ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ميٽاورس – I

Editorial-Article- Kareem Channa

سڀ کان اول ته عام رائج اصطلاح ورچوئل ريئلٽي Virtual reality کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ ته هي اصطلاح ميٽاورس Metaverse واري اصطلاح سان سلهاڙيل آهي ۽ هن کي سمجهڻ کانسواءِ شايد ميٽاورس کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي.
ورچوئل ريئلٽي:
ورچوئل ريئلٽي هڪ مصنوعي/نقلي تجربو آهي جيڪو حقيقي دنيا جهڙو به ٿي سگهي ٿو ته ان کان مڪمل مٽ به ٿي سگهي ٿو. ورچوئل ريئلٽي جا استعمال وندر (خاص ڪري وڊيو گيم)، تعليم (جينءَ طبي يا فوجي سکيا) ۽ ڪاروبار (جينءَ ورچوئل گڏجاڻيون) تي مشتمل آهن. ورچوئل ريئلٽي ٽيڪنالاجيءَ جا ٻيا نرالا مثال واڌو حقيقت ۽ ملاوٽي حقيقت (توسيعي حقيقت) تي مشتمل آهن، جن کي اڳتي هلي بيان ڪبو.
هينئر معياري ورچوئل ريئلٽي سرشتا حقيقي تصويرن، آوازن ۽ ٻين جذباتي موادن کي پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻ منصوباتي ماحول استعمال ڪن ٿا جيڪي ورچوئل ماحول ۾ ڪنهن صارف جي جسماني موجودگيءَ کي تحرڪ ڏين ٿا. ورچوئل حقيقت واري اوزار کي استعمال ڪندڙ هڪ شخص مصنوعي دنيا کي ڏسڻ لائق ٿئي ٿو، ان جي اندر ٻاهر هلي ٿو، ۽ ورچوئل عنصرن يا شين سان رابطي ۾ اچي ٿو.
بڻ بنياد Etymology:
لفظ virtual جي معنيٰ چوڏهين صديءَ جي وچ ڌاران کان “ڪنهن شيءِ جو اثر يا جوهر ۾ هئڻ، جيتوڻيڪ سچ ۾ يا حقيقت ۾ نه به هجي” ورتي ويندي رهي آهي. 1959ع کان اصطلاح virtual جو ڪمپيوٽر جي معنيٰ ۾ “جسماني طور وجود نه رکندڙ پر سافٽ ويئر جي مدد سان ظاهر ڪيو ويندڙ” ورتو ويندو رهيو آهي.
فرانس جي ڊرامانگار ائنٽوئن ارتاد Antoin Artaud 1938ع ۾ ٿيٽر ۾ ڪردارن ۽ شين جي خيالي لاڙي کي بيان ڪيو. هن ناٽڪ جو جڏهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو ته ان ۾virtual reality اصطلاح جو سڀ کان پهريون استعمال ٿيو. ان سان لاڳاپيل هڪ ٻيو اصطلاح artificial reality (AR) سال 1970ع کان استعمال ۾ آهي جيڪو Myron Krueger کان جوڙيو ويو هو. اصطلاح virtual reality پهريون ڀيرو Judas Mandala سائنسي افساني ۾ 1982ع ۾ Damien Broderick کان استعمال ٿيو هو. جڏهن ته جديد ميڊيا ۾ انتهائي وڌيل استعمال طور تي هي اصطلاح Jaron Lanier کان استعمال ٿيو هو.
ميٽاورس ڇا آهي؟
ميٽاورس Metaverse جو اصطلاح ڪنهن به مخصوص ٽيڪنالاجي جو حوالو نه ٿو ڏئي. ان بدران هي اصطلاح هڪ ڪشادي وهڪري کي بيان ڪري ٿو ته اسان هن تيز اڀرندڙ دنيا ۾ ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي ڪيئن رابطو ڪيون ٿا ۽ لھه وچڙ ۾ اچون ٿا. اهو مڪمل طور ممڪن آهي ته ميٽاورس پاڻ به نيٺ ائين ئي متروڪ ٿي ويندي جيئن ڪڏهن ڪا عام ٿيل مخصوص ٽيڪنالاجي هئي.
کليل نموني چئجي ته اهي هنر ۽ حرفتون جيڪي ميٽاورس ۾ سمائجن ٿيون اها مجازي حقيقت virtual reality (VR) به سموئي سگهي ٿي ته وڌايل حقيقت augmented reality (AR) پڻ اچي وڃي ٿي. وڌايل حقيقت عددي digital ۽ جسماني/طبي physical دنيائن جي خصوصيتن کي گڏائي ٿي، پوءِ به اهو ضروري ناهي ته انهن دنيائن جون خالي جايون VR يا AR کان ئي مڪمل طور ڀريون وڃن.
سادن لفظن ۾ ته ميٽاورس 3D (Three Dimensions) ورچوئل دنيائن جي ڄار network آهي جنهن جو مدار سماجي رابطي تي آهي ۽ ان جي وصف ائين پيش ڪري سگهجي ٿي ته: “هڪ مصنوعي عددي ماحول جيڪو وڌايل حقيقت AR، ورچوئل ريئلٽي VR ۽ بلاڪ چين blockchain (بلاڪ چين ڄاڻ محفوظ ڪرڻ جو اهڙو طريقو آهي جيڪو ان کي تبديل ڪرڻ، هئڪ ڪرڻ (hack) يا ان سرشتي کي ڌوڪو ڏيڻ ڏکيو يا لڳ ڀڳ ناممڪن بڻائي ڇڏي ٿو) کي ڊجيٽل ميڊيا جي نظرين سان گڏجي شاهوڪار استعمال ڪندڙن لاءِ ورچوئل دنيا ۾ خالي جايون پيدا ڪري ٿو.
ڌيان جي وڌندڙ گهرجن سبب ميٽاورس اڪثر ڪري ترقي ڪندڙ ورچوئل ريئلٽي واري ٽيڪنالاجيءَ سان جڙيل آهي. ميٽاورس ۾ هاڻوڪي ترقي Web3 جي اثر سبب ٿي آهي، (نوٽ: Web3 هڪ اهڙي انٽرنيٽ آهي جنهن ۾ فيسبوڪ يا گوگل جهڙين ڪمپنين جون خدمتون استعمال ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي نجي معلومات ڏيڻ جي ضرورت ناهي هوندي. هيءَ ويب، بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت کان سگهاري ڪئي وڃي ٿي.) هي انٽرنيٽ جو لامرڪزيت ورجاءَ وارو نظريو آهي. ويب ٿري Web3 ۽ ميٽاورس مختلف لاڳاپيل ٽيڪنالاجين ۽ منصوبن جي واڌاري ترقيءَ کي پکيڙڻ لاءِ بَزورڊس buzzwords طور استعمال ٿيندي آهي. ڄاڻ جو راز، صارف جو عادي هجڻ، ۽ صارف جو تحفظ ئي ميٽاورس اندر اهم معاملا آهن، ان سان گڏ سوشل ميڊيا کي لاڳاپيل مسئلن ۽ وڊيو گيم ڪمپنين جي مسئلن کي بند ٻڌڻ وارا مجموعي مسئلا پڻ شامل آهن.
بڻ بنياد Etymology:
ميٽاورس جو اصطلاح 1992ع ۾ ناول Snow Crash ۾ meta ۽ universe جي لفظ منجهان هڪ حصو کڻي ڪتب آندو ويو هو. ميٽاورس هڪ portmanteau لفظ آهي. اصل ۾ portmanteau لفظ “لفظن جي حصن جو مجموعو” هوندو آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي لفظن جا حصا هڪ نئين لفظ ۾ گڏيل هوندا آهن، جهڙوڪ smog جيڪو اصل ۾ smoke ۽ fog جي ملاوٽ سان جڙيل آهي، اهڙو ٻيو مثال motel آهي جيڪو motor ۽ hotel لفظن مان جڙيل آهي. لسانيات ۾ portmanteau هڪ اڪائي وارو لفظ آهي جيڪو تجزئي موجب ٻه يا وڌيڪ اڪائين جو جڙيل آهي.
ائين به چيو ويندو آهي ته هڪ portmanteau لفظ مخفف short form جيان هوندو آهي پر مخفف اهڙن لفظن مان جڙيل هوندو آهي جيڪي پاڻ ۾ ترتيب سان ظاهر ٿين ٿا، جڏهن ته portmanteau ٻه يا ٻن کان وڌيڪ موجود لفظن مان جڙندو آهي جيڪي سمورا لفظ هڪ واحد نظرئي سان تعلق رکندا آهن. هڪ portmanteau لفظ مرڪب لفظ کان به مختلف هوندو آهي جيڪي ڳنڍيل لفظن جي حصن جي ڪٽ سٽ ۾ شامل نه هوندا آهن. مثال طور starfish هڪ مرڪب لفظ آهي، اهو portmanteau لفظ شمار نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته star ۽ fish ٻئي مڪمل لفظ آهن. جيڪڏهن اهو stish يا starsh سڏجي ها ته پوءِ اهو هڪ portmanteau لفظ شمار ٿئي ها.
ميٽاورس ورچوئل ريئلٽي کي متعارف ڪرائي ويئرائبلز wearables تي سلهاڙيل ڪيترا ئي شعبا تبديل ڪرڻ جي سگھه رکي ٿي. (نوٽ: wearable technology يا wearables برقي اوزارن جو شعبو آهي جنهن ۾ شين کي ڪپڙن طور پهري به سگهجي ٿو ته جسم تي ٽئٽو پڻ لڳايا وڃن ٿا.) اهي ويئرايبلز صارفن (خريدارن/استعمال ڪندڙن) کي سندن گهرن اندران متبادل مجازي دنيا سان متعارف ڪرائينديون. ماڻهو وڏا سفر طئي ڪرڻ کانسواءِ، گدلي هوا ۾ ساھه کڻڻ کانسواءِ يا مختلف پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ ڪپڙا پهرڻ کانسواءِ هڪ ٻئي سان رابطا ڪري سگهندا، ٻار به گهر ويٺي مختلف موضوع ۽ نمونن واريون شيون پڙهي سگهندا ۽ هاڻوڪي ميسر ٿيل روايتي نصاب کان گهڻو وڌيڪ علم ۽ ڄاڻ پرائي سگهندا.
ڪم کانپوءِ واريون مصروفيتون جهڙوڪ فلم ڏسڻ يا سنگت سان سماجي رابطن کي به حقيقي دنيا Real World واري وٺ سٺ کانسواءِ مجازي دنيا Virtual World ۾ الڳ ئي متبادل هوندا. سادن لفظن ۾ ته ميٽاورس وسيلي ممڪنات اڻکٽ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button