ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيلن جو ڪاروبار

Editorial

ڪجهه وقت کان سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل ٺاهڻ واري عمل خلاف هر سطح تي ماڻهو آواز اٿارڻ شروع ڪيو هو. خاص طور تي سوشل ميڊيا تي عوام گهڻي واويلا ڪئي هئي ته ٻين صوبن جا ماڻهو سنڌ مان جعلي ڊوميسائيل ٺهرائي نه رڳو تعليمي ادارن ۾ داخلائون وٺن ٿا پر نوڪريون به وٺي ويندا آهن. تنهنڪري سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن سان ناجائزي ٿي رهي آهي. ان حوالي سان ماڻهن پنهنجي ڪوششن سان ڪيترائي اهڙا ڪوڙا ڊوميسائيل رکندڙ به ظاهر ڪيا، جيڪي گذريل ڪيترن سالن کان سرڪاري نوڪريون پڻ ڪري رهيا آهن. پر تنهن هوندي به ڪو ايڏو وڏو تحرڪ نه ورتو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو جعلي ڊوميسائيل ٺاهڻ وارو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. تازو ئي استاد ڀرتي ڪرڻ واري ٽيسٽ ۾ اهڙا سوين ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جن مان خبر پئي آهي ته 800 کان وڌيڪ استاد جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتي ٿيا آهن. ان جو مطلب انهن حقيقي اميدوارن جو حق ماريو آهي ۽ زوري نوڪريون ورتيون آهن.
رپورٽ موجب سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائل تي ٻين صوبن جا 800 کان وڌيڪ استاد ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميرپورخاص جي ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن موجب سڄي سنڌ ۾ ٻين صوبن جا 800 استاد ڀرتي ڪيا ويا، 291 پرائمري ۽ 509 جونيئر اسڪول ٽيچرز ڀرتي ٿيا. هن ٻڌايو ته ميرپورخاص ۾ 24 ۽ سانگهڙ ۾ 37 ٻين صوبن جا اميدوار ڀرتي ٿيا، ڪراچي ايسٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 118 ڀرتيون ٿيون، باقي ڀرتيون ٻين علائقن ۾ ڪيون ويون. سندس چوڻ هو ته اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ سموريون مقرريون روڪيون ويون آهن ۽ معاملو تعليم سيڪريٽري جي شڪايتن واري ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر وڌيڪ چيو ته سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي استادن جي ڊوميسائل ۽ پي آر سي جي تصديق لاءِ لکيو ويو آهي. ملڪ جي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ههڙي ويڌن ڪانهي. سنڌ جيڪو ماڻهو به پئسا خرچ ڪري ٿو، يا چار پئسا مٿي ڏئي ٿو ته ان کي ڪوڙو ڊوميسائيل ملي ويندو آهي، پوءِ ان جي مرضي آهي ته هو تعليمي اداري ۾ داخلا وٺي يا وري ڪنهن اداري ۾ نوڪري وڃي ڪري. هي معاملو رڳو انهن ماڻهو جو ڪونهي جيڪي جعلي ڊوميسائيل ٺهرائين ٿا پر اصل معاملو انهن جو آهي، جيڪي پئسن عيوض انهن کي ڊوميسائيل ٺاهي ڏين ٿا. هڪ ڊوميسائيل ٺهرائڻ لاءِ ڪاغذن جي جاچ پڙتال ٿيندي آهي، ماءُ پيءُ جي اصلوڪي پتي جي جاچ ڪئي ويندي آهي، انهن جي مستقل رهائش جي خبر ورتي ويندي آهي پر جڏهن ڪوبه ماڻهو ڪوڙو ڊوميسائيل ٺهرائيندو آهي ته انهن سڀين ڳالهين کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي، جنهن سان ڪوڙُو ڊوميسائيل ٺاهڻ سولو ٿي ويندو آهي. هن وقت جيڪي 800 کان مٿي ڪوڙا ڊوميسائيل ظاهر ٿيا آهن، اهو هڪ سٺو عمل آهي پر ان کان سٺو عمل جعلي ڊوميسائيل ٺاهڻ جي عمل کي روڪڻ آهي، ڇاڪاڻ ته رڳو گذريل ڪيترن سالن کان اهو سلسلو هلندڙ آهي. ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنر جي اجازت کان پوءِ ئي ڊوميسائيل جاري ڪيو ويندو آهي ان کان سواءِ به هيٺيون عملو هوندو آهي، جيڪو ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪندو آهي تنهن هوندي به ڪوڙا ڊوميسائيل ٺاهي ڏيڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت ان حوالي سان سنجيدگي اختيار ڪري، هي سنڌ جي ٻارن جي مستقبل جو سوال آهي. ڇا پنجاب يا ڪي پي ڪي ۾ ڪوبه ماڻهو ڪوڙا ڊوميسائيل ٺهرائڻ جي همت ڪري سگهي ٿو. ان کي اها اجازت هوندي ته هو ڪوڙي ڊوميسائيل تي اتان جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ داخلا وٺي يا وري نوڪري ڪري سگهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پهرين ڪارروائي انهن ماڻهن خلاف ڪئي وڃي جيڪي ڪوڙا ڊوميسائيل پئسن عيوض ٺاهي رهيا آهن ۽ سنڌ ۾ ڌارين ماڻهن جي لوڌ کي دعوت ڏئي رهيا آهن. ان کان پوءِ ترت ئي ڪوڙن ڊوميسائيلن جو پتو لڳايو وڃي ۽ انهن خلاف به ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button