ادب سماج ۾ ٿيندڙ لقائن، ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي، ان جي سوچن ۽ خيالن جو اولڙو ھوندو آھي. ادب ماڻھو سان ٿيندڙ وارتائن ۽ ان جي خوشين، ڏکن، تڪليفن، عقوبتن، ماڻھن جي سورھيائي، قرباني، ناڪامين ۽ ڪاميابين کان واقف ڪرائي ٿو. اھو ادب ئي آھي جيڪو اسان کي سماج ۾ فردن سان ٿيندڙ ظلم، زيادتين، ناانصافين تي اسان جي ذھنن ۾ نفرت ۽ بغاوت پيدا ڪري ٿو. تنھنڪري ادب کي انقلاب جي راهه ھموار ڪندڙ ليکيو وڃي ٿو. ادب جي دنيا ۾ ناول جي صنف کي تمام گھڻي اھميت مليل آھي ڇو ته ناول ۾ ھڪ ناول نگار پنھنجي تخليقي سگھه ذريعي سماج ۾ ٿيندڙ لقائن ۽ ھڪ فرد سان ٿيندڙ واردتن کي تمام سھڻي نموني پِيش ڪندو آھي، جنھن ۾ پڙھندڙ کي ذھني طور تي ڌوڏي ڇڏڻ جي صلاحيت پڻ ھوندي آھي. تنھنڪري گورڪي جي ناول “ما” کي روسي ادب ۾ تمام گھڻي اھميت ڏني وئي ھئي.
سنڌي ۾ به موچارا ناول لکيا ويا آھن ۽ عالمي ادب جا بھترين ترجما به ڪيا ويا آھن، جيڪي پڻ پڙھندڙن جي ذھن کي جنجھوڙين ٿا. ان ئي سلسلي ۾ سنڌيءَ ۾ ڪجھه وقت اڳ ۾ قربان چنا جو ترجمو ڪيل ناول “قيدياڻِي جي ڪٿا” ڇپيو آھي جيڪو مصري ليکڪه نوال السعدي جو لکيل آھي، هي ناول ھڪ عورت جي درد ڪٿا ۽ ان جي بھادري تي آڌاريل آھي. ناول بنيادي طور ھڪ طوائف جي زندگي جي ڪھاڻي آھي، جيڪا ھڪ قتل ڪيس ۾ جيل ۾ قيد دوران ڦاسي جي سزا کان ھڪ ڏينھن اڳ ھڪ ڊاڪٽر کي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائيندي آھي. سڄو ناول ھڪ طوائف فردوس جي چوڌاري گھمي ٿو پر ان سان گڏوگڏ مصري سماج جي رھڻي ڪھڻي، ان جي رسمن، رواجن ۽ حالتن جو پڻ ڇيد ٿيل آھي.
ناول جو اھم ڪردار فردوس آھي، جيڪا پنھنجي ڪھاڻي بيان ڪندي ٻڌائي ٿي ته ھوءَ مصر جي ھڪ ھاري جي گھر ۾ پيدا ٿي ھئي. ھن جو پيءُ صفا اڻ پڙھيل ھو، ھن کي دنيا داريءَ جي ڪا گھڻي خبر ڪانه ھئي پر ھو سندس ماءُ کي مار ڪٽ ڪندو هو. ھُو غريب ھئا پر انھن جي گھر ۾ ٻارن جي لوڌ ھئي، تنھنڪري گهڻو ڪري سڀني کي بکيو رھڻو پوندو ھو پر پوءِ به ھن جو پيءُ پيٽ ڀري ماني کائيندو آھي. جيئن ته مصري سماج جو سماجي ڍانچو ڪجھه اھڙو ھو جنھن ڪري اتي ھر مرد ذھني طور رجعت پرست ۽ روحاني طور تي خودپرست، بي رحم ۽ ويڳاڻو ھو، تنھنڪري ھن ناول جي مرڪزي ڪردار فردوس جي پيءُ ۾ ان سماج جون سڀ اوڻايون ۽ لاڙا ھئا جنھن ڪري ھو پنھنجي اولاد کي بکيو رکي پاڻ ڍءُ ڪري کائيندو هو. ان وٽ نياڻيءَ جي ڪا اھميت نه ھئي، تنھنڪري ڪا نياڻي مرڻ تي به کيس ڪو فرق نه پوندو هو بلڪه ماني ڍءُ سان کائي سمھي رھندو ھو. جنھن جو اظھار ليکڪ صفحي 59 تي ھن ريت ڪري ٿي.”اسان جي خاندان ۾ جڏھن ڪا ڇوڪري فوت ٿيندي ھئي ته بابا پيٽ ڀري ماني کائيندو ھو. امان سندس پير ڌوئيندي ھئي ۽ ھوُ بي فڪرو ٿي سمھي پوندو ھو، جيئن ھُو سدائين کان ڪندو آيو آھي ۽ جيڪڏھن ڪو ڇوڪرو فوت ٿي ويندو ھو ته بابا امان کي ڪچو کائي ڇڏيندو ھو پر پوءِ به ماني کائي سمھي رھندو ھو. بابا ڪڏھن به بُکي پيٽ نه سُتو ڀلي ڇا به ٿيو ھجي. ڪڏھن ڪڏھن کائڻ لاءِ ڪجھه نه ھوندو ھو. اسان بُکئي پيٽ سمھي رھندا ھئاسين پر بابا خالي پيٽ ڪڏھن به نه سُتو. امان ھُن لاءِ ماني پچائي رکندي ھئي جيڪا ھُو اسان کان لڪائي کائي سمھي رھندو ھو.”
اھڙي ريت ھن ناول جي مرڪزي ڪردار پنھنجي ننڍپڻ ۾ اھڙيون تڪليفون، اذيتون ۽ بکون ڪاٽيندي زندگي گذاري ٿي ته ان دوران ھي ھڪ جنسي تجربي کان پڻ آشنا ٿئي ٿي. ائين غربت ۽ کاڌي جي اڻ ھوند سبب ھن جو سڄو خاندان ھڪ ھڪ ٿي ڪري پورو ٿي وڃي ٿو، جنھن جو احوال پڻ ڏکوئيندڙ آھي، جِيئن ھڪ ھنڌ پنھنجي خاندان جي ڪھاڻي بيان ڪندي فردوس ٻڌائي ٿي ته “ٻين غريبن وانگر منھنجا به کوڙ ڀيڻ ڀائر ھئا جيئن ڪڪڙين جا چوزا ھوندا آھن. بھار جي مند ۾ جي ھنن جو اضافو ٿيندو آھي. ٿڌ ۾ ڏڪندا آھن ۽ پيٽ جي خرابي ڪري يا ٻين بيمارين جي ڪارڻ کٽندا ويندا آھن. منھنجا ڀائر ۽ ڀينرون به ھڪ ھڪ ٿي مري ويا.”
ائين ڀائرن ۽ ماءُ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ فردوس پنھنجي چاچي سان گڏ قاھره ھلي ويندي آھي، جتي هوءَ اسڪول ۾ داخلا وٺندي آھي. ائين پنھنجي تعليم مڪمل ڪري گريجوئيٽ ٿي ويندي آھي. تعليم دوران ھن جي ڪتابن سان پڻ دوستي ٿي وڃي ٿي ۽ هو مختلف موضوعن تي ڪتاب پڙھڻ لڳي ٿي، جيڪي ھن ۾ ھڪ وڏي تبديلي آڻين ٿا پر اوچتو ھن جي زندگيءَ ۾ ھڪ وڏي تبديلي اچي ٿي جيڪا ھن لاءِ ڏک ۽ تڪليفون کڻي اچي ٿي. ھن جي چاچي ڪجهھ پئسن عيوض ھن جو رشتو پنھنجي سُکي ستابي پر پوڙھي چاچي سان ڪرائي چڏيندي آھي جيڪو ھن کي بلڪل پسند ناھي ھوندو ۽ هن تي تشدد پڻ ڪندو آھي. هو جنسي طور بکيو ھو جنھن جو نقشو فردوس ھن طرح چٽيو آھي. “ھن جي عمر سٺ سالن کان مٿي ھئي ۽ مان اڃا اوڻويھه سالن جي نه ھيس. ھن جي چپن کان کاڏيِ جي ھيٺان ھڪ وڏو ڳوڙھو ھو جنھن کي سوراخ پڻ ھو ڪو ڏينھن اھڙو ھوندو ھو جو اھو سوراخ خشڪ ٿي ويندو ھو نه ته اڪثر ڪري ان مان ڳاڙھو ريشو پيو ڳڙندو ھو جنھن ۾ رت ۽ گند ٻئي شامل ھوندا ھئا.” ائين اھو ماڻهو فردوس تي تشدد به ڪندو ھو پر جڏھن فردوس ان ڳالھه تي احتجاج ڪندي ھئي ته ھن کي مذھب ياد ڏياريو وڃي ٿو ته مذھب ۾ مڙس جي مار جائز آھي ڇو ته مڙس مجازي خدا آھي. اھڙي ريت روز جي مار ۽ جنسي تشدد کان بيزار ٿي، ھن ناول جي مرڪزي ڪردار فردوس گھراڻ ڀڄي نڪري ٿي، جتان هن جي طوائف واري زندگيءَ جي شروعات ٿئي ٿي. ھن کي پنھنجي گريجوئيشن جي ڊگري کڻي نوڪري جي ڳولا لاءِ ڌڪا کائڻا پون ٿا، جتي ھن کي ھر روز ھڪ نئون مرد ملي ٿو جيڪو ھن سان ھمدردي ڏيکاري ھن کي پنھنجي گھر وٺي وڃي ٿو، جتي ھن مان جنسي بک مٽائي ٿو. ھن جي انڪار تي ھن تي تشدد ڪري ٿو انھي ڊڪ ڊوڙ ۾ ھن کي ھڪ دلال عورت ملي ٿي جيڪا ھن کي وڏي طوائف بنائي ڇڏيندي آھي، جنھن وٽ ھر سھولت، عيش آرام ھوندو آھي ۽ ان دوران فردوس اھو انڪشاف پڻ ڪندي آھي ته شروع ۾ ھوءَ جنسي عمل مان تمام گھڻي لطف اندوز ٿيندي آھي پر اڳتي ھلي بيزار ٿي پوندي آھي جنھن ڪري ھوءَ اھو ڌنڌو ڇڏي وري ھڪ ڪمپنيءَ ۾ مزدوري ڪندي آھي ۽ ھڪ ڏکي زندگي گذارڻ لڳندي آھي، جتي ھوءَ ھڪ انقلابي پارٽي ۾ پڻ شامل ٿي ويندي آھي.
ھڪ ماڻهو ابراھيم سان محبت ڪرڻ لڳندي آھي پر اھو پڻ ھن کي دوکو ڏئي ٻئي ھنڌ شادي ڪندو آھي، تنھنڪري ھوءَ پڻ ان ڪمپنيءَ جي نوڪري ڇڏي وري پيشو اختيار ڪندي آھي. ائين ھي پوري ملڪ جي ھڪ مشھور طوائف ثابت ٿيندي آھي. ان دوران ھن وٽ ملڪ جا وڏا واپاري، وزير ۽ مشير ايندا رھندا آھن جن کان ھي پنھنجي مرضيءَ جو اگھه وٺندي آھي، ائين ھن جي ھاڪ ٻاھرئين ملڪن ۾ پڻ ٿي ويندي آھي ته اُتي ھڪ ملڪ جو شھزادو ھن کي حاصل ڪرڻ چاھيندو جنھن کي ھوءَ انڪار ڪندي آھي جنھن تان وزير، مشير ڪاوڙجي پوندا آهن ڇو ته ھُوءَ پنھنجي ملڪ لاءِ سچي محب وطن ثابت نه ٿي ٿئي ۽ پاڙيسري ملڪ جي شھزادي کي “ھا” نٿي ڪري، تنھنڪري ھن تي قتل جو ڪيس داخل ڪري موت سزا ڏني وڃي ٿي. ائين ھن ناول جو انت ٿئي ٿو.
ھي ناول بنيادي طور ھڪ عورت جي مظلوميت کي پيش ڪري ٿو. ناول ۾ مصر جي سماجي ۽ ثقافتي حالتن جو پڻ ڇيد ڪيو ويو آھي پر ناول ۾ هڪ نقطو پوري ناول تي حاوي رھي ٿو، جيڪو تنقيد لائق پڻ آھي ته ليکڪه ناول ۾ اھو ثابت ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ته ھن دنيا ۾ ھر ظلم ۽ جبر جو ذميوار مرد آھي. دنيا جي ھر تباھيءَ جو ذميوار مرد آھي، سڀئي مرد نفرت لائق آھي. ھي مردن جي دنيا آھي، اتي ھر عورت مظلوم آھي. عورت جي ھر مظلوميت جو ذميوار مرد ئي آھي، جيڪا تمام گمراهه ڪندڙ نقطو آھي. ڇو ته ھن سماج ۾ جهڙي ريت عورت پيڙهجي ٿي بلڪل اھڙي ريت مرد جو به احتصال ٿئي ٿو، تنھنڪري بنيادي ڪردار ھن سماج ۾ ڪنھن به ظلم يا اسحتصال ۽ جبر جو بنيادي سبب ھڪ مرد نه پر ان سماج جو بنيادي ڍانچو آھي، جيڪو مرد ۽ عورت جي گڏيل جدوجھد سان تبديل ٿيندو.