ماڻھن مون کي وساري ڇڏيو آهي، هنن کي ڪهڙي خبر ته آئون ڇا آهيان. منهنجي اوچائي تمام وڏين بلندين کي ڇُھي ٿي ۽ اهو سلسلو، طويل سفر جي پُڄاڻي ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. منهنجو هر مقام تي هر نظارو ڏسڻ ۽ پسڻ وٽان آھي. اوهان جيڪا ٻوڏ ۾ منهنجي جهلڪ ڏسندا آھيو، ان جي پٺيان وڏا راز، داستان ۽ ڪهاڻيون آھن. اوهان ته رڳو مون کي سالن کان سُڪل ڏٺو آھي ۽ اهو وساري ڇڏيو ته منهنجو پيٽ پاڻيءَ جي تيز وهڪرن، موجن ۽ مستين سان ڀرجي ويندو. گهڻا سال سوڪ رهڻ جي ڪري منهنجي پيٽ جي واريءَ ڄمي وئي هئي. مون کي سنڀاليندڙ کاتا منهنجي بندن کي سنڀال ۽ ٻوڏ جي امڪان لاءِ مليل رقمون کائيندا هضم ڪندا رهيا ۽ اوڳرايون به ڪونه ڏنائون. بندن ۾ روڻيون پئجي ويون، ڀورا ۽ ڪچا ٿي ويا. منهنجي ٻنهي پاسن کان جهنگ ۽ ٻيلا هئا، جن کي مال غنيمت سمجهي ڪٽيو ويو. قانون لاڳو ڪرڻ وارن جي ڪوتاهيءَ جي ڪري منهنجي ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوهارين جون پاٿاريون قائم ڪيون ويون. منهنجي حدن ۽ اندرئين پيٽ سان هٿ چراند ڪئي وئي. ڪيٽيون قائم ڪري، هٿراڌو بند ڏئي منهنجي قدرتي ماپ کي سوڙھو ڪيو ويو. سرڪار نامدار جيڪي خيرپور، لاڙڪاڻي واري پُل جوڙائي، ان ته دادو مورو پُل کي به مات ڏئي ڇڏي. ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين ڀراءِۡ ڪري، ٻنهي پاسن کان سوڙھو ڪري، مون مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جي گُنجائش نه ڇڏي وئي.
سکر بئراج جي انگريز سرڪار جي جوڙايل پل جا 15- دروازا لٽجي پُورجي ويا. انهن دروازن کي واريءَ مان آجو ڪرڻ جو ڪوبه اُپاءُۡ نه ورتو ويو. اڳي منهنجو قدرتي وهڪرو هوندو هو، مختلف واهه ۽ ڪڙيا هئا جن تي کيتيون ٻاڙيون ٿينديون هيون. پر انگريز سرڪار پنهنجي ڪاريگري ۽ ھنر جو سڄو زور لڳائي مون تي دنيا جو مڃيل اريگيشن بئراج سسٽم ٺاهيو. گڊو بئراج تي اتر اولهھ ۾ ٽي واهه (ڪئنال) تعمير ڪيا ويا. منهنجي امڪاني سيلاب، موج مستي ۽ چاڙهه کي نظر ۾ رکي، انگريز سرڪار اهي بندوبست ڪيا. گڊوءَ تي ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڀرجڻ ۽ چاڙهه جي سطح 12- لک ڪيوسڪ کان به وڌي وڃي ٿي. آئونۡ پنهنجي پيٽ جي واريءَ ۽ ريٽ جي صفائي پاڻ ئي ڪندو آھيان. اوهان کي اهو سڀ ڪجھه ڄاڻڻو آھي ته پوءِ اوهان شاهه سائينءَ جي رسالي کي ڇو ڀلائي ڇڏيو آھي ۽ ھٿ ڪڍي ڇڏيا آھن. هينئر ئي سُر سهڻي کڻي پڙھي ڏسو. اوهان جو دماغ ٺڪاڻي اچي ويندو ته منهنجي هستي ۽ مستي ڇا رهي آھي.
گۡڊو بئراج کان پوءِ مون تي سکر بئراج جوڙيل آھي. هن بئراج جي ڪهاڻي به عجيب آھي. سکر شھر منهنجي سطح کان تقريبن ست فوٽ ھيٺ آھي، پر انگريز سياڻو هو، ان منهنجي پاسن کان شھر شهر جي بچاءُ لاءِ ھڪ مضبوط بندر وال (ڀت) جوڙائي ڇڏي ۽ انهيءَ بندر وال (ڀت) کي به ماڻھن مذاق سمجهي نيڪاليون ٺاهي ڇڏيون آھن. جن مان آسانيءَ سان منهنجي پاڻيءَ جا وهڪرا جاري ٿي سگهن ٿا. هن بئراج سسٽم تي ست وڏا ڪئنال آھن. ٽي ڪئنال اتر اولھه ساڄي پاسي کان ۽ چار ڪئنال ڏکڻ اوڀر کاٻي پاسي کان. گڊو بئراج ۽ سکر بئراج کان نڪرندڙ اتر اولهھ وارا ڪئنال، سموري اتر سنڌ، بلوچستان ۽ اڳتي ڍنڍون حمل، منڇر سڀئي منهنجي سهاري آھن. دادوءَ تائين به منهنجي رسائي آھي ۽ کاٻي پاسي ٿر ۽ ريگستان تائين منهنجا وهڪرا مختلف واهن ۽ شاخن جي رستي روان دوان آھن. مون مان نڪرندڙ ڪئنالن ۽ انهن مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن جو به مون وارو ساڳيو حال آھي. منهنجي نظام جي سنڀال لاءِ لکين ڪروڙين ماڻھن جو گذر آھي ۽ ان لاءِ ھزارين لکين ملازم روزگار سان آھن. ٺيڪيدارن جو به گذر منهنجي نظام تي آھي. شاخن، ڪئنالن ۽ واهن جي بندن جو به سهائو منهن آھي. بيلدار، ٽنڊيل، داروغا ۽ سروير رڳو آفيسرن لاءِ اوڳاڙين ۽ نظام جي تباهيءَ ۾ رۡڌل آھن. منهنجي پاڻيءَ جي سهاري تي فصلن سان گڏ ٻيلا آھن، پکي پکڻ ۽ جانورن جو به گذر منهنجي پاڻيءَ تي آھي. هتي سنڌ ۾ اريگيشن کاتي ۽ ڀوتارن اهي جٺيون ۽ حالتون ڪيون آھن جو هوڏانهن وري پنجاب منهنجي قدرتي وهڪرن کي جام ڪري، پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي هڙپ ڪري، منهنجو اڌ کان وڌيڪ هيٺيون ڌڙ سڪائي ڇڏيو آھي ۽ پاڻيءَ نه هجڻ ڪري، اوهان جي فصلن، ڪاروبار ۽ جانورن کي ڪيڏو ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي. ان جو اندازو اوهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا. تڏهن ته چيو ويو “پاڻي منجهھ پساهه”.
منهنجي وهڪري تي وڏيون لڙايون ۽ جدوجهدون تاريخ جو رڪارڊ آھن ۽ اڻ کٽندڙ بابُ آھن. آئون جي نه وّھان ته نه رڳو آباديون نه ٿي سگهن ۽ سوڪ ٿئي پر وسنديون، ڍنڍون ڍورا به سُڪي وڃن ۽ بيٺل پاڻي ڌپ ڪري بدبودار ٿي زهر ٿي وڃي. ملاحن جو گذر به منهنجي نظام تي ۽ پاڻيءَ تي آھي. مڇي ۽ پلي کي جڳھه جڳھه تي پاليان ٿو. اڃان توهان منهنجو هيٺيون ڇوڙ ڏسو. جيترين بلندين تان،تقريبن 15 کان 17 هزار فوٽن جي بلندين تان لۡڏندو جۡھومندو سمنڊ ۾ پهچان ٿو پوءِ ڏسو ته کاري ڇاڻ وٽان سمنڊ منهنجو ڪيئن ڌڌڪار سان آڌرڀاءَۡ ڪري ٿو. اوهان جي موهن جي دڙي جي تاريخ به مون سان ڳنڍيل آهي. سمورا وڏا شھر منهنجي ئي ڪنارن تي وسيل آھن. منهنجو داستان ڏاڍو گهڻ پاسائون ۽ سڀ طرفو آھي. جڏهن کان بجليءَ جو نظام ايجاد ٿيو ۽ پڌرو ٿيو ته انهن به منهنجي ٿاڪن تي لڏو لاٿو. تربيلا، منگلا ۽ ٻيا ڊيم ٺاهيائون. ٿرمل پاور ۽ بجلي گهر تعمير ڪيائون. منهنجي ئي پاڻيءَ سان اوهان وٽ روشنيون ۽ رونقون آيون. توهان رڳو مون سان کيچل ۽ ھٿ چراند نه ڪريو. باقي آئون پاڻ ئي پنهنجو رکوالو آھيان. مشينن جي ڪهڙي ضرورت، آئون پاڻ ئي سيرون ڏئي، کاٽيون کڻي. اُونها وهڪرا وهان ٿو.
هاليجي ۽ ڪينجهر ڍنڍن جو ذڪر رهجي ٿو وڃي. آئون دنيا جي 21- نمبر وڏين ندين ۽ دريائن مان هڪ آھيان. منهنجي شروعات تبت جي جبلن مان نڪرندڙ وهڪرن کان ٿئي ٿي ۽ پوءِ ھماليه، قراقرم ۽ ھندوڪش جبلن تي برفباريون پون ٿيون. برساتون ۽ سيلابن جا وهڪرا مختلف هنڌن تي گڏجن ٿا. ائين افغانستان جي ڪابل ندي خيبر پختونخواه پشاور ۽ راولپنڊيءَ جي وچان منهن ڪڍي ٿي. اڳتي هلي پنجاب جا پنج ئي درياهه (نديون) چناب، ستلج، جهلم، راوي ۽ بياس الڳ الڳ هنڌن تان گڏجن ٿا ۽ ائين سنڌ پنجاب جي سرحد مٺن ڪوٽ تي اچي گڏجن ٿا ۽ پوءِ سپتا سنڌو، سنڌو درياهه ٿي پوي ٿو (ستن ندين جو درياهه).
منهنجي پياري ڌرتي جنهن جي آئون دل آھيان، ڪرنگهي جي هڏي آھيان. جنهن جي وچان ئي منهنجو لنگھُه ۽ گذر آھي. ان کي سالن جا سال سڪائي ٺوٺ ڪيو ويو آھي. هٿرادو بند ڏئي، ڪئنال جوڙي منهنجي پاڻيءَ کي بنا ڪنهن اخلاقي، قانوني جواز جي ڦٻايو ويو آھي. چشما-جهلم لنڪ ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال غيرقانوني طرح زبردستي تعمير ڪيا ويا آھن. اڳين ڊيمن پڳون ٻڌايون جو هاڻ نوان ڊيم ٺاهيندا . اهي به لٽجي ۽ سلٽجي ويا آھن. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ مون تي ڪي دروازا ٻڌل ناهن. اتان کان پوءِ آئون آزاد آھيان. ڄامشورو پل کان ڦليلي، پڃاري ۽ گُوني آھن. جيڪي وڏا واهه بدين ۽ لاڙ جي ڀلوڙ ٻنين کي آباد ڪندڙ رهيا آھن ۽ اولهھ کان ڪراچي واهه آھي. جيڪو ڪراچيءَ تائين رسائي ڪري ٿو. فطرت جون ڪيتريون ئي شيون، لقاءُ ۽ عمل انسان جي مرضيءَ جا محتاج ناهن. انسان فقط انهن کي سمجهي ۽ انهن کي پنهنجي فائدي لاءِ خاص رخ ڏئي سگهي ٿو. اهڙن انيڪ فطري لقائن ۽ عملن ۾ ھڪ منهنجو به لقاءُ آھي. منهنجا وهڪرا مٿاهين کان هيٺاهين ڏانهن آھن.
انهن ئي چانڊوڪي راتين ۾ سمنڊ ۾ چاڙهه ٿئي ٿو. چانڊوڪي گهڻن ماڻھن کي وڻندي آھي. تڏهن ته شيخ اياز جهڙو مهان قوي به چانڊوڪيءَ جي چوڏھين رات سمنڊ جي ڇولين ۾ اکيون وجهي فطرت جي نظارن کان لطف اندوز ٿيندي نظر ايندو هو ۽ فهم فڪر جي اڏام ۽ اوچائيءَ تي گردش ڪرائيندو هو. هاڻ کڻي ڳالھه ھلائي اٿن ته چوڏھينءَ جي رات ۽ چانڊوڪين ۾ سمنڊ جون ويرون چڙھن ٿيون. سمنڊ ۾ جوش اچي ٿو. ان ڪري سمنڊ مون کي جاءِ نه ڏيندو. هنن ڀورڙن ۽ اٻالن انسانن کي ڪير سمجهائي، اهو هڪڙو فطري عمل آھي. منهنجي انڊس ڊيلٽا دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊيلٽا آھي. سالن جا سال ڪوٽڙيءَ کان هيٺ مون مان پاڻي نه وهيو آھي. جنهن جي ڪري سمنڊ ڪافي اڳتي اچي منهنجي حدن کي اورانگهي زرخيز زمين کي خراب ۽ لوڻياٺو بنائي ڇڏيو آھي. جيڪڏهن سمنڊ منهنجو مستيءَ سان آڌرڀاءَۡ ڪري ٿو ته اهو ان جو ظرف آھي. هيڏانهن آئون به پنهنجي تيز وهڪري ۾ گهٽ نه ڪندو آھيان ۽ اهڙي ريت ڪجھه ڏينهن جي منهنجي چاڙهه ۽ ان علائقي ۾ مٿئين سطح تي رهڻ سان سمنڊ جون نمڪيات ۽ سيلاب وارين وڃايل زمينن مان اهو سمورو سمنڊ جو خرابو شيمپوءَ وانگر ڌوئي صاف ڪريان ٿو. سمنڊ کي پنهنجو سمورو پيدا ڪيل گند واپس ڪريان ٿو. اهائي فطرت مون سان ٻانهن ٻيلي آھي. منهنجي ميٺاج جون لذتون سامونڊي ماڻھن ۽ منهنجي حدن ۾ تڳندڙ مهاڻن ۽ ٻين ماڻھن کان معلوم ٿي سگهنديون. تنهنڪري منڍ کان وٺي پوڇڙِيءَ تائين منهنجي بادشاهت کي مڃڻ سڀني جو ڪم آھي.