شوبز

يشما گل ۽ ارمينا خان دانيا شاهه جي حمايت ڪري ڇڏي

پاڪستان جون مشهور اداڪارائون يشما گل ۽ ارمينا خان دانيا شاهه جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ايم اين اي عامر لياقت جي لاڏاڻي بعد ٽين زال دانيا شاهه کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن تي ردعمل ۾ ارمينا خان هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ لکيل آهي تھ مڃو نھ مڃو دانيا عامر لياقت کي کائي وئي. ارمينا خان ڪيپشن ۾ لکيو تھ هڪ ننڍي ڄمار جي ڇوڪري کي پريشان نھ ڪيو، ڇا ماڻهن عامر لياقت مان ڪجهه نھ سکيو آهي. يشما گل جو چوڻ هو تھ دانيا کي ڇڏي ڏيو، هڪ زندگي ختم ٿي وئي، ٻي کي خطري ۾ نھ وجهو، الله پاڻ ئي حساب ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button