ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻي کوٽ ۽ تباهه حال انڊس ڊيلٽا

Editorial

جڏهن ملڪ جي زرعي معيشت متاثر ٿيندي آهي ته ان سان گڏ مجوعي طور معيشت به بدحال ٿيڻ لڳندي آهي. پاڪستان کي زرعي ملڪ چيو ٿو وڃي، جنهن جي گهڻي آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي ۽ اهي سڀ فصل پاڻي بنا نٿا ٿي سگهن. سنڌ جي زراعت هن وقت بدحاليءَ جو شڪار ان ڪري آهي جو سنڌ کي گهربل مقدار ۾ پاڻي ڪونه پيو ملي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو سنڌ جي زراعت تباهه ٿي رهي آهي پر زرعي معيشت به تباهه ٿي چڪي آهي. ان جو سبب رڳو پاڻي کوٽ ڪانهي پر پاڻيءَ جي غيرمنصفاڻي ورڇ آهي. جيڪا گذريل ڪيترن سالن کان جاري آهي. پاڻي کوٽ جي ڪري سنڌو ڊيلٽا به تباهه ٿي چڪو آهي، جنهن لاءِ پنجاب جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي سمنڊ تائين ڇوڙ ڪرڻ پاڻيءَ جو زيان آهي. هن وقت ملڪ ۾ مجموعي طور پاڻيءَ جي کوٽ لڳي پئي آهي، پاڻيءَ کي هاڻوڪي کوٽ ۾ سنڌ بنهه گهڻو ڀوڳي رهي آهي. جيڪا سنڌ سان ناانصافي آهي.
ايڪسپريس نيوز مطابق ملڪ ۾ پاڻي جي بحران 22 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. هن وقت صوبا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. پاڻي ذخيرن ۾ پاڻي جي کوٽ 97 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ان حوالي سان ارسا تفصيل جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دريائن ۾ 56 سيڪڙو گهٽ پاڻي اچي رهيو آهي. تربيلا ڊيم گذريل ڏيڍ مهيني کان خالي ۽ منگلا ڊيم ۾ پاڻي جو ذخيرو نه هجڻ برابر آهي. ارسا جي جاري ڪيل دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته دريائن ۾ پاڻي جو ڪل وهڪرو هڪ لک 25 هزار ڪيوسڪ آهي. ان جي ابتڙ گذريل سال هنن ڏينهن ۾ دريائن ۾ پاڻي جو ڪل وهڪرو 2 لک 84 هزار ڪيوسڪ هو. ڊيم ۾ پاڻي جو ذخيرو هڪ لک ايڪڙ فوٽ بچيو آهي. گذريل سال ڊيمن ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو 35 لک ايڪڙ فوٽ هو. دستاويز مطابق سنڌ صوبي ۽ پنجاب کي 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته پنجاب صوبي جي پاڻي جي طلب هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ ۽ سنڌ صوبي جي پاڻيءَ جي طلب هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪ آهي. بلوچستان کي 15 هزار ۽ پختونخوا کي 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چناب درياهه ۽ جهلم سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. جهلم درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ سبب منگلا ڊيم اڌ به نه ڀرجندو ۽ خدشو آهي ته منگلاڊيم ۾ ربيع مند لاءِ به پاڻي نه هوندو.
ٻئي پاسي پورھيت مزاحمت تحريڪ پاران ماحوليات جي عالمي ڏھاڙي پريس ڪلب ٺٽو سامھون “سنڌو بچايو ڊيلٽا بچايو” سري ھيٺ جلسي عام منعقد ڪيو ويو. جنھن ۾ ٺٽو، بدين، حيدرآباد، سجاول سميت پوري لاڙ پٽي ۽ سموري ڊيلٽا علائقي ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، گھوڙاٻاري مان وڏي تعداد ۾ ڌرتي ڌڻين، آبادگارن، مھاڻن، ھارين، پورھيتن، عورتن، شاگردن ۽ باشعور ماڻھن شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مسرور شاھه چيو نسل ڪشيءَ جا مختلف قسم ٿيندا آھن، حڪمران طبقو ايئن ئي استحصال ڪري رھيو آھي، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ھڻي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ھڪ ڪروڙ ماڻھن کي ھيپاٽائيٽس آھي. پاڻي بند ڪرڻ جنگ جو جديد قسم آھي. ھن چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو سنڌ جي قومي غلامي جو تسلسل آھي. پاڪستاني رياست پنجاب کي آباد ڪرڻ لا سنڌو مٿان ڊيم ۽ لنڪ ڪينال ٺاھيا. 1859 کان 1945ع تائين پنجاب ڌاڙو ھڻندو رھيو، جيڪي ڪميشنون ٺھيون ان ۾ پنجاب ڏوھاري ٿيو. ھزارين سالن کان سنڌو جو وھڪرو سمنڊ طرف آھي جنھن کي پنجاب جا پنج درياهھ، ڪابل درياھه ۽ ٻيون نديون سنڌو کي ڀرينديون رھيون ۽ سنڌو سنڌ کي سيراب ڪندو رھيو پر پاڪستان ٺھڻ کانپو پنجاب ابتي گنگا وھائي آھي، پنھنجا ٽي درياھه ھندستان کي وڪڻي ان پاڻيءَ جو ازالو سنڌو تي ڊيمن ۽ لنڪ ڪينال ٺاھي ڪيو ۽ سنڌ جي سھڪاري درياھن کي سنڌو مان ڀريو ويو. اھا عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آھي. عالمي قانون تحت سنڌو درياھي نظام تي سنڌ جو بنيادي حق آھي ۽ سنڌ جي فطري وھڪري کي بحال ڪري انڊس ڊيلٽا ۾ گھٽ ۾ گھٽ 10 ايم ايف پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لازمي آھي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ مجموعي طور جيڪا به پاڻيءَ جي کوٽ آهي، ان جو بار سڀئي صوبا کڻن. ڇاڪاڻ ته رڳو سنڌ کي بنجر رکي ڪنهن به ريت زرعي معيشت کي بهتر نٿو ڪري سگهجي ۽ هر حال ۾ انڊس ڊيلٽا جي بحاليءَ لاءِ گهربل مقدار ۾ سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button