ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي آمد ۽ گرينڊ ڊائلاگ جو گشو

Editorial-Article- Ajaz Mangi

عمران خان خيبرپختون خوا مان واپس اسلام آباد واپس وريو. انهن جي منهن ۾ ڇا رهيو؟ جيڪي بار بار چئي رهيا هئا ته هو جيل وڃڻ جي خوف کان پشاور ۾ پناهه وٺي ويٺو آهي. اصل ۾ حڪومت ڇا پر هڪ اخباري هاڪر کي به معلوم هو ته عمران خان گرفتار نه ٿيندو. جيڪا حڪومت عمران حڪومت جي اڳوڻي وزير شيرين مزاريءَ کي هڪ ڏينهن تائين حوالات حوالي نه ٿي ڪري سگهي. اها حڪومت عمران خان ۾ هٿ ڪيئن ٿي وجهي سگهي!؟ پر رانا ثناءُالله پوءِ به اهڙن بيانن کان باز نه ٿو رهي ته جڏهن عمران خان جي ضمانت جو مدو پورو ٿيندو ته هن کي پروٽيڪشن ڏيڻ واري پوليس ئي هن کي گرفتار ڪري وٺندي. جڏهن ته هن کي گهرو وزير بڻائڻ وارو وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پوزيشن کي ڪجهه پڪو ڪرڻ لاءِ اپوزيشن کي ”گرينڊ ڊائلاگ“ جو گشو ڏئي رهيو آهي. هو چئي رهيو آهي ته ملڪ جي معاشي صورتحال جي پيش نظر اهو ضروري ٿي پيو آهي ته سمورا اسٽيڪ هولڊر گرينڊ ڊائلاگ ڪن. جڏهن ته اپوزيشن يعني عمران خان هن جي اهڙي آفر کي اٿڻ شرط ٺڪرائي رهيو آهي. ڇو ته عمران خان کي به خبر آهي ته گرينڊ ڊائلاگ جو مطلب ڪهڙو آهي ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي معنيٰ ڇا آهي؟
شهباز شريف جي ان آفر جو مطلب اهو ناهي ته عمران خان کي قومي اسيمبليءَ ۾ واپس گهرايو وڃي. شهباز شريف گرينڊ ڊائلاگ جي نالي ۾ ان قومي حڪومت جو پراڻو فارمولو پيش ڪيو آهي، جنهن جو سادو مطلب اهو آهي ته ”اچو ته گڏجي کائون“ شهباز شريف عمران خان کي سمجهائي نه پر عرض ڪري رهيو آهي ته آخر پاڻ ۾ ڇو وڙهجي؟ ڇا اهو بهتر ناهي ته گڏجي سڏجي حڪومت ڪجي! جنهن کي جيتري سياسي طاقت آهي يعني جنهن جو جيترو حق ٺهي ٿو، اهو ايترو حصو کڻي. اهڙي طرح ملڪ ۾ هڪ مستحڪم قسم جي ڪرپٽ حڪومت جو قيام عمل ۾ آڻجي. جڏهن ته عمران خان ان آفر کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو. هو ڇو ڪندو؟ هن کي هن مهل به خيبر پختون خوا ۾ سرڪاري پروٽوڪول حاصل آهي. هو هن مهل به هيلي ڪاپٽر کان پير هيٺ نه ٿو لاهي. هن کي ان عمل سان عوامي حمايت به حاصل ٿي رهي آهي. هو مخالف ڌر ۾ هجڻ جي باوجود به حڪومت ۽ عوامي حمايت جو ڀرپور مزو ماڻي رهيو آهي.
شهباز شريف کي معلوم به هو ته عمران خان اها آفر قبول نه ڪندو پر پوءِ به هن سوچيو ته پيشڪش ڪرڻ ۾ ڪهڙو نقصان آهي؟
ڇا اها حقيقت ناهي ته شهباز شريف هن مهل پنهنجي رهبر ۽ پنهنجي وڏي ادي ۽ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي هدايت تي نه پر پنهنجي نئين سياسي ۽ سرڪاري پارٽنر آصف زرداريءَ جي پاليسيءَ تي هلي رهيو آهي!! اهو آصف زرداري جنهن ”ايڪ زرداري سب پر ڀاري“ واري نعري بدران پارٽيءَ ۾ پنهنجي حامي حلقي کي اهو نئون نعرو ڏنو آهي ته ”ايڪ زرداري سب سي ياري.“
آصف زرداريءَ جي ياري عمران خان ته ڇا پر ميان نواز شريف به قبول نه ڪندو پر شهباز شريف کي آصف جي شڪل ۾ واهه جو جوڙ مليو آهي. هو پنهنجي تازي تعلق مان ڪيترو خوش آهي؟ ان سوال جو جواب ته هو پاڻ به ڏئي نه ٿو سگهي. ڇا اهو گهٽ آهي ته هو جيل وڃڻ بدران وزيراعظم هائوس ۾ ويٺو آهي ۽ هن جو پٽ پنجاب جو وڏو وزير بڻجي ويو آهي. شريف فيمليءَ جي اها جوڙي جيڪا تمام گهڻي ڪوشش جي باوجود اسٽيبلشمينٽ به نه ٽوڙي سگهي، ان ۾ آصف زرداري هڪ وڏو ڏار وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. آصف زرداريءَ جي اها چال ميان نواز شريف کي تمام گهڻو چيڙائي رهي آهي پر هو پاڻ به مجبور آهي. ڇو ته حڪومت هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ هن کي ڇڏڻ جي صورت ۾ به بنيادي فرض پورا ڪرڻا پوندا. انهن فرضن ۾ اهم ترين فرض آءِ ايم ايف کان قرض جي قسط وٺڻ لاءِ عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو بم ڪيرائڻ وارو ڪم هو ۽ اها بجيٽ به پيش ڪرڻي آهي، جيڪا بجيٽ عوام لاءِ ملڪي تاريخ جو وڏو عذاب ثابت ٿيندي. پر ان کان سواءِ ٻيو ڪو حل به ته ناهي. جڏهن ته مريم نواز تمام گهڻو گوڙ به ڪيو ته عمران حڪومت جو گند اسان کي صاف نه ڪرڻ گهرجي پر اقتدار شيءَ کي اهڙي آهي. سياستدان شراب ته ڇڏي سگهي ٿو پر هو اقتدار کان انڪار ڪري نه ٿو سگهي.
عمران خان هاڻي ڇا ڪندو؟ هو پنهنجن ميمبرن کي قومي اسيمبليءَ ۾ ته واپس نه موڪليندو. ان جو ته هو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اعلان به ڪري چڪو آهي. پر حڪومت کي جلدي چونڊون ڪرائڻ جي سلسلي ۾ مجبور ڪرڻ لاءِ هو ڪجهه نه ڪجهه ته ڪندو. عمران خان جي سلسلي ۾ هاڻي هر ڪنهن کي پتو پئجي ويو آهي ته هو ماٺ ڪري ويهڻ وارو ماڻهو ناهي. هن کي جڏهن ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو آهي، تڏهن هو جاگنگ ڪرڻ يا پش اپ هڻڻ شروع ڪندو آهي. هن ۾ چپ ڪري ويهڻ وارو مادو ئي ناهي. جيڪڏهن عمران خان پنهنجي ناڪام لانگ مارچ کان پوءِ خيبر پختون خوا ۾ رهي پيو ته ان جو اهو مطلب نه هو ته هو گرفتاريءَ جي خوف سبب پهاڙن ۾ لڪي ويهي رهيو. ان جو سبب اهو هو ته هن جي پٺاڻ پرستارن تمام گهڻو تشدد برداشت ڪيو هو. ان ڪري هن کي اهو مناسب نه ٿي لڳو ته هو انهن کي ڪي پي ڪي موڪلي پاڻ بني گالا موٽي اچي. هن پنهنجن پٺاڻ ڪارڪنن جي مورال کي بلند ڪرڻ لاءِ چڱو خاصو وقت ڏنو. هن اس ۾ جلسا ڪيا. لانگ مارچ کان اڳ ۾ هن جو فوڪس پنجاب هو. لانگ مارچ کان پوءِ هن خيبرپختون خوا کي مناسب وقت ڏنو. ان سلسلي ۾ اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته هو خيبر پختون خوا جي تازي سرگرميءَ ۾ پوري پارٽيءَ کان پري ويٺو هو. هن پنهنجا سمورا غيرپشتون اڳواڻ پاڻ سان نه کنيا. هو پنهنجي پارٽيءَ کي به اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ته هو ڪنهن جو به محتاج ناهي. هو اڪيلي سر به پارٽيءَ کي سنڀالي سگهي ٿو. هن جي ان عمل سبب هن جي پارٽيءَ جي ڪورڪميٽيءَ ۾ هڪ قسم جو عدم تحفظ وارو احساس پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي.
عمران خان پنهنجي خيپر پختون خوا واري دوري ۾ پاڻ سان پارٽيءَ جا غيرپختون ان ڪري به نه کنيا ته جيئن هن ڀيري پٺاڻ پنهنجي مادريءَ ٻوليءَ جو ڀرپور مزو وٺي سگهن. اهو ئي سبب هو ته چارسده کان وٺي دير تائين هر هنڌ عمران خان جي جلسي ۾ اسٽيج تي پشتو ٻوليءَ کي اوليت مليل هئي. پٺاڻن هن ڀيري عمران خان جي ڪمپنيءَ جو ڀرپور مزو ماڻيو. انهن پنهنجي انداز ۾ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض سرانجام ڏنا. انهن پنهنجي مرضيءَ وارا پشتو شعر پڙهيا. انهن ۽ عمران خان جي وچ ۾ ڪو شاهه محمود قريشي، ڪو شيخ رشيد، ڪو فيصل ۽ ڪا فصيل نه هئي. هو هيو ۽ هن جو پاور بيس Power Base يعني هن جا پٺاڻ پوئلڳ هئا. انهن کي عمران خان گهڻي وقت کان پوءِ ايترو ٽائيم ڏنو جو انهن کان پراڻي وڇوڙي جا وڍ ۽ تازي لانگ مارچ جا ڌڪ وسري ويا.
عمران خان خيبرپختون خوا جي دوري کان پوءِ هاڻي به خاموش ٿي نه ويهندو. هيءَ حڪومت بجيٽ کان اڳ، بجيٽ ۾ ۽ بجيٽ کان پوءِ عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو جيڪو تيزابي مينهن وسائيندي، عمران خان ان جو سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ سرگرم ٿيندو. هو بني گالا ۾ ماٺ ڪري نه ويهندو. ڪجهه وقت کان پوءِ هو وري پنجاب کي سرگرم ڪندو. هن کي خبر آهي ته پارٽيءَ جي مشينريءَ کي ماٺ ڪري بيهارڻ سان زنگ لڳي ويندو آهي. ان ڪري هن کي مستقل طور تي حرڪت ۾ رکڻو پوندو آهي. پنجاب ۾ جن ماڻهن جي مٿان سرڪاري عتاب ڪريو، انهن جي دل جوئي ڪرڻ جي سلسلي ۾ هو ڀرپور وقت ڏيندو ۽ انهن جي ملول ٿيل مورال کي مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ان ڪم مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ عمران خان ڇا ڪندو؟
پنجاب ۾ پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ بعد هو سنڌ جو رخ ڪندو. هن جي دل ۾ آصف زرداريءَ جي لاءِ جيڪا انتقام جي باهه ڀڙڪي رهي آهي، هو ان جو عملي مظاهرو ضرور پيش ڪندو. ڇو ته هن جي حڪومت کي ڪيرائڻ جي اجازت ڏيڻ واري قوت ته ڪا ٻي هئي پر ان قوت جن جا هٿ استعمال ڪيا، انهن ۾ پهريون نالو آصف زرداريءَ جو آهي. ڇو ته هو ان سموري پلان جو آرڪٽيڪٽ هو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي غداري عمران خان جي زوال جو بنيادي سبب بڻي. عمران خان ايم ڪيو ايم کي تمام گهڻو سمجهايو. بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ٿيڻ کان اڳ ۾ عمران خان ايم ڪيو ايم وٽ ڪراچيءَ ڪهي ويو. هن ايم ڪيو ايم جي وفد کي گورنر هائوس نه گهرايو. پر هو پاڻ انهن وٽ بهادرآباد واري آفيس تي هلي ويو. هو ان هنڌ تي ويٺو، جنهن جي پس منظر ۾ ايم ڪيو ايم جو جهنڊو آويزان هو. پر ان جي باوجود ايم ڪيو ايم وارا عمران خان سان واعدو ڪري ڦري ويا. جڏهن ته ق ليگ هن سان آخر تائين بيٺي رهي. عمران خان هاڻي ايم ڪيو ايم کي انهن جي بيوفائيءَ جي سياسي سزا ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو.
عمران خان هن ڀيري سنڌ ۾ به ايندو. عمران خان کي احساس آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ هن جي اڀريل حمايت هيٺ ڪري هئي ته ان جو سبب اهو هو ته عمران خان سنڌ ۾ پنهنجن حامين کي ڏيکاريل سبز باغن وارو ڪو به واعدو وفا نه ڪيو. هڪ طرف حڪومت ۾ هوندي عمران خان جي سياسي ساک کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيا هئا ۽ ٻي طرف عمران خان وٽ پنهنجن سنڌي ساٿين سان ملڻ جو وقت نه هو. اهڙي طرح انهن پارٽيءَ ڇڏڻ يا ويهي رهڻ ۽ ڪنهن سرگرميءَ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو. پر جڏهن عمران خان حڪومت مان آئوٽ ٿي وري ملڪ جي سياسي فضا ۾ اڀري آيو ته سنڌ ۾ هن جا حامي سرگرم ٿيا. ان کان سواءِ نين چونڊن جي چوٻول ۾ عمران خان سان نوان سياسي چهرا به ملڻ چاهيندا. جڏهن ته اهو سڀ ڪجهه آصف زرداريءَ جي لاءِ برداشت ڪرڻ ڪيترو نه ڪٺن هوندو. پر اهڙن ڪمن ۾ ته اهو ڪجهه ٿيندو رهندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button