ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آرٽ دشمن سنڌي سماج

Editorial-Article-Akhtar hafeez

دنيا ۾ جيڪي به آرٽ يا فن سان پيار ڪندڙ سماج آهن، اهي تخليقي طور انهن سماجن کان گهڻا اڳڀرا آهن، جيڪي ٿلهي ليکي آرٽ دشمن يا وري آرٽ کي سماج ۽ فرد لاءِ نقصانڪار سمجهن ٿا. هونئن ته اسان جي رياست به آرٽ دشمن آهي، جتي نه ڪا سٺي فلم انڊسٽري آهي، نه تخليقي ادب سيکارڻ لاءِ ڪو ڪورس آهي ۽ نه وري ڪي اهڙا ڊانسنگ ڪلب آهن، جتي ماڻهو پنهنجو روح ريجهائي سگهي. تازو ئي سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ 1500 ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت جي هڪ ساراهه جوڳي فيصلي تي وٺ وٺان لڳي پئي آهي. ٺٺوليون ۽ مشڪريون شروع ٿي ويون آهن. ڪو چوي ٿو ته اسان کي سائنس تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڪو چوي ٿو ته مولوي ڀرتي ڪجن ته جيئن ٻارن کي ديني تعليم ڏجي. اسڪولن ۾ سائنس جا استاد اڳ ئي ڀرتي ٿيل آهن، ان کان سواءِ ڊرائنگ جا استاد به هوندا آهن. ملڪ ۾ هزارن جي انگ ۾ مدرسا آهن، جيڪي ديني تعليم ڏين ٿا. جيڪڏهن اسڪولن ۾ ٻارن کي ڪو استاد راڳ جي سکيا ڏئي ٿو ته ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي. بلڪه ان سان اسين ٻارن ۾ لڪل اهي صلاحيتون ڳولي سگهون ٿا، جيڪي اڃا تائين انهن کي موقعا نه ملڻ جي ڪري ظاهر نه ٿي سگهيون آهن.
موسيقي لاءِ چيو ويندو آهي ته اها روح جي غذا آهي. روح جي غذا مان مطلب اهو ناهي ته روح ڪو موسيقيءَ کي کائي ٿو پر ان جو مطلب اها ماڻهوءَ جي من کي سڪون ٿي ڏئي. ان فيصلي کان پوءِ گهڻي ڀاڱي ماڻهو ان جي رد ۾ ڳالهيون ان ڪري رهيا آهن جو اسين فرد ۽ سماجي طور آرٽ دشمن قوم آهيون. هڪ ليکڪ هتي بک مرندو آهي، ڪو ٻار پينٽر ٿيڻ چاهيندو آهي ته ان کي چيو ويندو آهي ته پينٽر ٿي ڇا ڪندين؟ ڪو ٻار جيڪڏهن اداڪار ٿيڻ چاهي ٿو ته چيو ويندو آهي، ڪو ڍنگ جو ڪم ڪر. ان ڪري جو، نه اسان وٽ ادارا آهن ۽ نه ئي اسان وٽ اها سوچ آهي، جنهن وسيلي اسين هڪ اهڙو سماج اڏي سگهون، جيڪو آرٽ وسيلي دنيا کي فتح ڪري سگهي.
ڀارت ۾ ستن سالن جا ٻار به بهترين ڊانسر ۽ بهترين ڳائڻا بڻجي ويندا آهن، ان ڪري جو اتي آرٽ جو قدر ڪيو ويندو آهي. ننڍن ننڍن ٻارن جي صلاحيتن کي پرکڻ لاءِ انهن کي ايترا ته موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن جو اهي پاڻ مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. تنهنڪري سنڌ جي اسڪولن ۾ موسيقي سيکارڻ تي جيڪو ردعمل اچي رهيو آهي، ان تي حيران ان ڪري به نه ٿيڻ گهرجي ته سنڌي سماج هن وقت گهڻي ڀاڱي انتهاپسندي ڏانهن وڌي رهيو آهي. اهو سڀڪجهه پاڻمرادو ڪونه پيو ٿئي پر اهو سڀ منظم نموني ڪيو پيو وڃي ته جيئن جيڪا مذهبي رواداري سنڌي سماج ۾ موجود آهي، ان کي ختم ڪيو وڃي. تنهنڪري اسڪولن ۾ موسيقي سکڻ واري عمل کي ننديو پيو وڃي. هاڻ ان کي هڪ بيڪار سرگرميءَ قرار ڏيڻ لاءِ ايترا ته دليل ڏنا ويندا جو ٿي سگهي ٿو ته سنڌ حڪومت ان فيصلي کي واپس وٺي ڇڏي.
هڪ سٺي سماج جي اوسر لاءِ رڳو سائنس ۽ معيشت جي شعبن جي ضرورت نه هوندي آهي پر اسان کي سٺا آرٽسٽ به گهربل هوندا آهن. دنيا ۾ هن وقت جيڪي ملڪ بهتر معيشت رکن ٿا، ان ۾ آرٽ جو وڏو حصو آهي. رڳو هندستان جي فلم انڊسٽريءَ کي ئي ڏسجي ته اها جڳ جهان جي موضوعن تي فلمون ٺاهي ڪيترو ڪمائي رهي آهي. جڏهن کان نيٽ فلڪس فلمون ٺاهڻ شروع ڪيون آهن ته نون نون موضوعن تي فلمون ٺاهي ان ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي.
جيڪڏهن مائيڪل جيڪسن کي ڪو چوي ها ته تون راڳ ڳائي ڇا ڪندين ۽ ان ۾ ڇا رکيو آهي ۽ مائيڪل جيڪسن ان ماڻهوءَ جي ڳالهه ٻڌي پنهنجي شوق جي نڙيءَ تي ننهن ڏئي ڇڏي ها ته دنيا ڪڏهن به مائيڪل جيڪسن کان واقف نه ٿي سگهي ها ۽ هو هڪ گمناميءَ جي زندگيءَ ۾ گذاري وڃي ها. جنهن دنيا جي موسيقي جي ڪايا پلٽ ڪري ڏيکاري. هو به جيڪڏهن اهو سوچي ها ته ڳائڻ هڪڙو اجايو شوق آهي ته هن جا ڪروڙين مداح ڪڏهن به پيدا نه ٿي سگهن ها. هو پنهنجا گانا به پاڻ لکندو هو، پر جيئن ته آمريڪا آرٽ سان پيار ڪندڙ ملڪ آهي، جنهن کي خبر آهي ته سماج کي جيترن سٺن سائنسدانن، معاشي ماهرن ۽ واپارين جي ضرورت آهي، ايتري ئي آرٽسٽن جي به ضرورت آهي.
دنيا ۾ ڪاميڊين پنهنجو فن ڏيکاري پئسا ڪمائيندا آهن، ڪلب ڪاميڊي هن وقت دنيا جو اهم ترين شعبو بڻجي وئي آهي، پر اسان وٽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪاميڊي ڪرڻ چاهيندو آهي ته ان کي چيو ويندو آهي ته هي رڳو مشڪريون پيو ڪندو آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هاڻ عورتون به اسٽينڊ اپ ڪاميڊين طور سامهون اچي رهيون آهن، جيڪي لطيفا ٻڌائينديون آهن، ممڪري ڪنديون آهن. ماڻهن جون دليون وندرائينديون آهن، اهو انهن جو شوق به آهي ته ڪم به.
تنهنڪري ٻارن کي موسيقي سکڻ ڏجي، انهن کي اهي شيون ڪرڻ کان نه روڪڻ گهرجي، جيڪي اهي دل سان ڪري سگهن ٿا ۽ ان ۾ اهي ماهر ٿي سگهن ٿا. سنڌ ۾ موسيقي خلاف ساڳي طالبان واري سوچ آهي، جن اتان جي فنڪارن جي سازن کي باهيون ڏنيون، انهن کان روزگار کسيو ۽ ان کان سواءِ انهن موسيقيءَ کي حرام قرار ڏئي ڇڏيو. هي به ان سوچ جو ئي تسلسل آهي، جو اسين پنهنجن ٻارن کي آپگهاتي بمبار ٺاهڻ تي فخر محسوس ڪريون ٿا پر جيڪڏهن هو سرن جي ڳالهه ڪري ٿو يا راڳ سکڻ چاهي ٿو ته اهو عمل اسان کي خراب ٿو لڳي.
پر تنهن هوندي به سنڌي سماج هر قسم جي موسيقي ٻڌندو آهي، اهو شيلا ڪي جواني کان وٺي مني بدنام هوئي جهڙا آئٽم سانگ وڏي مزي سان ٻڌي ٿو، پر شل نه روبي علي ڪنهن گاني ۾ ماڊلنگ ڪري، ان لاءِ ڪات ڪهڙا اڀا لڳا پيا هوندا آهن. فيس بوڪ تي هڪ جوڌي جو روبي عليءَ خلاف غيرتي مڙس جاڳي پيو ۽ همراهه هن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. جڏهن اهو ساڳيو معاملو پنهنجي سماج تي اچي ٿو ته اهو وڏي منافقيءَ ڏيکاري ٿو. جيڪڏهن راڳ سکڻ ايترو ئي خراب عمل آهي ته پوءِ راڳ ٻڌڻ ان کان وڌيڪ خراب عمل آهي، جڏهن اسين موسيقي سکڻ کي بهتر نٿا سمجهون ته پوءِ اسان لاءِ سڀ راڳي خراب هجڻ گهرجن. اهي سڀ ٻار به خراب آهن، جيڪي دنيا ۾ راڳ سکي رهيا آهن يا جيڪي راڳ وسيلي پنهنجو پاڻ مڃائڻ چاهين ٿا.
سنڌ حڪومت مس مس آرٽ جي ترقيءَ لاءِ هڪ سٺو فيصلو ڪيو آهي، ان کان اڳ به سنڌ جي اسڪولن ۾ راڳ جي سکيا جي روايت رهي آهي، هي ڪو پهريون ڀيرو ڪونهي جو اسڪولن ۾ راڳ سيکاريو ويندو. ڪي نجي اسڪول ته ميوزڪ ٽيچر به رکن ٿا ته جيئن ٻارن مان پڙهائيءَ جي بوريت ختم ڪري سگهجي. سو جيڪڏهن اسين موسيقي سکڻ کي اجايو ۽ ٻارن کي ان کان پري رکڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي سماج کان اها شڪايت به نه ڪرڻ گهرجي ته اسان جو سماج سڌريل ڇو ڪونهي ۽ هتي آرٽ کي هٿي ڇو نٿي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button