ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وزير اعظم لاءِ اصل امتحان مهانگائي يا عمران خان؟

Editorial-Article- Adil Shahzeb

نيٺ شهباز حڪومت اهي ڏکيا فيصلا ڪري ورتا آهن، جيڪي معيشت جي بحاليءَ لاءِ اڻٽر سمجهيا پئي ويا، پر هاڻ اتحادي حڪومت جو ڪڙو امتحان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 60 روپين جي واڌ کان پوءِ ايندڙ مهانگائيءَ جي طوفان کي روڪڻ آهي.
هن وقت حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج ئي معيشت کي سنڀالڻ آهي، جيتوڻيڪ اتحادي حڪومت سبسڊي واپس وٺڻ جي اڻٽر فيصلي ۾ ڪجهه هفتن جي دير ڪئي، جنهن سان غيريقيني وڌي، روپئي جو قدر ڪري پيو ۽ اهو تاثر اڀريو ته نواز ليگ حڪومت ڪرڻ ۾ سنجيده ئي ڪونهي ۽ اڻ تڻ جو شڪار آهي ته ڪيستائين حڪومت ڪئي وڃي ۽ ڏکين فيصلن جي سياسي قيمت ڇو ادا ڪئي وڃي.
پر عمران خان جي ال ٽائمڊ يا بي وقت جي لانگ مارچ اتحادي حڪومت لاءِ ڪئين ڏکيا فيصلا سولا ڪري ڇڏيا آهن. 20 مئي تائين حڪومت پاڻ اسيمبلي ٽوڙي چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي لاءِ ذهن سازي ڪري چڪي هئي پر لانگ مارچ جو اعلان ٿيندي ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته هاڻ جيڪڏهن عمران خان جي دٻاءُ ۾ اچي چونڊن جو اعلان ڪيو ويو ته هي حڪومت ۽ حڪومت جي اتحادي جماعتن لاءِ وڏو سياسي سيٽ بيڪ هوندو.
هونئن ته لانگ مارچ کي ناڪام ڪرڻ جو ٽاسڪ گهرو وزير راڻا ثناءَ الله کي ڏنو ويو هو. پر تحريڪ انصاف جي اڻپوري تياري ۽ ناقص رٿابندي جي ڪري حڪومت کي ڪجهه وڌيڪ نه ڪرڻو پيو.
عمران خان جو پنجاب بدران ڪي پي ڪي ۾ لانگ مارچ کي ليڊ ڪرڻ جو فيصلو سندس حڪمت عمليءَ جي حوالي سان ته وقتي طور ٺيڪ هو ته گرفتاريءَ کان بچي وڃي ۽ ڪي پي ڪي حڪومت جي وسيلن جو استعمال ڪندي ڀرپور عوامي طاقت سان اسلام آباد ۾ داخل ٿجي، اها ڳالهه به صحيح آهي ته ڪي پي ڪي ۾ عمران خان جي حڪومت آهي، جڏهن ته هو هن وقت به صوبي جو مقبول ترين اڳواڻ آهي، پر ان حڪمت عمليءَ جي ڪري تحريڪ انصاف جي حڪومت پنجاب تي ڌيان نه پئي ڏئي سگهي ۽ نتيجو اهو نڪتو آهي جو پنجاب جي عوام کي نه پنهنجن شهرن مان ڪڍيو ويو ۽ نه ئي اسلام آباد ڏانهن آندو ويو.
اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته حڪومت جڳهه جڳهه ڪنٽينر بيهاري رستا روڪ ڪئي، ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ شيلنگ جو استعمال ڪيو، گرفتاريون ٿيون پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ نه رڳو رنڊڪون هٽايون ويون بلڪه ڪي پي ڪي کان عمران خان جي قيادت ۾ قافلو اسلام آباد جي ڊي چوڪ ۾ به پهچي ويو.
ته پوءِ لاهور، ملتان، پنڊي ۽ جهلم وارا قافلا ڪٿي وڃائجي ويا هئا، جيڪڏهن مري کان صداقت عباسي سوين گاڏين سان اچي پهتو ته اسد عمر جي تڪ جا ماڻهو پنهنجن ئي تڪن مان ڇو ڪونه نڪري سگهيا.
ياسمين راشد، حماد اظهر، ۽ عمر ايوب جهڙا ماڻهو مار کائي به ڪارڪنن سان گڏ بيٺا رهيا ته فواد چوڌري، اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي ڇو ڪنٽينر تي چڙهي سيلفيون ڪڍائڻ بدران پنهنجن شهرن ۽ تڪن جي ماڻهن کي ليڊ ڪري نه سگهيا؟
شهباز گل پشاور ۾ بيهي فرمائي رهيو هو ته پشتون پنهنجو پلاند سئو سالن تائين به ڪونه وساريندا آهن ته اهو ئي شهباز گل پاڻ سان پنهنجي شهر فيصل آباد مان ڇو ٻه درجن ماڻهو ڪڍي ڪونه سگهيو؟
اقتدار کان پي ٽي آءِ محروم ٿي وئي آهي، پختون نه، نه ئي اهو پختونخوا جي جنگ آهي، پختونن گذريل ٻن چونڊن ۾ پي ٽي آءِ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، لانگ مارچ ۾ به هزارن جي انگ ۾ ماڻهو نڪتا ۽ ايندڙ چونڊن ۾ به شايد توهان کي کٽرائي ڇڏين، پر توهان اها ويڙهه پنجاب ۾ وڙهڻ بنا کٽي سگهو ٿا، بلڪل به نه!
توهان جي پنجاب جي قيادت ناڪام رهي ۽ ان جي نتيجي ۾ لانگ مارچ ناڪام ٿي ويو، پر اها فقط لانگ مارچ جي ناڪاميءَ جي ڳالهه ناهي، اقتدار مان تڙجڻ کان پوءِ عمران خان جيڪو سياسي تحرڪ جوڙيو هو، ان کي وڏو ڌچڪو لڳو آهي ۽ ان کي ڪنهن به ريت هڪ وڏي سياسي سيٽ بيڪ کان گهٽ نه سمجهيو وڃي.
اها حڪومت جيڪا اقتدار ۾ ايندي ئي اقتدار مان وڃڻ جا ڏينهن ڳڻيندي رهي، لانگ مارچ جي ناڪاميءَ کان پوءِ هاڻ فرنٽ فوٽ تي اچي چڪي آهي، عمران خان کي ڇهن ڏينهن کان پوءِ ايندڙ لانگ مارچ جو اعلان ڪرڻو هو، پر هن وقت هو اندروني اختلافن ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ ڦاٿل نظر اچي رهيو آهي.
جيتوڻيڪ پنجاب جي قيادت تبديل ڪئي وئي آهي ۽ هن (عمران خان) ڪي پي ڪي ڇڏي واپس اسلام آباد ۾ لڏو لاهي ويهڻ جو صحيح فيصلو به ڪري ڇڏيو آهي، پر اڃا به هن کي انتظار ڪرڻو پوندو، هن کي پنهنجي ردم ۾ واپس اچڻ لاءِ وري جلسن جو اعلان ڪري عوام ۾ وڃڻو پوندو، جنهن ۾ ڇهه کان اٺ هفتا لڳي سگهن ٿا ۽ ان کان پوءِ به ان ڳالهه جا امڪان نه هئڻ جي برابر آهن ته هو حڪومت کي چونڊون ڪرائڻ تي مجبور ڪري سگهندو.
پاڪستاني سياس ۾ مقابلي جا قاعدا قانون ڪڏهوڪا ختم ٿي چڪا آهن، ان ڪري اهو نه ٿو چئي سگهجي ته عمران خان کان ٽرين نڪري چڪي آهي، البت اهو واضح آهي ته عمران خان اسپيڊ ٽرين تي چڙهڻ بدران سلو يا سست رفتار ٽرين تي سوار ٿي چڪو آهي.
جڏهن ته شهباز شريف، شهباز اسپيڊ نه رڳو پنهنجي ٽرين تي اتحادين سوڌو سوار ٿي چڪو آهي بلڪه ٽرين کي حادثي کان بچائڻ لاءِ سمورا احتياطي اپاءَ به اختيار ڪري چڪو آهي. ٻئي پاسي سست رفتار ٽرين تي سوار خان صاحب اسپيڊ تيز ڪرڻ جي چڪر ۾ احتياطي اپاءَ (سندس ڪجهه هاڻوڪن بيانن مان ظاهر آهي) جو دامن ڇڏي چڪو آهي ۽ ريلوي جي ٽريفڪ وارڊن کي کيس بار بار ڏنڊ ڏيڻ لاءِ ٽرين کي بيهارڻو پيو پوي.
بهرحال اقتدار جي ان ٻن ٽرينن تي سوار، حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي کي اهو ذهن ۾ رکڻو پوندو ته ريلوي ٽريڪ يعني پاڪستاني معيشت خطرناڪ حد تائين پراڻي ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن ان کي نئين سر بحال نه ڪيو ويو ته ٻنهي ٽرينن تي سوار ماڻهو ڪجهه عرصي ۾ ڪٿي پهچڻ جي قابل نه رهندا.
هن وقت عمران خان لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج پنهنجي تحرڪ کي وري ٺاهي حڪومت کي گهر موڪلڻ آهي، پر شهباز شريف لاءِ ڊيليور ڪرڻ واري سياستدان جي پنهنجي ساک برقرار رکڻ آهي، جيڪڏهن شهباز شريف اهو سوچي رهيو آهي ته هن جو اصل امتحان معيشت جي بحالي ۽ عوام کي مهانگائيءَ کان رليف ڏيڻ ناهي بلڪه عمران خان کي منهن ڏيڻ آهي ته هو سنگين غلطي ڪري رهيو آهي.


انڊپينڊينٽ اردو جي ٿورن سان

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button