
بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي گهرواري گوري خان مڙس کي انٽيريئر ڊزائننگ جي سکيا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪرونا ۾ مبتلا شاهه رخ خان کي ڪورنٽائين جي مدي دوران زال گوري خان انٽيريئر ڊزائننگ سيکاري رهي آهي، جنهن سان نھ رڳو شاهه رخ خان جو وقت سٺو پيو گذري پر هو هنر بھ سکي پيو.