ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بجيٽ ۾ عوام کي رليف گهرجي

Editorial

ملڪ معاشي طور جنهن بحران ۾ گهريل آهي، ان مان نڪرڻ لاءِ گهڻو وقت گهربل آهي. حڪومت رڳو عوام تي مهانگائيءَ جو بار وجهي خرچ پورا ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي، اهو سڀ آءِ ايم ايف سان عمران حڪومت جي ڪيل معاهدن جو نتيجو آهي، پر عوام ڪيتري حد تائين مهانگائيءَ جو بار سهي سگهي ٿو، جڏهن ته عوام جي مالي حالت اڳ ئي ڏتڙيل آهي. 10 جون تي بجيٽ پيش ٿيڻ واري آهي، نئين حڪومت پاران هي پهرين بجيٽ هوندي پر جيڪا صورتحال سامهون اچي رهي آهي، اها ڪا گهڻي بهتر ناهي. ڇاڪاڻ ته ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪرڻ جا امڪان نظر نه پيا اچن ۽ ان کانسواءِ جيڪي نوان ٽيڪس لڳندا اهي به عوام کي ڀرڻا پوندا.
وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ حڪومت خرچ ۾ گهٽتائي آڻڻ لا ترقياتي بجيٽ ۾ هر قسم جي گاڏين جي خريداري ۽ نين ڀرتين تي پابندي، خالي جايون ختم ڪرڻ، سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن کي ملندڙ پيٽرول ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، جنهن لا وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جي لا مالي ڪفايت شعاري پاليسي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ منظوري لا پيش ڪئي ويندي. ايڪسپريس وٽ موجود ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تجويز ڪيل مالياتي سادگي واري پاليسيءَ جي ڪاپي موجب فقط ايمبولينس، تعليمي ادارن لاءِ بسون ۽ سالڊ ويسٽ گاڏيون خريد ڪري سگهجن ٿيون، دستاويز موجب ترقياتي منصوبن لا گهربل جاين کان سوا هر قسم جي نين ڀرتين تي پابندي جي تجويز ڏني، ترقياتي منصوبن کانسواءِ هر قسم جي ڊيلي ويجز ملازمن ۽ عارضي ملازمن (ڪنٽنجينٽ اسٽاف) جي ڀرتي تي پابندي هوندي، آفيس فرنيچر جي خريداري تي به پابندي هوندي، رڳو ترقياتي منصوبن لا فرنيچر خريد ڪري سگهجي ٿو، ايئرڪنڊيشنر، مائيڪرو ويوز، فرج، فوٽو ڪاپي سميت ٻي مشينري ۽ اوزان جي خريداري تي به پابندي هوندي. حڪومتي خرچ تي سرڪاري ملازمن جي پرڏيهه سفر تي پابندي لڳائڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته سرڪاري ملازم رڳو لازمي دورا ڪري سگهندا، ان کان سواءِ پرڏيهي نمائندن ۽ وفد کانسواءِ هر قسم جي سرڪاري مانجهاندي ۽ ها ٽي تي پابندي جي تجويز آهي. حڪومتي خرچ تي سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي لا اخبارون، رسالا ۽ ميگزين جي خريداري تي به پابندي جي تجويز آهي. سمورن وزارتن ۽ ڊويزن جي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسرن کي مالي ڪفايت شعاري پاليسي تحت بجلي، گئس ۽ ٽيليفون سميت ٻين يوٽيلٽيز جي استعمال ۾ 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻڻي پوندي. جڏهن ته سرڪاري ميٽنگز زوم ۽ وڊيو لنڪ ذريعي ڪرڻ کي هٿي ڏيڻ جي تجويز کانسواءِ خالي جاين، غيرپيداواري جاين ۽ بيڪار جاين کي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت پاران جيڪي تجويزون پيش ڪيون ويون آهن، اهي ڪنهن حد تائين بهتر آهن، پر ان سان گڏوگڏ عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته بهتر رهندو، ڇاڪاڻ ته هيستائين عوام هر حڪومت کان رليف جي گهر ڪندو رهيو آهي، پر جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت به عوام کي ايندڙ بجيٽ ۾ ڪو رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ رڳو مهانگائي ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي ته پوءِ هاڻوڪي بجيت به عوام دشمن ئي هوندي.

لوڊشيڊنگ تي حڪومت جي معذرت ڪافي ناهي
ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو ڪيترن سالن کان جيئن جو تيئن جاري آهي، هر حڪومت اها دعويٰ ڪندي آهي ته اها لوڊشيڊنگ گهٽائيندي پر هر حڪومت ۾ لوڊشيڊنگ گهٽجڻ بدران وڌندي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو عوام کي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ته ان سان گڏ ان جي روزمره جي زندگي به سخت متاثر ٿيندي آهي. جڏهن ته جيڪا بجلي عوام کي ٻاري ٿو، اها به ايتري مهانگي ڪئي وئي آهي جو ان لاءِ بجلي ٻارڻ مسئلو ٿي ويو آهي، هڪ ڀيرو وري هاڻوڪي حڪومت لودشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر شاهد خاقان عباسي دعويٰ ڪئي آهي ته بجلي بحران تي ضابطي جون ڪوششون جاري آهن ۽ لوڊشيڊنگ گهٽجي ساڍا ٽي ڪلاڪ ٿيندي. اسلام آباد ۾ پارٽيءَ جي ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان ڪوئلي سان هلندڙ پلانٽن جي پيداوار وڌائي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ 16 جون کان لوڊشيڊنگ جو دورانيو 3 ڪلاڪن کان به گهٽجي ويندو، جڏهن ته 30 جون کان لوڊشيڊنگ رڳو ٻه ڪلاڪ ٿيندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته جولاءِ ۾ لوڊشيڊنگ جو دورانيي ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻينداسين، ملڪ ۾ اڄ بجليءَ جي گهرج 25 هزار ميگاواٽ آهي، اسان کي جيڪو ڪجهه مليو، ان کي چئلينج سمجهي قبول ڪيون ٿا. سندس چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ تي عوام سان معذرت ڪيون ٿا، بجلي بحران پويان ڪوتاهين، ڪرپشن ۽ نالائقين جو وڏو داستان آهي، سستي بجلي ٺاهيندڙ ٻه وڏا پاور پلانٽ 2019ع ۾ مڪمل ٿيڻا هئا، اهي اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهيا، چئن سالن ۾ بجلي جو ڪو نئون پلانٽ نه لڳو.
عوام کي حڪومت جي معذرت جي ضرورت ناهي بلڪه عوام اهو ٿو چاهي ته ڪيئن به ڪري لوڊشيڊنگ جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي، ان لاءِ متبادل ذريعا به استعمال ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي سستي بجلي ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button