بالي ووڊ جي کلاڙي اڪشي ڪمار جي تازو رليز ٿيل فلم سمراٽ پرٿوي راج ڀارت جي حڪمران جماعت بي جي پي جي حمايت باوجود ناڪام ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق فلم سمراٽ پرٿوي راج هندو جنگجو بادشاهه جي ڪهاڻي مداحن جو ڌيان نھ ڇڪائي سگهي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ فلم ۾ پرٿوي راج چوهان جو بهادري، هاٿين ۽ گهوڙن ذريعي جنگيون وڙهڻ شامل آهي. جڏهن تھ ڪهاڻي پرٿوي راج چوهان جي دغا باز والد مان پنهنجي دوست کي ڇڏائڻ تي فوڪس ڪيل آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي تھ، اڪشي ڪمار جي مک ڪردار باوجود فلم جا شوز خالي رهيا، ڪمائي بھ گهٽ ٿي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close