
ڀارت جي پنجابي راڳي سڌو موسيوالا جي قتل ڪيس ۾ پوليس گينگيسٽر لارينس بشنوئي کي ماسٽر مائينڊ قرار ڏنو آهي. ميڊيا مطابق دهلي جي اسپيشل ڪمشنر آف پوليس ايڇ ايس ڌاليوال جو چوڻ هو تھ پوليس هن ڪيس ۾ 5 شوٽرن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي. هوڏانهن 8 ماڻهن کي حراست ورتو ويو آهي.