ملڪ ۾ لوڪل باڊي اليڪشن مرحلي وائيز ٿي رهي آهي ڪي پي ڪي کان پوءِ بلوچستان جي ڪجھه علائقن ۾ ٿيڻ کان پوءِ هن وقت سنڌ جي اندر ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن کان سواءِ باقي سنڌ ۾ ان جو پهريون مرحلي ۾ 26 جون تي اليڪشن ٿيندي. لوڪل باڊي اليڪشن تمام سياسي جماعتن جي مرڪزي قيادتن جي خواهشن نه هوندي اليڪشن ٿيڻ انهيءَ ڪري لازمي آهي ته اها آئيني گھرج هجڻ ڪري پارٽين جي مجبوري آهي ته هو لوڪل باڊي اليڪشن جي طرف وڌن جمهوريت ۽ اختيارن جي لميٽيشن جي لاءِ به ضروري آهي ته لوڪل باڊي اليڪشن ٿين، جنهن ۾ عوام کي ميونسپل سروس ملي سگھي. انهيءَ کان علاوه عوام جون بنيادي گھرجون جيڪي لوڪل سطح تي آهن انهن جو ڪنهن حد تائين پوراءُ ٿي سگھي. سياسي پارٽين جي دعويٰ ۽ منشورن ۾ ته اهي تمام نقطا شامل هوندا آهن پر عملي سياست جي اندر انهن جو ڪردار لوڪل باڊي ڏانهن مخلصاڻو ۽ سياسي نظرياتي پهلوئن کان هميشه منجهيل ۽ پاسيرو رهندو آيو آهي سواءِ هڪ اڌ پارٽي جي باقي سڀ جو سڀ پارٽيون هيٺين سطح تي اليڪشنون ڪرائي فنڊ ۽ اختيار منتقل ڪرڻ جون نه قائل رهيون آهن ۽ نه وري انهن جي اها خواهش آهي ته لوڪل باڊي ڀرپور طريقي سان پنهنجو جمهوري ڪردار ادا ڪري ۽ عوام کي بهتر کان بهتر سروس ڏي. اهوئي سبب آهي جو تمام سياسي جماعتن جي اندر ڪٿي به پارٽي ڪارڪنن جي ڪا به لوڪل باڊي جي لوڪل سروس ڏيڻ جي لاءِ يعني بنيادي جمهوريت جي ادارن اندر انهن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ انهن جي اندر پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ڪو به ڪردار ۽ لٽريچر نظر نه ايندو.
پوري ملڪ جي تاريخ ۾ جيڪڏهن نظر ڊوڙائي ڏسبي ته ڪنهن به دور ۾ ڪا به سياسي پارٽي انهيءَ جي لاءِ تياري ڪندي ۽ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي تربيت ڏيندي نظر نه ايندي ها البت اسان کي هي تماشو به نظر ايندو آهي ته سياسي پارٽِين جي ڪارڪنن جي اها تربيت ڪجهھ اين جي اوز ڪندي نظر اينديون آهن جيڪي سيمنار ڪرائڻ ۽ ڪجھه ورڪشاپون ڪرائڻ جي سرگرمين ۾ رڌل هوندا آهن، انهن جي اها سرگرمي تڏهن وڌيڪ نظر ايندي آهي، جڏهن انهن اين جي اوز کي ڊونر ايجنسيون پراجيڪٽ ڏينديون آهن، جيئن ته اين جي اوز جو سڄو فوڪس ۽ مقصد ان پراجيڪٽ جي ذريعي پيسو ڪمائڻ هوندو آهي، تنهن ڪري انهن جي ڪا به ڪمينٽميٽ نظرياتي وابستگي ناهي هوندي.
پاڻ ان مشاهدي مان گذري چڪا آهيون اڪثر اهوئي نظر ايندو آهي ته اين جي او جو پروگرام ٿيندي وڌ کان وڌ زور فوٽو سيشن تي هوندو آهي ۽ پوءِ تفصيلي ۽ علمي بحثن، تقريرن کي مختصر کان مختصر ڪئي ويندي آهي ممڪن آهي ته ڪجھه اين جي اوز انهيءَ ۾ سنجيده هجن ۽ انهن پنهنجن پروگرامن ۾ ڪي نتيجا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هجي ۽ سٺو مواد انهن وٽ ڪٺو هجي پر هن وقت تائين منهنجي ڄاڻ ۾ اهڙي ڪا به اين جي او آرگنائيزيشن ناهي گذري جنهن وٽ پروگرامن جي مواد جي پوري ڊاڪيومينٽيشن ٿيل هجي آئڊيو ويڊيو يا لکت ۾ جيڪڏهن ڪو مواد هوندو ته اهو تمام نالي ماتر هوندو ها وڌ کان وڌ انهن جو زور فوٽو سيشن تي هوندو آهي ته جيئن هو ڊونر ايجنسي کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري سگھن. سرمائيدار ملڪن جون ڊونر ايجنسيون به انهي ڪوشش ۾ هونديون آهي ته پروگرام جيڪي به آرگنائيز ڪيا وڃن، اهي گيدرنگ ۽ تفريح کان وڌيڪ نه هجن، ڇو ته جيڪڏهن ڊونر ايجنسيون پروگرام جي سنجيدگي جي لاءِ انهن کي پابند ڪري ۽ انهن کي پوري ڊاڪيومنٽيشن ڪرڻ جي لاءِ چئي ته پوءِ لازمي طور تي مواد سهيڙڻ انهن کي ترتيب ڏيڻ ۽ پوءِ انهي کي شائع ڪرڻ انهن جي مجبوري ٿي ويندي، پر ائين نه ڪرڻ جو مقصد به اهوئي آهي انٽليڪچويل ڪم ۾ ڪهڙي طريقي سان بدديانتي ۽ بي ايماني داخل ڪجي، جيڪا پاليسي عالمي سامراجي مفادن جو پوراءُ به ڪري ٿي ته انهن جي مفادن جو تحفظ به ڪري ٿي. پر جنهن جو بنيادي ڪم ۽ فرض آهي اهي اهو ڪم ڪرڻ جي لاءِ مني صدي ۾ ڪڏهن به عمل ڪندي نه نظر اچن ٿا ۽ نه هن وقت تائين انهن جي ڪا اهڙي ايجنڊا آهي.
پاڻ ڪيترائي دفعا اهو بحث ڪري چڪا آهيون ته موجوده سياسي پارٽين جي اندر خاص ڪري اقتداري سياست جنهن ۾ وڌ کان وڌ يا مڪمل طور تي اشرافيه ڪلاس پير، مير جاگيردار قابض آهن، انهن پارٽين ۾ هڪ چڱو خاصو حلقو بهترين پڙهيل لکيل سمجھدار ۽ ڄاڻو ماڻهن جو آهي پر اهي پارٽين جي اندر ڪو به نظرياتي ۽ تربيتي ڪم ڪندي نظر نه ايندا ۽ نه وري پارٽين جون مرڪزي قيادتون انهن کان اهڙي قسم جو ڪو ڪم ڪرائينديون آهن. انهن سڀني جو مقصد صرف اهو هوندو آهي ته تمام جو تمام پارٽي ورڪر پوئلڳن جي هڪ ٽولي جي صورت ۾ رهندا اچن ۽ پوءِ انهن ۾ ڪجهھ کي مراعتون ڏئي يا نوڪريون ڏئي ايڊجسٽ ڪجي ۽ تمام پارٽي ڪارڪن پنهنجي سماجي ۽ سياسي نظرين جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ جي بجاءِ يا انهن بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي بجاءِ هڪ مفادن جو تصور رکي سياسي ڊيوٽيون ڏيندا رهن. اهو عمل بلڪل ائين آهي جيئن ٽريڊ يونينون مزدورن کي مراعتون ڏيارڻ جي حڪمتِ عملي کي وڌائيندي انهن کي سياسي ۽ نظرياتي عمل کان الڳ ڪري هلائيندا آهن ۽ اهڙي ئي عمل جي لاءِ ڪامريڊ لينن لکيو هو ته “جيڪي ٽريڊ يونين ليڊر ماني جي ٽڪر تي انقلابن جو سودو ڪندا آهن اهي بدترين غداريءَ جو ڪردار ادا ڪن ٿا.” هن ملڪ جو اشرافيا ڪلاس پنهنجي تاريخي ارتقا ۾ هڪ اهڙي نفسيات جوڙي چڪو آهي جنهن ۾ ڪنهن به رخ کان حب الوطني، عوام دوستي ۽ جمهوريت جو تصور نٿو ڪري سگھجي اهي سڀئي نظريا ۽ اصول هن جي سياسي نعري بازين جي هڪ راند کان سواءِ ڪا به اهميت نٿا رکن توڙي جو انهن کي اها خبر آهي ته سياسي پارٽين جون جڙون سگھه ۽ ست ڪارڪن هوندا آهن هر پارٽي جي بري وقت ۾ وڌ کان وڌ قرباني پارٽي ڪارڪن ڏيندا آهن، اهي پارٽي ڪارڪن ئي هوندا آهن جيڪي جيل، ڪوڙا، لٺيون ۽ گوليون برداشت ڪري پارٽي کي سگھارو ۽ جاندار رکندا آهن پر پارٽي جي اندر تقريبن اهو ئي نظارو نظر اچي ٿو ته انهن ڪارڪنن جي حيثيت معمولي کان معمولي نظر ايندي آهي نه رڳو نظر ايندي آهي پر ڪارڪنن کي ان بنيادن تي هلائڻ جي پوري ڪوشش، پلاننگ ۽ حڪمتِ عملي اختيار ڪئي ويندي آهي.
هن ملڪ ۾ جن پارٽين آمريتن جا عذاب سٺا آهن انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ برو وقت ۽ بدترين عذاب پ پ پ ڀوڳڻو پيو آهي ضيا آمريت جا ڏھه سال پ پ پ جي ڪارڪنن جي لاءِ پوري تشدد جي تاريخ آهي ۽ اسان ان وقت ڏٺوسين ته يونٽ کان ضلعي ۽ ڊيوزن تائين غريب ڪارڪنن پارٽي جي عهدن کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي سفر ڪيو پر جڏهن لوڪل باڊي اليڪشن جنهن به دور ۾ ٿي ته اوچتو ئي اوچتو اشرافيا ڪلاس موسمي پکين وانگر اچي اقتدار جي چشمن تي ويهي رهيا آهن، اهي ڪارڪن جيڪي بدترين ظلم برداشت ڪندا هئا انهن کي وڌ کان وڌ ڪائونسلري جي ٽڪيٽ ڏيڻ کان پوءِ اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته پارٽي پنهنجو فرض پورو ڪري ڪارڪنن جي نسلن تي احسان ڪري ڇڏيو تعلقن کان ضلعن تائين ناظم هجن يا چيئرمين ڀوتارڪا دادلائي نظر ايندا ۽ هن وقت اها صورتحال وڌ کان وڌ بري ٿيندي نظر پئي اچي جو بنگلو ٽڪيٽن جو بنڊل پنهنجي کيسي ۾ وجھي پارٽي ڪارڪنن جي بجاءِ پنهنجي بنگلي جي وفادارن کي نوازيندي نظر اچي پيو، ايتري حد تائين ڀوتارڪو ڪلچر اڳتي وڌي چڪو آهي جو خود پارٽي جي اندر سڀني جون پنهنجون پنهنجون لابيون آهن جيڪڏهن ڪنهن وارڊ يا تڪ تي ڪنهن ڪارڪن زور زبردستي ڏئي ٽڪيٽ حاصل به ڪئي آهي ته انهيءَ جي مقابلي ۾ بنگلن پنهنجا پنهنجا ماڻهون بيهاريا آهن هاڻي ڏسڻو هي آهي ته پ پ پ جي مرڪزي قيادت يا ٻين پارٽين جون مرڪزي قيادتون اليڪشن کان پوءِ ڀوتارن ۽ ڪارڪنن ۾ فرق ڪندي ڪيترن ڪارڪنن کي چيئرمين جي عهدن تي نامزد ڪن ٿيون يعني اسان هي به ڏسنداسين ته هن ملڪ جي ڪوٽا سسٽم ۾ ويچارن غريب ۽ مخلص ڪارڪنن جي لوڪل باڊي اليڪشن جي اندر ڪوٽا ڪيتري آهي ۽ اها ڪهڙي ڪهڙي عهدي لاءِ آهي؟