هاڻوڪي شھباز سرڪار مان ملڪي عوام کي کوڙ ساريون آسون ۽ اميدون ھيون، ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جھڙي ريت پنهنجي حڪومتي دور ۾ عوام کي ڪو به رليف نه ڏئٔي سگهي، انهيءَ ڪري جڏهن تحريڪ انصاف حڪومت ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اقتدار تان ھٽائٔڻ لاءِ سندس گھيرو تنگ پئي ڪيو ويو ته ان وقت ملڪ ۾ عمران خان جي سياسي پذيرائي جي زوال جا ڏينهن شروع ٿي چڪا ھئٔا. ايتري قدر جو تحريڪ انصاف جا پنھنجا ماڻهو به پارٽيءَ سان وڌيڪ نڀائڻ کان لنوائٔي رھيا ھئٔا. ڇاڪاڻ ته عمران خان به اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ عوام سان ڪيل وچن وفا نه ڪيا، جنهن سبب ان وقت تحريڪ انصاف چيئٔرمين عمران خان جي عوام ۾ مقبوليت ڏينھون ڏينهن گھٽجي رھي ھئي.
اھڙي صورتحال ۾ گڏيل مخالف ڌر، جيڪا ھن وقت اقتدار ۾ آهي، ان وقت ملڪ ۾ موجود سمورن براين ۽ بحرانن جي ذميوار تحريڪ انصاف سرڪار کي ڄاڻائٔيندي عمران خان کي ھٽائٔڻ جو پڪو پھه ڪيو ۽ نيٺ تحريڪ انصاف جو وقت کان اڳ خاتمو ٿيو. ان وقت انهن ئٔي ڪالمن ۾ اسان اھا ڳالهه ورجائيندا رھياسين ته ھي جيڪو ممڙ عمران خان جي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ مچايو ويو آهي، انهيءَ ۾ ڇا رڳو عمران خان جي اقتدار تان ھٽائٔڻ سان ھي سمورا معاملا حل ٿي ويندا؟
هاڻوڪي صورتحال ۾ اھا ساڳي ڳالهه انتھائٔي اھميت اختيار ڪري چڪي آهي ته شھباز سرڪار وٽ ملڪ کي درپيش سياسي، معاشي، ۽ سفارتي بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪا به منصوبابندي نه ھئٔي. هاڻوڪي حڪومت ۾ شامل پي ڊي ايم اڳواڻن اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ملڪ کي درپيش مونجھارن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ جنهن ھوم ورڪ ھئٔڻ جي دعويٰ پئٔي ڪئٔي. اھا رڳو ھڪ سياسي اعلان کان سواءِ ڪجهه به نه ھئي.
ملڪ جي موجوده صورتحال پنهنجي سامھون آهي. شھباز سرڪار نه مھانگائٔيءَ جي جن کي بوتل ۾ بند ڪري ملڪ کي معاشي بحران مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ۽ نه ئٔي وري لوڊشيڊنگ جو ملڪ ۾ اڃا تائٔين خاتمو اچي سگھيو آهي. ان کان سواءِ ملڪ کي درپيش بحرانن جو خاتمو آڻڻ بدران شھباز سرڪار ويجھڙائيءَ ۾ ھڪ ٻئي جي پٺيان جنهن انداز سان پيٽرول، ڊيزل، گيس ۽ بجليءَ جي اگھن ۾ تاريخي واڌ ڪئٔي آهي جنهن سان شھباز سرڪار مھانگائٔيءَ جا نوان رڪارڊ قائٔم ڪري ورتا آهن.
هاڻوڪي حڪومت جي انهن عوام دشمن اپائن ويتر ملڪي عوام ۾ بيچيني پکيڙي ڇڏي آهي. بنيادي طور تي ملڪي عوام جو اھم مسئٔلو عمران خان جي دؤر اقتدار ۾ به مھانگائي ئٔي ھو ۽ اڄ به ملڪ جي ھر ماڻهوءَ جو بنيادي ۽ اھم مسئٔلو مھانگائٔي آهي. ڇاڪاڻ ته ھتي عالمي مالياتي ادارن جي ھدايتن تي اکيون ٻوٽي ھر حڪمران مھانگائٔي ڪرڻ ۾ ڀلائٔي سمجھندي عوام جو جيئڻ جنجال ڪرڻ کان به نٿو مڙي ۽ هيءَ حڪومت پڻ مھانگائٔيءَ ۾ واڌ ڪري انهيءَ تسلسل کي برقرار رکندي اچي، جنهن سبب مھانگائٔيءَ جي آيل طوفان کي ھاڻ غريب عوام ڪنهن به صورت منهن نٿو ڏئٔي سگهي.
حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ھاڻ ملڪ ۾ عوام لاءِ ٻه ويلا ماني به ھڪ خواب بڻجي چڪو آهي. حيرت جھڙي ڳالهه اھا آهي ته ھيءَ حڪمران ھر وقت عوام کي ته مھانگائٔيءَ جا کوڙ سبب ٻڌائيندي ٿڪن ئي نٿا ته اهي مجبور آهن. پيٽرول ۽ گيس وغيره جي اگھن ۾ واڌ ڪرڻ کان سواءِ اسان وٽ ڪو ٻيو رستو ئٔي ناهي ته پوءِ ايتري مھانگائٔي ۽ ملڪ ۾ موجود معاشي بحران باوجود ھنن حڪمرانن جي پنھنجي عيش ۽ آرام، پروٽوڪول توڙي ٺٺ ٺانگر ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا گھٽتائي نه ٿي اچي. ڇا مھانگائٔي رڳو ملڪ جي غريب عوام لاءِ آهي؟ اھو ڪيئٔن ممڪن آهي ته ڪنهن غريب ملڪ جا حڪمران ايترا امير ھجن جو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اربين، کربين روپين جي ملڪيتن جا مالڪ بڻيل ھجن ۽ انهيءَ غريب ملڪ جو عوام بکئٔي پيٽ آپگھات ڪرڻ تي مجبور ھجي؟
تنھنڪري اھا انتھائي سولي ۽ سمجهڻ جوڳي ڳالهه آهي ته اسان جي حڪمرانن ھن ملڪ جي عوام کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي ڇڏيو آهي, عوام جي نالي تي سڄي دنيا کان قرض وٺي ھر حڪمران ملڪ کي درپيش بحرانن مان ڪڍڻ جو ڪو مستقل حل ڪڍڻ بدران رڳو پنهنجا پيٽ ڀري ھن ملڪ جي عوام کي ھاڻ سڄي دنيا جو قرضدار بڻائٔي ڪٿان جو به ناهي ڇڏيو. باقي شھباز حڪومت وٽ جيڪڏهن عوام کي رليف فراھم ڪرڻ لاءِ ڪا منصوبابندي نه ھئٔي ته پوءِ عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ منهنجي خيال ۾ شھباز سرڪار کي ھاڻ ايندڙ وقت ۾ پڻ وڌيڪ عوامي ردعمل کي منهن ڏييڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي حڪومت تازو پيٽرول قيمتن ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ ڪري ملڪي عوام جي ذھن مان تحريڪ انصاف جي دؤر اقتدار ۾ عوام سان ٿيل زيادتين ۽ ڪاوڙ کي عمران خان خلاف گھٽائٔي سمورن مسئلن جو ذميوار موجوده حڪومت پنهنجي پاڻ کي بڻائي ڇڏيو آهي.
ملڪ جي هاڻوڪي معاشي صورتحال انتھائي خطرناڪ حد تائين پھچي چڪي آهي. ھاڻ معاشي بحران مان ملڪ کي ڪڍڻ شھباز سرڪار لاءِ نه فقط ڏکيو پر ناممڪن پڻ بڻجي چڪو آهي. مھانگائٔيءَ جي آيل طوفان ۾ اڃا وڌيڪ واڌ ٿئڻي آهي.
دراصل جيستائين ملڪ ۾ چھرن جي تبديلي بدران ملڪ ۾ حقيقي تبديلي نٿي آندي وڃي. جيستائٔين رڳو عالمي مالياتي ادارن جي سھاري ملڪ کي ھلائٔڻ بدران ٻين متبادل ذريعن کي استعمال ڪندي ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيھارڻ جي ڪوشش نٿي ڪئٔي وڃي، جيستائٔين حڪمران جي ٻاھر پيل اربين روپين کي ملڪ ۾ نٿو آندو وڃي، تيستائٔين ملڪ ۾ معاشي توڙي سياسي استحڪام جو قيام ھڪ خواب ئٔي رهندو.