ انهن جي ڏکن جو گراف ڪيترو وڌي ويو آهي؟ ان باري ۾ انهن کي ڪجهه به نه ٿو محسوس ٿئي. اها هڪ شرمناڪ ڳالهه آهي ته عمران خان جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جو سبب مهانگائي ڄاڻائيندڙ سياستدان جڏهن لوٽا شوٽا ڪٺا ڪري، هڪ حڪومت قائم ڪن ٿا ته ان حڪومت جو پهريون ڪم مهانگائيءَ ۾ اضافو ڪرڻ آهي. مون کي هڪ طرح جي تلخي محسوس ٿي رهي آهي. جڏهن پاڪستان جو مشهور ڪردار آصف زرداري ميڊيا تي آيو هو ته هو هڪ وڏي عوام دوست ۽ عوامي حڪمران وانگر ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي عمران خان جي مٿان طنز ڪري رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته عمران خان اهو چئي رهيو آهي ته هو پٽاٽي ۽ ٽماٽي کي سستو ڪرڻ نه آيو آهي. جڏهن ته اسان جي ڪوشش اها آهي ته پٽاٽي ۽ ٽماٽي جي قيمت ۾ ڪمي آڻيون. عمران خان جي حڪومت مٿان اهڙي تنقيد ڪرڻ وارا پاڻ ڇا ڪري رهيا آهن؟ هن وقت کاڌي پيتي جي هر شيءَ ۾ جيڪو اضافو آيو آهي، ان ته ماڻهو جو جيئڻ تمام گهڻو مشڪل ڪري ڇڏيو آهي. ان کان سواءِ هي جيڪو تيل جي قيمت ۾ واڌ وارو فيصلو ٿيو آهي، اهو ته ماڻهن کي ايترو ڇتو ڪندو، جنهن جو اندازو لڳائڻ به آسان نه آهي. ڇو ته ماڻهو هن مهل بنهه تنگ آهي. انهن کي خبر نه ٿي پئي ته هو ڇا ڪن؟
عمران خان جي مٿان اها تنقيد به ٿي رهي آهي ته هن زوريءَ زبردستيءَ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ اضافو ٿيڻ نه ڏنو. ڇا اها تنقيد جائز آهي؟ جيڪڏهن ڪا حڪومت عوام جي مٿان عذاب نازل ڪرڻ بدران سبسڊي ڏئي رهي آهي ته ڇا هن جو اهو عمل قابل تنقيد آهي؟ هي حڪمران ڪنهن به طرح سان عوام جي مٿان احساس ڪرڻ وارا ناهن. جيڪڏهن انهن جي دلين ۾ عوام جي لا احساس هجي ها ته هوند هو اهڙا فيصلا نه ڪن ها، جن فيصلن سان ماڻهن جو جياپو مشڪل بڻجي ويو آهي. هي وقت پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻو ڪٺن آهي. ڇو ته هن وقت پاڪستان جي باري ۾ عام تاثر اهو آهي ته پاڪستان ڪنهن به طرح سان معاشي بحران کي منهن ڏئي نه سگهندو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته پوري دنيا هن مهل ڪورونا کان پوءِ واري صورتحال سبب اقتصادي بحران مان گذري رهي آهي. پر اسان کي اها ڳالهه ڪنهن به طرح سان فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته هر ڪنهن جي لاءِ هر ڳالهه الڳ هوندي آهي. جن ملڪن جي اسان ڳالهه ڪريون ٿا، انهن وٽ ايتري دولت آهي ته جو هو پنهنجي عوام کي هن مشڪل دور مان گذاري ويندا. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اهي ملڪ به هن طوفان کي منهن ڏئي ويندا، جن جو حال اڳ ۾ ئي هيڻو هو. جهڙي طرح پاڪستان ۾ آيل مهانگائيءَ جي تازي طوفان جي سلسلي ۾ اها ڳالهه طئه آهي ته غريب انسان ته بنهه تباهه ٿي ويندو پر امير جن وٽ دولت جا انبار آهن، اهي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڏکيو وقت ڪاٽي ويندا. پر ان جو مطلب اهو نه سمجهڻ گهرجي ته غريب به معاشري ۾ ڪا تڪليف محسوس نه ڪندا. اهي بلڪل تمام وڏي مصيبت ۾ آهن ۽ مصيبت ۾ رهندا. انهن جي پيڙا صرف انهن کي محسوس ٿي سگهندي. ساڳي طرح سان دنيا جا امير ملڪ هن معاشي ڊپريشن مان لنگهي پار پوندا پر غريب ملڪ ته اهو مرحلو عبور نه ڪري سگهندا. اسان وٽ پاڪستان جو مثال موجود آهي. پاڪستان غريب ملڪ آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف جا شرط مڃي پنهنجي عوام کي مصيبت ۾ وجهي رهيو آهي پر جن ملڪن جي معاشيات اهڙي ناهي جو هو آءِ ايم ايف کان قرض گهرن ۽ ان جون شرطون تسليم ڪن، انهن ملڪن کي ڪهڙي پرواهه ته غربت ۾ ملڪن کي ڪهڙا ڪڙا شرط تسليم ڪرڻا پوندا آهن.