پاڪستان کي آزادي ماڻيندي 75 سال گذري ويا آهن، پر موجوده دور تائين اڃان اسين غلامي واري زندگي گذاري رهيا آھيون. 12 اپريل 2022ع تي ميان شھباز شريف ملڪ جي 23هين وزير اعظم طور حلف کڻي ملڪ جون واڳون سنڀاليون آھن، جنهن واڳون سنڀالڻ دوران پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ اجورو 25000 هزار ماهوار ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بحاليءَ جو اعلان ڪيو. وزير اعظم شهباز شريف پنهنجي پهرين خطاب ۾ پي ٽي آءِ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته پوڻن چئن سالن ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ڪيترو ئي قرض کنيو پر ملڪي ترقيءَ ۾ هڪ سر به نه لڳائي سگهيا ۽ ٻيڻ تي مهانگائي ڪئي آھي. پي ٽي آءِ سرڪار ٽن سالن ۽ اٺن مهينن دوران مهانگائيءَ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ اسان عوام کي ڀرپور رليف ڏينداسين.
ڏٺو وڃي ته موجوده سرڪار يوٽرن وٺڻ ۾ پي ٽي آءِ سرڪار کي به ڪوهين ڏور ڇڏي وئي آھي. حڪمرانن جي قلابازين عوام جون متيون منجهائي ڇڏيون آھن. پاڪستان جا هاڻوڪيون حالتون ڪنهن ڇوٽڪاري جي تحريڪ لاءِ ڪافي سازگار آھن، ان تحريڪ جو مقصد موجوده فرسوده ۽ منافق نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪ لاءِ سازگار موقعو آھي ڇاڪاڻ ته منافقت جي به ڪا حد هوندي آھي. هتي سڄو نظام حدون اورانگهي ويٺو آھي ۽ پاڻ کي مقدس ڳئون ۽ ٻين کي گهٽ سمجهي ٿو وڃي. ڪجهه ڌرين کان سواءِ ڪافي اڳواڻ منافقي وارو ڪردار نڀائي رهيا آھن ۽ ڏسجي پيو ته نڪ جا ايترا ته پڪا آھن جو ڪوڙ مٿان ڪوڙ وري ان ڪوڙ مٿان ڪوڙ ۽ اڃان به ان ڪوڙ مٿان ڪوڙ پيا هڻندا
غالب چواڻي شرم تم ڪو مگر نهين آتي، ان ڳالهه ۾ ڪيڏي نه صداقت آھي ۽ اها ڳالهه خاص ڪري انهن پاڪستان جي منافق سياستدانن تي ٺھڪي ٿي اچي، جيڪي پنهنجي چيل ڳالهين ۽ واعدن تان ائين ڦريو ٿا وڃن جيئن نڀاڳي ٻار کي اسڪول ۾ ھوم ورڪ ملندو آھي ۽ ڪم گهر وساري صبح جو اسڪول پڄندو آھي. اهڙي ريت موجوده دور ۾ منافقن کي مات ڏيڻ مشڪل بڻجي ويو آھي جنهن لاءِ منافقن مان ڇوٽڪاري جي تحريڪ جي سخت ضرورت آھي ۽ ان لاءِ هن وقت حالتون به اهڙيون پيدا ڪيون ويون آھن جن ۾ عام ماڻهون پيسجي رهيو آھي. منافقت جي حد ته ڏسو جو حڪمران پيٽرول جا اگھه وڌائي چون ٿا ته دل تي پٿر رکي اگھه وڌايا آھن ۽ اکيون رت جا ڳوڙها ٿيون ڳاڙين.
75 سالن ۾ پاڪستان سرڪار جيڪا ٻين ملڪن ۽ خاص طور آءِ ايم ايف کان ايترو قرض کنيو آھي جو چون ٿا ته ملڪ ۾ ڪو نئون ٻار جنم وٺي ٿو، اهو به قرضي آھي. دعا آھي ته رب سڀن کي هدايت ڏئي پر حڪمرانن، سياستدانن، بيوروڪريٽن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن اهو سوچيو آھي جيڪو قرض کنيو ويو آھي، ان مان آخر عوام کي مليو ڇا آھي؟
جيڪا رقم اچي ٿي خبر ناهي ان کي زمين ڳهي ٿي وڃي يا آسمان کايو وڃي يا اسان جا حڪمران ان کي مال غنيمت سمجهي پنهنجن پنهنجن اڪائونٽن ۾ وجهي پنهنجي ۽ خاندان جي عياشي لاءِ رکي ٿا ڇڏين ۽ قرضي وري عوام کي ڪوٺيو ٿو وڃي. ڇا اهو تضاد نه آھي؟ ڇا اها قوم سان بي واجبي نه آهي؟
تازو وزير اعظم پاڪستان ميان شهباز شريف چيو آھي ته ملڪ کي گرينڊ ڊائيلاگ جي سخت ضرورت آهي، ان ڪري اسان کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گرينڊ ڊائيلاگ ڪرڻو پوندو. شهباز شريف چيو ته سٺا ماڻهو ڪنهن به حڪومت سان گڏ ڪم ڪن ته ان کي سياسي رنگ نه ڏيڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي پسند ناپسند کان مٿانهون ٿي ملڪي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻا پوندا. قوم جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ انا کي مارڻو پوندو. وزيراعظم اهو به چيو ته قرض تي هلندڙ ملڪ ڪيستائين زنده رهندو. هن وقت اسان کي سڀني کان اڳتي هجڻ گهرجي ها پر بدقسمتيءَ سان اسان گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون صحت ۽ تعليم تي ڪابه سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان گهڻو اڳتي وڌي سگهي ٿو، معيشت جو ڦيٿو هلائينداسين، معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو. 75 ورهين کان پوءِ به اسان سبق ناهي سکيو. ڇا هر شيءِ تي سياست ڪرڻي آهي؟ هن چيو ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ بابت مون کي ڄاڻ آهي، ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ ۾ جيڪو ٿيو، ان جو حساب وٺڻو آهي يا نه؟ يا فقط مون کان حساب وٺڻو آهي. آئون پنهنجي ٻن اڍائي مهينن جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. شهباز شريف جو چوڻ هو ته اشرافيه پاڻ اهو چوي ته اوهان سڀ ڪجهه ڪريو اسان تي بار نه پوي ته هي ملڪ نٿو هلي سگهي. سڀني لاءِ اسان مثال پيدا ڪنداسين ته ڳالهه ٺهندي. قومون صف بندي ۽ پلاننگ سان ٺهنديون آهن، جنهن لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. گذريل حڪومت هڪ پائي به ڪنهن کي نه ڏني، بي اعتمادي رٿ جي ڳالهه آئي ته تيل ۽ بجليءَ جي قيمتون گهٽائي ڇڏيون. اڄ دنيا ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، مجبور ٿي قيمتون وڌائڻيون پيون. پوري ڪوشش ڪنداسين ته جتي غريب تي بار پوندو، اتي رليف ڏينداسين ۽ ظاھري طور ڏٺو وڃي، هي لفظ چئي پاڪستاني عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي.
رليف ڏينداسين، رليف ڏينداسين پر پاڪساني عوام کي گذريل 75 سالن کان رليف ته ڇا پر جيڪو ٿورو گهڻو رليف مليل هو، اهو به کسيو پيو وڃي. اڄڪلھه حالتون اهڙيون ٿي ويون آھن جو پاڪستان جي عوام جي زندگي جنجال بڻجي وئي آھي. مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو انقلاب بدران ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ آھن ۽ الله اهڙين قومن تي معجزه به نازل نه ڪندو آھي جيڪي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ته ڇا پر آواز اٿارڻ لاءِ به تيار نه هجن، ڏٺو اهو ويو آهي ته پاڪستاني عوام جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مان بيزار ٿيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ ۽ مذھبي جماعتن تي ڀاڙيندو رهيو ڇاڪاڻ ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي خراب ڪارڪردگي سبب عوام شديد مشڪلاتن ۾ گهيرجي ويو هو ته بلاول ڀٽو زرداري ان مهانگائي خلاف پرامن لانگ مارچ ڪيو ۽ ان جا پاڪستاني سياست تي گھرا اثر پيا ۽ سگهارين ڌرين شايد اهو محسوس ڪيو ته ڪٿي تحريڪ جي قيادت اهڙي سياسي پارٽي ڏانهن نه وڃي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ هيترا حاڃا ٿي چڪا آھن ۽ اهي تحريڪ کي درست طريقي سان سڌي رستي تي نه وٺي هلن ۽ انهن سگهارين ڌرين تحريڪ جي قيادت تبديل ڪرڻ جو سوچيو يا اتحادين گڏجي عمران حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو.
ظاهري طور حالتن مان لڳي رهيو آھي ته حالتون ڀلي ڪهڙيون به هجن، انهن جو سڌي ۽ اڻ سڌي ريت ذميوار عمران خان ۽ ان جون ناقص پاليسيون ۽ خراب ترين حڪمت عمليون آھن جنهن ۾ غريب ڏينهون ڏينهن غريب ۽ امير ڏينهون ڏينهن امير ٿيندا پيا وڃن ۽ انهن ناڪام پاليسين کي ٻنجو ڏيڻ بدران هاڻوڪي سرڪار اڳتي وڌائي رهي آھي ۽ مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي وڻ ٿي وئي آھي. هاڻ انتظار ان شيءِ جو آھي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ڪير ٿو اچي ۽ عوام کي عذاب ڀريل زندگي مان ڇوٽڪارو ڪڏهن ٿو ملي؟