ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خالي هٿئين بجيٽ پيش ڪندڙ اتحادي حڪومت!

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

موجوده حڪمران جيڪي ڪجهه ڏينهن کان قرض حاصل ڪرڻ لاءِ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڀٽڪي رهيا هئا، انهن کي جيتري خيرات ملي، اها نئين مالي سال 2022 ۽ 2023 جي بجيٽ ۾ واضح طور تي نظر اچي رهي آهي. عمران خان جي حڪومت جي دور ۾ جيڪا معاشي تباهي آئي، بقول حڪومت ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن جي ته موجوده حڪومت جي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇايون ويون. ان جو نتيجو به سامهون آهي. هن بجيٽ پيش ڪرڻ کان پهريان ئي عوام کان قرباني گهري وئي. عالمي مالياتي فنڊ جي دٻاءُ تحت پيٽروليم جي شين ۽ عام واهپي جي شين ۾ جيڪا واڌ ڪئي وئي، ان جي نتيجي ۾ مهانگائي جو طوفان “بدتميزي”، جنهن سان خاص ڪري عام ماڻهو مقابلو ڪري رهيو آهي. هي طوفان ڪو پهريون ۽ آخري ناهي، پر هي سلسلو موجوده حڪومت جي دور ۾ جاري رهندو. ان مان اندازو ٿي وڃي ٿو ته موجوده حڪمران توڙي جو روئي جي لحاظ کان اڳوڻن حڪمرانن کان بهتر آهن،پر معاشي لحاظ کان انهن جي روش به ساڳي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. موجوده حڪمران هي ڳالهه به چوندا رهن ٿا ته ساڍن ٽن سالن جي حڪومت کي ٻن مهينن جي حڪومت سان ڀيٽي نٿو سگهجي، انڪري انهن کي موقعو ڏنو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪري سگهن. بقول انهن جي کين تبديلي محسوس ٿيندي. هي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر سوال آهي ته عالمي مالياتي فنڊ سان ڪيل ٺاهه جاري رهندو يا ختم ٿي ويندو؟ جيڪڏهن ٺاهه جاري رهندو ته پوءِ مهانگائي جي شرح جو ڇا ٿيندو؟ اها وڌندي يا گهٽجندي؟ جيڪڏهن عام واهپي جي شين کان وٺي پيٽروليم شين جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهندو ته پوءِ عام ماڻهوءَ جي حالت ڪيئن بهتر ٿيندي؟ موجوده اتحادي حڪومت جي دور ۾ به نوجوانن خاص ڪري بيروزگار افرادي قوت لاءِ روزگار جا موقعا پيدا نه ٿيندا ته پوءِ شهرين جي حالت ڪيئن بهتر ٿيندي؟ ان سان گڏ حڪومت شهرين جي معاشي حالت ڪيئن بهتر بڻائيندي؟ ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل جي جنهن بجيٽ تقرير ٻڌي ان مان هي ڳالهه محسوس ٿي ته حڪومت اڻ سڌن بدران سڌن ٽيڪسن تي وڌيڪ ڀاڙيندي، جنهن جو مقصد هي آهي ته عام ماڻهوءَ جي اڻ سڌن ٽيڪسن جي مد ۾ وڌيڪ ابتي کل لهندي هئي، جنهن ۾ ريليف فراهم ڪيو ويندو.
هن ملڪ جي شهرين جو وڏي ۾ وڏو مسئلو هي آهي ته انهن وٽ وسيلا ناهن، ست ڪروڙ افرادي قوت ڪم سان لڳل آهي، جڏهن ته آبادي 22 ڪروڙن کان به وڌيڪ آهي، بيروزگاري جي رفتار کي ڪوبه ٻنجو ڏيڻ وارو ناهي، غربت جي شرح ايتري گهڻي آهي، جو آبادي جو اٽڪل 40 سيڪڙو انتهائي غربت کي منهن ڏئي ٿو. هي ڳالهه سڀ مڃين ٿا ته ملڪ ۾ غربت جي رفتار آسمان سان ڳالهيون ڪري ٿي، پر ان جي خاتمي لاءِ ڪهڙي پاليسي هجڻ گهرجي؟ ان حوالي سان ڪوبه ڪم ٿي نه رهيو آهي. حڪمرانن کان پڇجي ٿو ته ٻڌايو ته غربت جو خاتمو ڪيئن ٿيندو ته هو خيراتي پروگرامن جو ذڪر ڪن ٿا، جن جي شڪل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي صورت ۾ موجود آهي. ان کان اڳ ۾ احساس پروگرام به شروع ڪيو ويو. هي سڀ غربت جي خاتمي جا پروگرام ناهن، ڇاڪاڻ ته غربت ان وقت ختم ٿيندي، جنهن وقت شهرين کي وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ رياست اهڙيون ئي عوام دوست پاليسيون جوڙيندي، هن بجيٽ يا حڪومت جي پاليسين ۾ هي ڳالهه نظر نٿي اچي ته انهن وٽ پلان ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن حڪمرانن سان ڳالهائجي ٿو ته هو هڪٻئي تي نه رڳو الزام مڙهين ٿا،پر هي به چون ٿا ته انهن وٽ وسيلا ئي ڪونهن ته پوءِ ڪو ايڪشن پلان ڪيئن جوڙي سگهجي ٿو؟ موجوده اتحادي هجن يا ان کان اڳ سندن پيشرو، ڪنهن وٽ به رٿابندي ناهي. هنن جي اوليتن ۾ غربت جو خاتمو ۽ عوامي ڀلائي جو ڪو پروگرام نظر نٿو اچي. ان جو هڪڙو سبب ته هي به آهي عوام جا نمائندا ناهن، جيڪي انهن جي ڀلائي لاءِ قانون سازي ڪن يا وري ڪنهن اهڙي پروگرام کي متعارف ڪرائين جنهن سان خوشحالي اچي. هينئر جيڪي به سوشل انڊيڪيٽرز موجود آهن، انهن کي ڏسڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته بهتري اچڻ بدران لاڳاتار زوال طرف وڌي رهيا آهيون!
هن ڀيري به حڪومت کي نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻي هئي، انڪري انگن اکرن کي اڳتي پوئتي ڪري اعلان ته ڪيو ويو آهي، پر ان ۾ اوليتن جو تعين ٿيل ناهي. جيڪڏهن رڳو انگن اکرن جي ڪَٽ ڪجي ته ڳالهه واضح پئي آهي. مجموعي بجيٽ 9502 ارب رپيا آهي، جڏهن ته وصوليون 7004 ارب رپيا آهن. ان مان خبر پئي ٿي ته کوٽ 2501 ارب رپين تائين آهي. اهي شعبا جن جي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ گهربي هئي، اها به نه ٿي، ابتو انهن جي رقم ۾ اضافو ڪيو ويو. هي تاثر سامهون آيو ته هن ڀيري معاشي حالتون بهتر ناهن،انڪري دفاع تي خرچ کي گهٽايو ويندو، پر ان ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪندي، رقم کي وڌائي 1450 ارب رپيا ڪيو ويو! جيڪڏهن گهٽتائي ممڪن نه هئي ته گهٽ ۾ گهٽ ان کي محدود ڪيو وڃي ها. هاڻ هي دليل به ڏنو پيو وڃي ته دفاعي شعبي سان لاڳاپيل مختلف ادارن 900 ارب رپين تائين ٽيڪس ادا ڪيا ۽ ڪجهه پيسا واپس به ڪيا آهن. ٽيڪس ته سمورا شهري ادا ڪن ٿا، انهن ٽيڪسن عام ماڻهوءَ ۽ وچولي طبقي جي کل ابتي لاهي ڇڏي آهي. جيڪڏهن ڪنهن اداري ٽيڪسن جي مد ۾ جوڳي رقم فراهم ڪئي ته ان سان ڪهڙو فرق پئي ٿو. اهو طبقو پهريان ئي رعايت يافتا آهي، انڪري انهن کي هي خبر ناهي ته اٽي، دال، تيل ۽ کير جو اگهه ڪيترو آهي!
هن ڀيري جيڪڏهن ڪا بهتر رقم رکي وئي آهي ته اها هائير ايجوڪيشن آهي. پهريان 23 ارب رپيا رکيا ويا هئا، پر هن ڀيري 65 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن سان اهي يونيورسٽيون ۽ درسگاهون جيڪي مالي بحران جو شڪار آهن، انهن کي فائدو ٿيندو. هن معاملي ۾ به ڏسڻو آهي ته سال دوران ڪٿي ائين ته نه ٿيندو ته حڪمران مالي بحران جو بهانو بڻائي ڪٽوتيون ڪري ڇڏيندا. هي هميشه ٿيندو رهيو آهي ته جنهن وقت به حڪمرانن جي مرضي پوندي آهي اهي ڪنهن به مد ۾ ڪٽوتيون ڪندا آهن، ايستائين جو ترقياتي ڪمن جي بجيٽ به کائي ويندا آهن.
نئين مالي سال جي انگن اکرن کي ڏسجي ٿو ته ريونيو ۾ صوبن جو حصو 3512 ارب رپيا آهي، جڏهن ته وفاق جا خرچ 9118 ارب رپيا آهن. ترقياتي ڪمن لاءِ رڳو 550 ارب رپيا رکيا ويا آهن. قرض جي ادائيگي جي مد ۾ 3144 ارب رپيا مختص ٿيل آهن، وفاقي حڪومت جا پنهنجا انتظامي خرچ 530 ارب رپيا رکيا ويا آهن، انگن مان واضح ٿئي ٿو ته سموري ملڪ جي ترقي لاءِ ته 550 ارب رپيا رکيل آهن، پر حڪومت جون عياشيون 530 ارب رپيا آهن. هن مان حڪومت جي اوليت ظاهر ٿئي ٿي. بجيٽ ۾ چڱي ڳالهه سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 15 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ صرف پنج سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ان سان حڪومتي خزاني مان 71 ارب رپيا خرچ ٿيندا. حڪومت شهرين کي ٻه هزار رپيا ماهوار ڏيندي يا ان نوعيت جا ٻيا پروگرام آهن، انهن لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي مد ۾ 699 ارب رپيا فراهم ڪندي. هي سبسڊي آهي، جنهن کي آءِ ايم ايف پسند نه پئي ڪيو، هي خبرون به آيون ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ تي به آءِ ايم ايف ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي، پر آخرڪار حڪومت Face saving لاءِ پگهار ۽ پينشن ۾ واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. نئين مالي سال دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 250 مان وڌائي 364 ارب رپيا ڪيا ويا آهن. اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ وڏو ظلم هي ٿيو ته بيت المال ملڪ ۾ پنجن هزارن کان وڌيڪ ڪينسر جي مريضن کي دوائون فراهم ڪندي هئي، پر انهن مريضن کي مرڻ تي مجبور ڪيو ويو. ساڳي انداز سان سنڌ ۾ سي ايم پروگرام به ڪينسر جي مريضن لاءِ هو، جيڪو ڪروڙن رپين جو هو، ان کي به بند ڪيو ويو، ان پروگرام تحت ٽي کان چار هزار مريض فائدو وٺي رهيا هئا، هينئر ان پروگرام تحت 12 سو مريضن کي فائدو حاصل نه ٿي رهيو آهي. هي آهي حڪمرانن جي اوليت! موجوده حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مختلف شين لاءِ 12 ارب رپين جي سبسڊي رکي آهي، جنهن ۾ پنج ارب رپيا رمضان پيڪيج لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 90 لک خاندان فائدو حاصل ڪندا، پر عورتن کي هي معمولي رقم جنهن لاءِ ذليل ٿيڻو پئي ٿو ان کان وڌيڪ بي عزتي ٿي نٿي سگهي. جيڪي خاندان ان پروگرام تحت رجسٽرڊ آهن، انهن کي اڪائونٽ يا ايزي پيسا جي ذريعي رقم فراهم ڪري سگهجي ٿي. هي ڳالهه سمجهڻ جهڙي ته حڪمرانن جو قبلو درست ناهي، انهن کي عوامي ڀلائي لاءِ جيڪا رقم خرچ ڪرڻ گهرجي، اها نه پئي ڪئي وڃي. جيڪڏهن هر بجيٽ رڳو انگن اکرن جي راند هوندي ته پوءِ عام ماڻهو ته ڪٿان جو به نه رهندو. موجوده حڪمران جنهن عوام دوستي جي دعويٰ ڪن ٿا، اها ثابت ڪرڻي پوندي، صرف اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نعري ڏيڻ سان عام ماڻهو کي بنيادي سهولتون ملي نه سگهنديون، هي به ڏسڻ گهرجي ته عمران خان کربين رپيا اميرن کي ريليف پيڪيج طور ڏنو، جيڪو گهڻو ڪري ريئل ايسٽيٽ سان لاڳاپيل هو!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button