ملڪ سياسي ۽ معاشي ڪن ۾ اهڙو ڦاٿل آهي جو ان مان نڪرڻ لاءِ وڏي هڻ وٺ ڪرڻي پئي پوي. ظاهر آهي اسان کي پنهنجي حفاظت لاءِ بم به کپي، جنهن لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي چيو هو ته گاهه کائينداسين پر بم ٺاهينداسين. پر هن کان وسري ويو هو ته بم ٺاهڻ کان پوءِ گاهه به ماڻهو ڪونه ٿو وٺي سگهي. يعني هو عوام کي بکيو مارڻ لاءِ تيار هو پر بم ٺاهڻ لازمي هو. ڪڏهن اسان جي حڪمرانن ۽ “اصل حاڪمن” اهو سوچيو آهي ته جن ملڪن وٽ بم يا وڏا وڏا هٿيار ڪونه آهن، اهي ايترا محفوظ ۽ پرامن ڇو آهن. ڪي ملڪ ته اهڙا به آهن، جن وٽ فوج به ڪونهي پوءِ به انهن ملڪن کي ڪو خطرو ڪونهي. ان ڪري جو انهن جون ترجيحون ڪي ٻيون آهن، انهن جون ترجيحون عوام جي صحت، انهن جي تعليم ۽ وندر جا اهي ذريعا آهن، جيڪي زندگيءَ ۾ رونقون آڻين ٿا ۽ انهن جي زندگيءَ کي بهتر ڪن ٿا. پر اسان وٽ عوام کي اهو ٻڌايو ٿو ته وڃي ته اوهين رات جو سک سان ان ڪري ٿا سمهون جو پاڻ وٽ حفاظت لاءِ بم آهي.
ڪجهه سالن کان پاڪستان جي سياسي مارڪيٽ ۾ هڪ نئون سياسي بت آيل آهي. جيڪو وزير اعظم ٿيو، پوءِ کيس ائين لڳو ته هو ملڪ جو بادشاهه ٿي ويو آهي. کيس لڳو ته هو ئي ملڪ ۾ اڪيلو ايماندار ماڻهو آهي، جنهن جي هڪ اشاري سان سڀ ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو. سندس حڪمرانيءَ کي ڪو لهر لوڏو ڪونهي پر نيٺ کيس عدم اعتماد وسيلي گهر وڃڻو پيو. عمران خان نيازيءَ کي لڳو ته هو هاڻ ايترو مقبول ٿي چڪو آهي جو جيڪڏهن کيس اقتدار کان ڌار ڪيو ويو ته ماڻهو لکن جي انگ ۾ ٻاهر نڪري سڄي ملڪ جو ڪاروهنوار بند ڪري ڇڏيندا ۽ وري “ڪمپني بهادر” کي کيس اقتدار واپس ڪرڻو پوندو. پر اها سندس خام خيالي ثابت ٿي. هڪ ڀيرو اقتدار مان تڙيل سياستدان جي واپسي ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي آهي. ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين “ڪمپني بهادر” هڪ نئون سياسي بت تيار ڪري وٺندي آهي.
1971ع ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. ان وقت هڪ نئين سياسي بت جي ضرورت هئي، جيڪو فيلڊ مارشل ايوب خان کي ڊيڊي ڊيدي چوندو هو. هو ان آمراڻي حڪمراني مان نڪري نروار ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت جو هڪ اهڙو سياسي بت هو، جنهن نه رڳو پنهنجي سياسي ساڃاهه سان عوام جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ورتي هئي پر هو ايترو ته مشهور ٿي ويو هو جو ماڻهو هن کي پنهنجو مسيحا سمجهڻ لڳا پر ڪڏهن به ڏينهن هڪ جهڙا ڪونه رهندا آهن، هو به پنهنجين سياسي غلطين جي ڪري نيٺ هڪ اهڙي فوجي آمر هٿان مات کائي ويو، جنهن کي هن پنهنجو سڄڻ سمجهيو ۽ هو سمجهندو هو ته تيل هڻي وچان سينڌ ڪڍندڙ ضياءُالحق هن جو ڇا بگاڙي سگهندو. پر جيڪا “ڪمپني بهادر” ملڪ ۾ سياسي بت تراشيندي آهي، اها ئي انهن کي ڊاهي پٽ به ڪندي آهي، تنهنڪري ذوالفقار علي ڀٽو به نيٺ سياسي تخت کان ڦاهيءَ جي تختي تي چڙهي موڪلائي ويو.
وري “ڪمپني بهادر” کي هڪ نئين سياسي بت جي ضرورت هئي، اهو انهن کي بينظير ڀٽو جي صورت ۾ نظر آيو. عوام جون دليون هن سان گڏ ڌڙڪڻ لڳيون. ڀٽي جي نياڻي ۽ عورت هجڻ سبب عورتن جي ويجهڙائي ڪجهه وڌيڪ رهي، پنهنجي دور جي ذهين سياستدان بينظير ڀٽو به هڪ ڏينهن هن رياست لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي وئي، نيٺ هڪ گولي هن کان سندس حياتي کسي ورتي ۽ اهڙي ريت “ڪمپني بهادر” ان سياسي بت مان به پنهنجو پاند آجو ڪرائي ورتو.
آمر ضياءَ جي دور ۾ سياست جي شروعات ڪندڙ نواز شريف “ڪمپني بهادر” لاءِ هڪ نئون سياسي بت هو، پنجابي شائونزم کي متعارف ڪرائيندڙ ۽ ڀٽو مخالف سياست ڪندڙ نواز شريف نيٺ وزير اعظم بڻجي ويو. هڪ سويلين وزير اعظم سدائين اختيار ضرور چاهيندو آهي پر هن ملڪ ۾ اختيار ڌڻي وزير اعظم نه پر ڪو ٻيو هوندو آهي. تنهنڪري “ڪمپني بهادر” کي لڳو ته هي بت به پنهنجي سياسي مدار کان ٻاهر نڪري ويو آهي، ان ڪري کيس سبق سيکارڻ لاءِ جڙتو ڪيس ۾ ڦاسي سدائين لاءِ سياسي طور نا اهل ڪيو ويو. پر جيئن ته سياست اهڙي راند آهي، جيڪا ڪڏهن ختم نٿي ٿي سگهي تنهنڪري مارڪيٽ ۾ نئون سياسي بت عمران خان نيازي آيو. هڪ تابعدار سياستدان، جنهن کي اها به خبر هئي ته هو پنهنجي ٻل تي ڪڏهن به وزير اعظم نٿو ٿي سگهي، ان ڪري هر قسم جو بندوبست ڪري کيس وزيراعظم بڻايو ويو پر نه هو ملڪ کي سنڀالي سگهيو ۽ ان ئي ملڪي ساک کي عالمي سطح تي بهتر ڪري سگهيو. تنهنڪري وقت اچي ويو ته هاڻ ان سياسي بت کي به ڊاهي پٽ ڪجي ته بهتر ٿيندو. سو اڄڪلهه عمران خان نيازي به بيروزگار آهي. پنهنجي اقتداري دور ۾ فرعون وانگر ورتاءُ ڪندڙ اڄڪلهه پشاور ۾ پناهه وٺي انهن خلاف ئي ڳالهائي رهيو آهي، جن کيس تيار ڪيو هو. يعني بت ڪم ڪو ڪهي ڪافر…..
ملڪ جي سياسي تاريخ اهو ٿيندو آيو آهي ته جڏهن به “ڪمپني بهادر” ڪنهن سويلين کان اقتدار کسيندي آهي ته اهو ئي ان جي خلاف ٿي ويندو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو، نواز شريف ۽ عمران خان نيازي ان جا اهم ترين مثال آهن. جن “ڪمپني بهادر” خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو، انهن رازن تان پردا کڻڻ شروع ڪيا، جيڪي ايترو جلدي پڌرا نه ڪيا ويندا آهن. پر مسئلو اهو آهي ته ائين ڇو ٿو ٿئي؟ جڏهن سياست آزاد نه هوندي، جڏهن عوام کي اهو فيصلو نه ڪرڻ ڏنو ويندو ته انهن جو وزيراعظم ڪير ٿيندو ۽ جڏهن اختيار جو محور سويلين بدران نان سيويلين قوتون هونديون ته پوءِ ائين ئي ٿيندو آهي.
جيڪڏهن رڳو سياسي بت ٺاهي انهن کي وقت اچڻ تي ڊاهڻو آهي ته پوءِ اهو سلسلو به ايترو هلي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته عوام کي گهڻي وقت تائين بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي. ملڪ کي رڳو دفاع جي نالي ۾ نٿو هلائي سگهجي پر هڪ ملڪ کي هلائڻ لاءِ ٻين شعبن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن اهي شعبا ڪم ئي نه ڪندا ۽ معاشي بار کڻڻ جو ٺيڪو رڳو عوام کي ڏنو ويندو ته معاملا وڌيڪ خراب ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. تنهنڪري هاڻ جيڪا ملڪي صورتحال آهي، ان ۾ به ڪا سويلين بالادستي نظر ڪانه پئي اچي، جنهن مان ائين لڳي ته ملڪ ۾ اختيار ڌڻي شهباز شريف جهڙو وزير اعظم آهي.
سياست ۽ سياستدانن جو آزاد هجڻ ان ڳالهه جي ضمانت هوندو آهي ته جمهوريت حقيقي معنيٰ ۾ ملڪ ۾ موجود آهي. پر جڏهن رڳو سياست ۾ تجربا ٿيندا هجن، وقتي طور نوان نوان سياسي بت ٺاهي، انهن کي پنهنجي مرضيءَ سان ڊاهيو وڃي ته پوءِ اتي اهڙي صورتحال پيدا ٿي پوندي آهي جو سمجهه ۾ ئي نه ايندو آهي ته ملڪ وڃي ڪهڙي پاسي پيو.