ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خوراڪ بحران: حڪومت وٽ ڪهڙو حل آهي؟

Editorial

پاڪستان ۾ هڪ بحران اڃا حل ئي نٿو ٿئي ته ٻيو بحران ڪرُ کنيو بيٺو هوندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بحرانن جو سلسلو گذريل ڪيترن سالن کان جاري ساري آهي. بدانتظامڪاري، ڪرپشن ۽ قرضن جي بار ملڪ کي بحرانن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري عوام لاءِ پريشانيون به وڌيون آهن ته ان جي روزگار جا وسيلا به سوڙها ٿيندا پيا وڃن ۽ ٻئي پاسي خوراڪ جو بحران آهي. ڪڻڪ ۾ پاڻڀرو ملڪ به پرڏيهه مان مهانگي اگهه تي ڪڻڪ گهرائي رهيو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته اسين پنهنجي ضرورت جيتري ڪڻڪ به اپائڻ جي قابل نه آهيون. عمران خان جي گذريل حڪومت ۾ جڏهن ڪڻڪ مان ملڪي ضرورت به پوري ڪانه ٿي رهي هئي ته ان حڪومت اها ڪڻڪ افغانستان امداد طور موڪلي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿي پيو ۽ اٽي جا اگهه هاڻ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن وقت اٽو 90 روپيا ڪلو وڪامجي رهيو آهي. هڪ غريب ماڻهو لاءِ اٽي کان وڏي عياشي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. پر تنهن هوندي به اٽي جا اگهه گهٽ ٿيڻ جا ڪي به امڪان نظر نٿا اچن. چونڊيل نمائندن پاران رڳو بيان بازي ڪئي ويندي آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي روس جي دوري کي سندس خلاف بي اعتمادي سان ڳنڍڻ وڏي غلط فهمي آهي، ان جو ثبوت اهو آهي ته روس يوڪرين تڪرار ۾ عمران حڪومت جيان اسان به غيرجانبدار آهيون، روس يوڪرين جنگ سبب اسان کي وڌيڪ غذائي عدم تحفظ جو خطرو آهي، مهانگائيءَ جي صورت ۾ ان جنگ جو پاڪستان جي عوام سميت پوري دنيا کي نقصان ٿي رهيو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان جو روس جو دورو سندس حڪومت وڃڻ جو سبب هجي ها ته اسان اڄ اسان جو موقف ان جنگ بابت ٻيو هجي ها، روس يوڪرين معاملي تي پاڪستان ڪالهه به غيرجانبدار هو ۽ اڄ به آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ خوراڪ جو عدم تحفظ اسان لاءِ وڏو مسئلو آهي، يوڪرين جي جنگ کان اڳ پاڪستان يوڪرين کان ڀاڻ، ڪڻڪ ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪندو هو. ان جنگ جي ڪري اسان کي وڌيڪ غذائي عدم تحفظ جو خطرو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڌرين وچ ۾ هن تڪرار کي سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته هي جنگ جلد ختم ٿئي، مهانگائي جي صورت ۾ ان جنگ جو پاڪستان جي عوام سميت پوري دنيا کي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪ – ايران گئس پائيپ لائين جو بنياد آصف علي زرداري رکيو هو. اسان پابندين کي نظر ۾ رکندي هن منصوبي ۾ مثبت اڳڀرائي چاهيون ٿا. هن منصوبي جي فريم ورڪ ۾ اڳڀرائي چاهيون ٿا، پاڪ ايران لاڳاپن ۾ تمام گهڻي گنجائش موجود آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو زرعي زمينن تي هائوسنگ سوسائٽين جي خلاف آهي، اسان پنهنجي زرعي نظام کي صحيح هلائينداسين ته پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ کان علاوه دنيا کي به کارائي سگهون ٿا.
اسين سمجهون ٿا اها حقيقت آهي ته يوڪرين – روس جنگ جي ڪري ڪافي معاملا متاثر ٿيا آهن، پر ڇا پاڪستان ۾ خوراڪ جي مئنجمينٽ بهتر نموني ٿي سگهي، ڇا هيستائين ڪنهن به حڪومت ملڪ ۾ ٿيندڙ خوراڪ جي ذخيرا اندوزي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا جديد زراعت وسيلي گهٽ محنت سان وڌيڪ خوراڪ اپائڻ لاءِ ڪي رٿائون شروع ڪيون ويون آهن. تنهن کان سواءِ خوراڪ جون ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ کان پوءِ ڪڏهن اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪڻڪ ٻاهر موڪلي وڃي. ڪابه حڪومت جڏهن پرڏيهه مان مهانگي انگ تي ڪڻڪ گهرائي ٿي ته ان جي قيمت عوام کي به ادا ڪرڻي پوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي مهانگو اٽو خريد ڪرڻو پوندو آهي، تنهنڪري انهن سڀني ڳالهين کي ذهن رکڻ گهرجي. ڇا حڪومت وٽ امڪاني خوراڪ جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا اهڙي رٿابندي آهي، جنهن سان عوام کي بک نه ماري سگهجي ۽ ان جي خوراڪ جون سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button