ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

فور ڪامريڊز جي مڃتا وارو پروگرام

Editorial-Article-Ishaq Mangrio

ضياءَ واري مارشل لا ۾ اظهار جي آزاديءَ لاءِ صحافين واري جدوجهد ۾ يڪجهتي ڪندي، ڊي ايس ايف جا اڳواڻ ڪامريڊ امداد چانڊيو، پروفيسر شير محمد مڱريو، صحافي محمد خان سولنگي ۽ اسرار لانگاه ۽ ٻيا ڪامريڊ گرفتار ٿيا ۽ کين 10 ڪوڙا ۽ جيل جي سزا ملي.
هنن چئن ڪامريڊن جو پروگرام اصل ۾ پي ايف يو جي کي ڪرڻ گهربو هو. ان تنظيم جي اڳواڻن کي اها خبر ته ڀلي ڀت هوندي ته هنن چئن ڪامريڊن مان ٽي ڪامريڊ صحافين واري جدوجهد ۾ گرفتاري ڏيندي ڪوڙن جي سزا تائين پهتا ۽ پمفليٽ ڪيس ۾ سزا کاڌائون. پمفليٽ جنهن جي عيوض کين ست سال سزا ۽ 10 ڪوڙا لڳا. ان پمفليٽ جو مواد ڏسبو ته بلڪل اهڙو ئي آهي، جيئن اڄ جي دور ۾ سياسي پارٽيون روزاني پريس رليز ڪڍن ٿيون يا پريس ڪانفرنسون ڪن ٿيون. پر ڳالهه وقت جي اهميت جي آهي. اندازو ڪريو ته وقت جي انهيءَ گهڙي ۾ جنهن ۾ ضياءَ جي ڪاري مارشل لا هئي، ان ۾ اها ڳالهه ڪرڻ ڪيڏي نه ڏکي هئي. هينئر اهي ڳالهيون جيڪي سوليون پيون لڳن، ان جي پويان هنن فور ڪامريڊز جهڙن ٻين ڪيترن جي پٺن تي ڪوڙا لڳڻ ۽ ٻين سزائن واري جدوجهد جي ڪهاڻي لکيل آهي. هن ڳالهه جي شروعات ته ڊگهي آهي، جيڪا ڪرڻ ڏکي آهي. هونءَ به اها ڳالهه ڪٿان شروع ڪجي، يونان جي ديومالائي قصي واري پروميٿئس کان شروع ڪجي، جنهن کي رڳو باهه چوري ڪري عام ماڻهن کي جاڳتو ڏيڻ جي سزا اها ڏني وئي هئي. جو زيوس ديوتا سندس خلاف روزاني جسم جو گوشت (جيرو) پٽي کائڻ لاءِ ڳجهه جي ڊيوٽي لڳائي هئي. جاڳتو ڏيڻ، معنيٰ روشني ڏيڻ. ظاهر آهي، اونداهو دور جاري ۽ ساري رکندڙن وٽ روشني ڏيڻ يا ڦهلائڻ جي سزا ته مقرر ٿيل هوندي نه. ان ڪري بظاهر اهو ڏوهه ڪو تمام معمولي لڳندو هجي، پر روشني ڦهلائڻ، علم ڦهلائڻ، رٽيل سٽيل ڳالهين واري سماج ۾ نئين ڳالهه ٻڌائڻ جي سزا ته ملندي رهي آهي. هيءَ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، هي پراڻو دستور آهي. ساڳي ريت هنن چئن ڪامريڊن به اهڙي روشني ڦهلائڻ وارو ڏوهه ڪيو هو. جنهن جي کين سزا ملي. جيئن اڄ سڄي دنيا ۾ پروميٿئس عام ماڻهن تائين روشني پهچائڻ جي علامت بڻيل آهي. بلڪل ائين اسان جي هنن فور ڪامريڊز کي (پنهنجي هن عمر ۾ هڏن ۾ ڌڪن جو سور ته ضرور ٿيندو هوندو) هڪ لمحي لاءِ به ان تي ندامت ناهي. هو فخر سان جيئن ٿا. وڏي ڳالهه اها ته ايڏي وڏي سزا کاٽڻ جي باوجود ثابت قدم رهيا .نه چون، نه رون.
هن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ 13 مئي 1978ع جي ڳالهه کڻون ٿا. جنهن ڏينهن ملڪ جي ٽن وڏن صحافين کي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ پنج پنج ڪوڙا هنيا ويا هئا. انهن ٽن صحافين ۾ ناصر زيدي به آهي، (جيڪو هن وقت پي ايف يو جو سيڪريٽري آهي). جيڪو ان وقت ملتان مان الفتح لاءِ لکندو هو. باقي ٻين صحافين ۾ خاور نعيم هاشمي ۽ اقبال جعفريءَ کي ڪوڙا هنيا ويا هئا. هڪ ٽنگ کان منڊو هئڻ سبب چوٿون صحافي مسعود الله خان جيڪو پاڪستان ٽائمس جو ايڊيٽر هو، ان کي فوجي جج پاران ڪوڙن هڻڻ جي سزا ڏني ضرور وئي هئي. پر مسعود الله خان ان ڪري ڪوڙن کان بچي ويو، جو ڪوڙن واري ٽڪٽڪي تي بيهاري مجرم کي ٻڌڻو پوندو آهي. ان لاءِ مجرم جا هيٺ پير ۽ مٿي هٿ ٽڪٽڪي سان ٻڌا ويندا آهن. هو هڪڙي ٽنگ وارو هئڻ ڪري کيس ٻڌڻ جي باوجود هو هڪ پير تي بيهي نه پئي سگهيو ۽ ڪوڙن لڳڻ کان بچي ويو. هونءَ ته بي شمار صحافين ۽ صحافين جي جدوجهد ۾ شريڪ ساٿين کي ڪوڙا لڳا. جن مان هن وقت تائين ڪجهه صحافين جي ڊاڪيومينٽينشن ٿي سگهي آهي. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻين اهڙن سمورن ساٿين کي ان جدوجهد ۾ سزائن جو رڪارڊ درست ڪرڻ گهرجي. (ان لاءِ پي ايف يو جي کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي.)
13 مئي 1978ع جي ڳالهه ان ڪري ٿي رهي آهي ته ان ڏينهن وارو واقعو پوري دنيا ۾ انوکو واقعو هو، جنهن ۾ ٽن صحافين کي هڪ ئي وقت پنج، پنج ڪوڙا هنيا ويا هئا ۽ ان واقعي جي خلاف سڄي دنيا جي ميڊيا هائوسز ۾ هڪ ڏينهن جي هڙتال ڪئي وئي هئي. جنهن کي بنياد بنائي گڏيل قومن پاران 13 مئي کي يوم صحافت جو ڏينهن قرار ڏنو هو. پاڪستان ۾ 40 سالن کان ان ڏينهن کي صحافين جون تنظيمون ملهائينديون رهيون آهن. بعد ۾ آفريڪا ۾ 3 مئي تي هڪ ئي ڏينهن تي ڪيترن ئي صحافين جو قتل عام ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هاڻ 3 مئي تي صحافت جو عالمي ڏينهن ملهائجي ٿو.
تصوراتي طور ان لمحي جي جيڪڏهن ڪجهه منظر ڪشي ڪجي، جيئن حضرت عيسيٰ عليه سلام وانگر ڪوڙي لڳڻ واري مجرم کي ٽڪٽڪي (آئون ان کي تختِ دار سڏيان ٿو) تي چاڙهي ان جي ٻنهي پيرن ۾ زنجيرون ٻڌي ۽ ٻنهي هٿن کي زنجيرن سان ٻڌو ويندو آهي. تختِ دار واري ٽڪٽڪيءَ سان مجرم کي ابتو ڪري ٻڌو ويندو آهي. ان ڪري ڪوڙن لڳڻ وارو عمل به حضرت عيسيٰ عليه سلام جي سنت جو ڪجهه حصو هوندو آهي. اسان جي هنن دوستن پنهنجي انقلابي عشق ۾ ڪوڙن لڳڻ واري ڳالهه کي ايڏو ته معمولي سمجهيو، جو اسان سندن ويجها دوست رهيا آهيون، پر ڪڏهن به سندن واتان اهڙا تفصيل نه ٻڌا آهن. اسان کانئن ڪڏهن به پڇي ڪونه سگهيا آهيون ته ڪوڙن لڳڻ جو آواز ته پري تائين ٻڌبو آهي، ڪوڙا لڳڻ جي شدت ڪيتري هوندي آهي؟ اسان ته ڪڏهن کانئن اهو به پڇي نه سگهياسين، ڪوڙن لڳڻ کان پوءِ کين اسٽريچر تي سمهاري کڻي ويا يا اوهان کي پيادل وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. ڇو ته ڪوڙن جي سزا ڏيندڙ اهو سڄو منظر روبرو ڏسندڙ هوندا آهن. هو چاهيندا آهن ته مجرم ڪوڙن لڳڻ کان پوءِ اسٽريچر تي کڄي وڃي.
ڪوڙن جي ڳالهه تي هڪ لطيفو ٻڌايان ٿو. 1988ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت آئي. ان حڪومت ۾ ڪوڙن لڳڻ وارن سياسي ڪارڪنن کي سياسي پارٽين ۽ نوڪرين ۾ وڏي اهميت ڏني وئي. هڪ اخبار ۾ مون پڙهيو ته نوڪريون ڏيڻ واري بيورو جي ميمبرن هر اميدوار کان پڇي رهيا هئا ته اوهان کي گهڻا ڪوڙا لڳا ته جواب ۾ نوڪري وٺندڙ هڪ نوجوان پنهنجي قميص لاهي چيو ته اڳ ۾ ڪونه لڳا آهن، هاڻ ئي هڻي ڪڍو، پر مون کي نوڪري ڏيو.
رمضان شريف جي مهيني ۾ اسلام آباد مان سينٽر فار سوشل ايجوڪيشن اينڊ ڊيولپمينٽ واري اداري جا ٻه ريسرچر حيدرآباد آيل هئا. جيڪي حيدرآباد جي ميل ۽ في ميل ايڪٽوسٽز کان سنڌ ۾ هلندڙ سوشل موومينٽ بابت ڪجهه سوالن ذريعي ڄاڻ وٺي رهيا هئا. افطاري جي ٽائيم تي افطار ڊنر جو به اهتمام هو. ان ڊنر دوران ڪجهه پرسنل ڳالهيون ڪرڻ دوران هڪ دوست امداد صاحب کان ضياءَ دور ۾ مليل سزا بابت ڪجهه ڳالهيون پڇيون. آئون امداد صاحب جي ڀر ۾ ويٺل هئس، ان ڪري آئون به انهن ڳالهين ۾ شريڪ هئس. اهو ريسرچر امداد صاحب جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو جذباتي ٿي ويو. هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ هن جي سڄي ڪيفيت ڏاڍي ڏکاري ٿي وئي. ڪجهه لمحن کان پوءِ هو ڪجهه سامت ۾ آيو ۽ چيائين مون کي اندازو آهي ته اوهان ڪيڏي تڪليف مان گذريا هوندئو. اوهان جي فيملي ڪيڏي تڪليف مان گذري هوندي. ڇو ته منهنجو والد پاڻ اهڙي سزا مان گذريو هو ۽ ان کان پوءِ اسان جي سڄي فيملي رلي وئي ۽ اها اسان کي خبر آهي ته اسان ڇا ڇا نه سٺو آهي. تاريخي فلمون ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته يورپ ۾ باغين کي ڪوڙن جي سزا اوائلي طور تي ڏني ويندي رهي آهي. پر ننڍي کنڊ ۾ ڪوڙن جي سزا انگريز دور ۾ متعارف ٿي. انگريز پنهنجي حڪومت جي باغين کي ڪوڙن جي سزا ڏيندا ۽ پنهنجي حڪومت جو وقت وڌائيندا رهيا. پوءِ هر آمر ان تجربي کي وڌايو آهي.
اندازو ڪريو، ٿورو ڳالهائو، پوپٽن جهڙو نفيس شير محمد مڱريو، جنهن نه رڳو وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جي علم تي ماسٽرس ۾ پوزيشن کنئي ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي ڪئي. هونءَ ڀلي درياءَ جي ٻنهي ڪنڌين تي ماڇين جي حاڪميت هلندڙ هجي، جو ڪچي جا مرون به کانئن توبهه ڪن، پر محمد خان سولنگي جهڙي نفيس ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ انسان جي جسم تي لڳندڙ ڪوڙن جي شدت جو احساس آئون اڄ به محسوس ڪيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button