پاڪستان ۾ جتي معاشي ابتري آهي، اتي غربت به آهي ۽ اتي ئي ٻارن کان زوري پورهيو پڻ ڪرايو ويندو آهي. هن وقت به ڪروڙين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. ننڍي ڄمار جا ٻار مختلف پورهيو ڪري گهر جو گاڏو گهيلندا رهن ٿا، اهو ان ڪري جو ملڪي سطح تي دولت جي ورڇ رڳو ڪجهه وڏن طبقن جي خاندانن وٽ آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ غربت وڌي رهي آهي، ان کان سواءِ امير طبقي کي ان ڳالهه سان ڪو فرق نٿو پوي ته ملڪ ۾ غربت ڪيتري وڌي رهي آهي ۽ ماڻهو ڪيتري تڪليف ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي ڪاروبار ۾ اگهن کي وڌائيندا رهندا آهن، تنهنڪري اهو طبقو هر قسم جي مصيبت کان آجو لڳو پيو آهي.
چائلڊ ليبر جي حوالي سان ملڪ ۾ مختلف سماجي ۽ غير سرڪاري تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن، پر تنهن هوندي به انهن ٻارن جو انگ گهٽجڻ بدران وڌي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو اهي ٻار ذهني پريشانين مان گذرن ٿا پر انهن کي اهي حق به نٿا ملي سگهن، جيڪي کين ملڻ ضروري آهن. مثال طور انهن کي تعليم جو حق حاصل آهي، انهن کي ننڍي ڄمار ۾ راند کيڏڻ جو حق آهي، انهن کي آزاديءَ سان پنهنجي مرضي موجب ڪجهه ڪرڻ جو حق آهي پر اهي سڀ انهن کان کسيا ويا آهن. ان ڪري اهي جبري پورهئي ۾ ورتل آهن. حڪومتي سطح تي ان عمل خلاف بيان بازي ته ٿيندي رهندي آهي پر ان سان اهو سلسلو ختم نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت به لکين ٻار آهن، جيڪي پورهيو ڪري رهيا آهن. پر هن وقت تائين اهو سلسلو ختم نه ٿي سگهيو. جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ٻارن کان جبري پورهيو ڪرائڻ تي پابندي لڳل آهي. پر تنهن هوندي به هتي اهڙِو ڪجهه به ناهي ٿي سگهيو. جنهن مان لڳي ٿو ته وقت جي هر حڪومت ان تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
ان حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ وفاقي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻارڙن کي جبري پورهئي کان بچائڻ لاءِ مختلف قانونسازي ڪئي وئي آهي پر انهن قانونن تي عمل لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل مان چائلڊ ليبر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته چائلڊ ليبر جو خاتمو قومي فرض آهي، جنهن لاءِ سماج جي هر طبقي کي محنت ۽ ذميواري سان ڪم ڪرڻو پوندو، قانونن جا گهڻي کان گهڻن نتيجن ۽ اثرن کي حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي مڪينزم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن چائلڊ ليبر کي روڪي سگهجي ۽ ان کي ختم ڪري سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بانڊيڊ ليبر سسٽم (ابوليشن) ايڪٽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ لاڳو ڪيو ويو هو، ان جي باوجود ملڪ ۾ لکين ٻار اڄ به مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون نيشنل چائلڊ ليبر سروي 1996ع ۾ ڪيو ويو هو، جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعطم هئي، چئني صوبن ۾ يونيسيف جي تعاون سان چائلڊ ليبر جو تازو سروي جاري آهي ته جيئن انگن اکرن لاءِ حڪمت عملي جوڙِ سگهجي ۽ ملڪ ۾چائلڊ ليبر کي روڪي سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽيءَ جو بل پاس ڪيو، جنهن تحت ٻارڙن کان زبردستي ڪم ڪرائڻ جرم قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪارروائي لاءِ اهڙن ڪيسن جو اطلاع ڏيڻ لاءِ ٽول فري نمبر جهڙا قدم کنيا، صوبي ۾ چائلڊ ليبر کي روڪڻ لاءِ سنڌ پروبيشن آف امپلائيمينٽ آف چلڊرين ايڪٽ 2017 به منظور ڪيو ويو، جيڪو ساراهه جوڳي آهي.
پر ڇا اسان جي حڪمرانن ڪڏهن ان ڳالهه تي سوچيو آهي ته ملڪ ۾ ٻارن کان جبري پورهيو ڇو ٿو ڪرايو وڃي، اهي ڪهڙِون مجبوريون آهن، جن جي ڪري انهن کان پورهيو ڪرايو ٿو وڃي ۽ ڪابه روڪ ٽوڪ ناهي. جڏهن ملڪ ۾ معاشي پاليسيون عوام دوست نه هجن، انهن مان فائدو رڳو ڪنهن خاص طبقي کي ملندو هجي ۽ غربت کي گهٽائڻ لاءِ ڪي اهڙا اپاءَ نه ورتا وڃن، جن سان غريب سک جو ساهه کڻي سگهي ته پوءِ اتي پنهنجون معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ماڻهو پنهنجن ٻارن کان پورهيو ڪرائيندا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن کي به ٻن ويلن جي مانيءَ جي ضرورت هوندي آهي. پر ملڪ ۾ موجود دولت کي رڳو ڪجهه هٿن تائين محدود رکي ٻارن جو پورهيو ختم نٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ وڏي پئماني ۽ هر سطح تي عملي اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي. اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ملڪ جي معاشي پاليسين ۾ سڌارا آندا وڃن، ملڪي ترقيءَ لاءِ نيون رٿائون جوڙيون وڃن. صنعتڪاريءَ کي زور وٺرايو وڃي ۽ هر ٻار کي تعليم ڏيارڻ لازمي بڻايو وڃي.