شوبز

ملالا مس مارول کي پاڪستانين جي صحيح نمائندگي قرار ڏئي ڇڏيو

لنڊن: نوبل انعام ماڻيندڙ ڪارڪن ملاله يوسفزئي پاڪستاني سپر هيرو عورت جي ڪردار تي مس مارول ويب سيريز ٺاهڻ تي مارول اسٽوڊيو ۽ ڊزني پلس جو شڪريو ادا ڪندي ويب سيريز کي پاڪستانين جي صحيح نمائندگي جي عڪاسي قرار ڏنو تفصيل مطابق منفرد صلاحيتن جي مالڪ پاڪستاني ڇوڪري ڪمالا خان جي مرڪزي ڪردار تي ٺاهيل ويب سيريز مس مارول کي 8 جون تي اسٽريمنگ ويب سائيٽ ڊزني پلس تي پيش ڪيو ويو، ڄاڻايل ويب سيريز ۾ ڪمالا خان يعني مس مارول جو ڪردار پاڪستاني ڄائي ڪينيڊين ڇوڪري 19 ورهين ايمان ولاني ادا ڪيو آهي، جيڪا ڪراچي ۾ ڄائي هئي. سيريز لاءِ خاص لکڻي لکي ملالا يوسفزئي پاران هٿ سان لکيل تحرير کي مس مارول جي انسٽاگرام پيج تي شيئر ڪندي نوبل انعام ماڻيندڙ ڪارڪن جو شڪريو ادا ڪيو ويو. ملالا يوسفزئي پنهنجي تحرير ۾ مس مارول جي ساراهه ڪئي ۽ لکيو ته هي سٺو احساس آهي، جو جڏهن ٽي وي جو مرڪزي ڪردار اها ئي زبان اردو ڳالهائي ٿو، جيڪا اوهان جي زبان هجي ۽ اهو ئي لباس پهري ٿو ۽ غذا کائيندو هجي، جيڪا اوهان کائيندا هجو، تڏهن تمام سٺو لڳي ٿو. ملاله يوسفزئي چيو ته مس مارول کي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين وانگر ڳالهائڻ، زندگي گذارڻ ۽ انهن جهڙو لهجو اختيار ڪندي ڏسي گهڻي خوشي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button