پاڪستاني اداڪارا صبا قمر مرد جي ٻي شادي جي حمايت ۾ دليل ڏيندي چيو آهي تھ اسان جي سماج ۾ مرد جي ٻي شادي قبول ناهي، اها داغ طور ڏسندا آهيون، پر مرد 10 عشق ڀلي ڪري، ان تي اعتراض ناهي. هڪ وڊيو انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ اسين انتهائي بي شرم آهيون، گهر جي چوديواري ۾ سڀ ڪجهه ڪيون ٿا، پر ٻاهر پنهنجا عيب نٿا کوليون. هن چيو تھ ماڻهن جا 10 عشق هوندا، ان ڳالهه تي ڪير نھ ڳالهائيندو، پر عجيب آهي تھ مرد جي ٻي شادي کي خراب نظر سان ڏٺو ويندو. هن چيو تھ جائز طريقي سان شادي ڪرڻ غلط ناهي، مان حقيقت بيان ڪيان ٿي، اهو ناهيان سوچيندي تھ ماڻهو مون بابت ڇا چوندا آهن. صبا قمر چيو تھ درست ڳالهه نٿا چون، اهي ڊڄندا آهن تھ ڪٿي سندن حقيقت نھ سامهون اچي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close