ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تباهيءَ جون ذميوار قوتون

Editorial-Article- Yameen Jatoi

هن ملڪ ۾ رائج استحصالي سرشتي جيڪا تباهي ۽ بربادي آندي آهي، ان جي ذميوار قوتن جو تعين بهرحال هڪ نه هڪ ڏينهن ڪرڻو ئي پوندو. جيتوڻيڪ حڪمران سياسي پارٽيون هڪٻئي کي ان سڄي تباهي جو ذميوار قرار ڏئي پنهنجو پلئه آجو ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪن ٿيون پر شيون ايتريون ساديون به ناهن جو ان کي ايڏو آساني سان مڃي وٺجي ته فلاڻي ڌر ذميوار آهي ۽ فلاڻي نه!
پي ٽي آ سرڪار جيڪا تباهي آندي، ان تي گهڻو ڳالهائجي ۽ لکجي چڪو آهي. پر پي ٽي آ سرڪار دوران موجوده حڪمران، جيڪي اپوزيشن ۾ هئا، سندن سياسي حرفت بازين مان لڳو پئي ته جيڪڏهن هي اقتدار ۾ اچي ويا ته ملڪ ۾ عوام لا کير ۽ ماکي جون نديون وهڻ لڳنديون. پر اقتدار ۾ ايندي ئي هنن عوام تي جيئن معاشي حملا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ان مان صاف ظاهر آهي ته هنن وٽ به پي ٽي آ سرڪار جيان عوام دشمن معاشي پاليسين جي ٻيو ڪجهه به ناهي. تازو ئي مفتاح اسماعيل جو جيڪو بيان آيو آهي، اهو اکيون کولڻ لا ڪافي آهي ته شهباز سرڪار به پي ٽي آ سرڪار جيان اسٽيبلشمينٽ جي مفادن جي پيش نظر آ ايم ايف جي معاشي پاليسين کي مڙهڻ لا آندي وئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ٻه ڏينهن اڳ چيو آهي ته “آءِ ايم ايف اسان مان خوش ناهي، حڪومت کي وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا.” عوام ڀلي خوش هجي نه هجي، پر آ ايم ايف جو خوش رهڻ تمام ضروري آهي. ۽ آ ايم ايف جي خوش رهڻ لا ضروري آهي ته عوام تي وڌيڪ معاشي حملا ڪيا وڃن. تڏهن ئي اسماعيل “وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻ” وارو بيان ڏئي عوام کي ذهني طور تيار ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. اهو هن استحصالي سرشتي جي تباهي جو اصل ۾ نئون منظر آهي.
معاشي ماهر ان را جا آهن ته آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ حڪومت کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ترتيبوار 23 ۽ 55 رپين جي واڌ ڪرڻي پوندي. گذريل ٻن هفتن دوران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ٻه ڀيرا 30 رپيا واڌ ڪرڻ کانپوءِ، امڪان آهي ته حڪومت نئين مالي سال جي شروعات کان اڳ تيل تي سبسڊي مڪمل طور ختم ڪندي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي هاڻوڪي اگهن کي نظر ۾ رکندي پيٽرول تي سبسڊي 23 رپيا جڏهن ته ڊيزل تي 55 رپيا آهي. اگهن کي اوگرا هلندڙ هفتي حتمي شڪل ڏيندو ۽ پنهنجي سفارشن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪندو. پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 60 رپيا واڌ ۽ آءِ ايم ايف جي منظور ڪيل بجيٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ عام طور خيال ڪيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ سمورا پيش ڪيل شرط پورا ڪيا ويا آهن پر معاملو ائين ناهي. چيو پيو وڃي ته پهريون وڏيون رنڊڪون نئين مالي سال جي شروعات سان تيل تي سمورين سبسڊين جو خاتمو آهي. چيو پيو وڃي ته اگهن ۾ گذريل واڌ وقت پيٽرول ۽ ڊيزل تي باقي رهيل سبسڊي ترتيبوار 9 ۽ 25 رپيا هئي ۽ هاڻي عالمي سطح تي اگهن ۾ واڌ جي ڪري سبسڊي ۾ به واڌ ٿي آهي. تيل اگهن تي سبسڊي ختم ڪرڻ بنا آءِ ايم ايف ڪا رعايت نه ڏئي رهيو آهي.
ٻئي طرف پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف طرفان معاشي ڪارڪردگي ۽ پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جي حوالي سان هڪٻئي تي لفظي گوليباري جاري آهي. سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٽوئيٽر تي اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي نيوز پئڪيج جي وڊيو شيئر ڪئي. ان وڊيو ڪلپ ۾ شوڪت ترين جي گذريل ڏينهن جي پريس ڪانفرنس ڏيکاري وئي آهي، جنهن ۾ هن چيو ته حڪومت چئي ٿي ته پاڪستان ٺهڻ کان هيل تائين قرضن جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ 80 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جي 4 سالن ۾ قرضن ۾ 80 سيڪڙو نه پر 76 سيڪڙو واڌ ٿي. مريم اورنگزيب انهن بيانن جو حوالو ڏيندي چيو ته شوڪت ترين صاحب نيٺ اعتراف ڪري ورتو ته عمران صاحب 4 سالن جي حڪومت ۾ 20 هزار ارب رپين جو قرض ورتو، جيڪو تاريخ ۾ ورتل مجموعي قرض جو 76 سيڪڙو آهي، اهڙا ڪيترائي اعتراف اڃا عمران صاحب کي ڪرڻا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان جا ڪُل عوامي قرض پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ 24 هزار 953 ارب رپين مان وڌي 44 هزار 366 ارب رپيا ٿي ويا، جيڪا 78 سيڪڙو واڌ ٿئي ٿي. تحريڪ انصاف جي فواد چوڌري، مريم اورنگزيب کي جواب ڏيندي چيو ته جڏهن توهان هر وقت “ڪينڊي ڪرش” ئي کيڏندا رهندئو ته اهڙي قسم جي احمقاڻي گفتگو ڪندئو، تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪُل قرض 52 ارب ڊالر ورتو، انهن مان 38 ارب ڊالر توهان جي حڪومتن لاءِ ورتل قرض جي واپسي ڪئي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو پسند ناهي ته پينو حڪومت آءِ ايم ايف بورڊ ۾ ڇا وٺڻ ويندي آهي؟ ختم ڪيو اڳتي هلو. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جو بريڪ ڊائون ڏيندي چيو ته پرڏيهي قرض 09-2008 ۾ 45 ارب ڊالر، 19-2018 ۾ 70.5 ارب ڊالر، جڏهن ته مارچ 2022 ۾ 88 ارب ڊالر هئا. ٻئي پاسي شوڪت ترين پي ٽي آءِ حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي کي گذريل 30 سالن جي بهترين ڪارڪردگي قرار ڏيندي چيو ته ماڻهن کي دوکو ڏيڻ ڇڏيو، توهان کي سچ جي خبر آهي، توهان جي حڪومت جي گذريل 8 هفتن ۾ بدترين ڪارڪردگي واضح آهي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن دعويٰ ڪئي ته ڪووڊ باوجود جڏهن سڄي دنيا ۾ ٽيڪس جو دٻاءُ وڌي ويو، پي ٽي آءِ جي حڪومت قرضن ۾ 76 سيڪڙو واڌ ڪئي، پي ايم ايل (ن) پنهنجي حڪومتي دور ۾ قرضن ۾ 79 سيڪڙو واڌ ڪئي. پاڪستان جي اقتصادي سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جا ڪُل قرض مارچ 2022 جي پڄاڻي تائين 88.8 ارب ڊالر يا 16 لک 29 ارب رپين تائين پهچي ويا هئا.
اصل ۾ هن ملڪ جي عوام جي بربادي جون اهي سڀئي قوتون ذميوار آهن، اسٽيبلشنيٽ سميت. جيڪڏهن پي ٽي آ کان اڳ واريون حڪومتون واقعي به عوام دوست هجن ها ته پي ٽي آ لا اقتدار ۾ اچڻ جو ماحول ئي تيار نه ٿئي ها، انهن حڪمران پارٽين جي عوام دشمنين جي ڪري ئي پي ٽي آ جهڙي جمهوريت دشمن ۽ عوام دشمن پارٽي جو اقتدار ۾ اچڻ ممڪن بڻيو. ان کان پو پي ٽي آ سربراهه جيڪي ڪوڙ هڻي هڻي، اقتدار ۾ آيو، سندس اقتداري دور ۾ عوام ۽ جمهوريت سان ڪهڙا ويل وهايا ويا، اهي به سڀني جي سامهون آهن. تنهنڪري، اهي سڀ حڪمران پارٽيون هن سڄي تباهي جون ذميوار آهن. جڏهن ته انهن پارٽين کي وقت سر استعمال ڪري، ٽشو پيپر جيان اڇلائيندڙ اسٽيبلشمينٽ ته مک ڏوهاري آهي. جيڪا هن استحصالي سرشتي کي برقرار رکي، سڀ ڪجهه پاڻ کائي باقي جيڪو بچي ٿو اهو سياسي اشرافيا آڏو اڇلائي ٿي. اها مک ڏوهاري اسٽيبلشمينٽ ملڪ جي سڀني وسيلن تي قابض آهي. ملڪ جي هر معاشي سرگرمي پويان سندس ئي مفاد ڪارفرما آهن. ان کان پو وارو اچي ٿو سياسي اشرافيا جو. بهرحال، جيستائين اسٽيبلشمينٽ جي معاشي سگهه کي ختم ڪرڻ لا فيصلائتا قدم نه کنيا ويندا، تيستائين معيشت ۽ سياست ٻئي ڪونه سڌرنديون، ۽ اها تباهي ايئن ئي جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button