ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌي ادب جو آئيندو: تنقيدي ادب

Editorial-Article- Mubark Lashari

سنڌ ادب ۾ تنقيد جي جڏهن به ڳالهه نڪرندي ته لسانياتي تنقيد جو حصو ان ڪري به ضروري هوندو ته ٻولي بنا ادب ايئن آهي جيئن جسم بنا روح. پاڻ گذريل ليک ۾ سنڌي ادب ۾ لسانياتي تنقيد تي لکي آيا آهيون. سنڌ ادب جي تنقيد جي آئيندي جي حوالي سان لسانيات جو جائزو ان ڪري به ضروري هو ته پوسٽ ماڊرن تنقيد جا تقريبن سمورا زاويا لسانيات جي رستن تان ضرور لنگهن ٿا. جتان کان تنقيدي ادب پنهنجي بحث کي اڳتي وڌائي ٿو، جهڙوڪ شعر ۾ وزن بحر، قافيا رديف، علم عروض، ماترائون، موسيقي وغيره جا سمورا لوازمات بنيادي طور ٻوليءَ مان اخذ ڪيا ويندا آهن. ان ڪري لسانيات، ٻولي ۽ ادب تنقيد جا بنياد آهن. ٻيون به ڪيتريون ئي تجريدي ۽ جامد حقيقتون آهن جيڪي لسانياتي مطالعي کانسواءِ واضح نٿيون ٿي سگهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيدي ادب جي شروعات جيتوڻيڪ ڪويراج شيکر جي لکڻين سان ٿي جيڪو نائين ۽ ڏهين صدي عيسويءَ جو عرصو هو جيڪو ترقي ڪري پوسٽ ماڊرن تنقيد تائين پهتو آهي. مجموعي طور تي تنقيدي حوالي سان ٽي وڏا دور يا لاڙا اسان کي ملن ٿا. پهريون دور نائين صديءَ کان وٺي انگريزن جي دور تائين جو آهي جنهن ۾ گهڻو ڪردار ادبي اخبارن يا رسالن جو آهي جنهن ۾ قسطوار لکڻيون ڇپجنديون هيون جهڙوڪ “سنڌ”، “اديبِ سنڌ”، “مهراڻ” وغيره هئا. جيتوڻيڪ انهن رسالن تنقيدي ادب کي بنياد فراهم ڪيا جيڪي اڳتي هلي ٻين رسالن جهڙوڪ “هندو”، “سنڌڙي”، “الوحيد”، “هندو سنسار” ۽ “اديب سنڌ” جهڙيون اخبارن يا رسالن جو زينت بڻيا، جن ۾ ڪافي قسطوار تنقيدي سلسلا به هليا ۽ شاعريءَ کان ويندي نثري ادب تي تنقيدون ٿيون. جيتوڻيڪ انهي عرصي دوران ڪجهه تنقيدي ڪتاب به ڇپيا آهن پر اهو دور انتهائي بنيادي سطح جو هو جنهن ۾ ڪي به وڏا تنقيدي بحث يا زاويا نه جڙي سگهيا، نڪي ڪي وڏي تنقيدي نالا سامهون آيا. ٿلهي ليکي جيڪي اهم نالا انهي دور ۾ تنقيدي حوالي سان منظر تي رهيا، انهن ۾ ڪويراج شيکر، مخدوم ابوالحسن، محمد ابراهيم خليل ٺٽوي، سيد ثابت علي شاهه، ڀڳواني ٻائي، آغا صوفي، شيوارام لالا، جهامنداس ڀاٽيا، لکميچند ڪاڪا، ڀيرومل مهرچند، گُلي ڪرپلاڻي، محمد صديق ميمڻ، پروفيسر لعل سنگهه اجواڻي، فتح محمد سيوهاڻي، ديوان ڏيارام گدومل، رام پنجواڻي، ڄيٺمل پرسرام، وغيره جهڙا نقاد موجود رهيا آهن، جن پاڻ ملهايو آهي.
هن دور ۾ تنقيد کي گهڻي ڀاڱي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو هو، انهن لاڙن کي اصولي تنقيد ٻيو عملي تنقيد چيو ويندو هو. اصولي تنقيد کي بنيادي علمي اصولن تحت ادب کي ڏسڻ هوندو هو جهڙوڪ ادب ڇا آهي، ادب جو مقصد ڇا آهي جُز ڪهڙا آهن، اهڙي قسم جون ڳالهيون سمجهايون وينديون هيون. جڏهن ته عملي تنقيد ڪنهن شاعر يا اديب جي لکڻين تي تنقيد ڪري ڪئي ويندي هئي، جيڪو طريقو اڄ به علمي ۽ عملي تنقيد طور ريفر ڪيو ويندو آهي.
ورهاڱي وقت گهڻو تنقيدي ادب مجموعي ادب جيان رڪجي ويو ۽ ان جا سمورا بنياد ئي لڙهي ويا. جيئن ته اشاعتي ادارا ۽ قلمڪار گهڻي ڀاڱي هندو هئا، جن جي لڏپلاڻ سبب سمورو وايو منڊل ئي تبديل ٿي ويو ته سموري ادب جيان تنقيدي ادب کي به ورهاڱي کانپوءِ نئين سر جوڙڻو پيو. ٻيو ته عالمي وايومنڊل تحت عالمي جنگيون، لڏپلاڻ، ٻن سپر پاورس جي ڪولڊ وار تحت جنهن قسم جي ادب کي هٿي وٺرائي وئي، ان ۾ ٻه وڏا لاڙا سامهون آيا جيڪي ترقي پسند ادب ۽ رجعت پسند ادب طور ڄاتا ويا. انهن ٻني لاڙن تنقيدي ادب کي هڪڙي طرح سان تمام گهڻو سهارو ڏنو، ٻي پاسي هڪڙو وڏو پاسو رهجي ويو. جهڙوڪ انهي ورهاست ادب تخليق ڪندڙ يا ادب تي ڳالهائيندڙن کي گهڻي ڀاڱي محدود ڪري ڇڏيو جيڪي يا ته ترقي پسند ادب جي ڳالهه ڪن يا رجعت پرست ادب جي ڳالهه ڪن يا ادب براءِ زندگي يا ادب براءِ ادب جي دائرن ۾ ئي محدود رهيا پر ان جي وچ ۾ ٿيندڙن ٻين ڪيترن ئي لقائن کان پري رهيا، جهڙوڪ ويهين صديءَ جي شروعات کان ٻين عالمي جنگ تائين وڏي جديديت High Modernism جو دور هو، جنهن تحت وجودي ادب، اسٽريم آف ڪانشسنيس، هيئت ۾ تجربا، سرريئلزم، ڊاڊازم، نيچرلزم، فيوچرزم، ريئلزم، فڪري طور آزادي جا تجربا جهڙا ادبي لاڙا وجود رکندڙ هئا. انهن لاڙن تحت تخليقي ادب ته لکيو ويو پر ان تي تنقيدي ادب گهٽ ملي ٿو. ساڳئي ريت ٻي عالمي جنگ کان وٺي ايڪويهين صدي تائين پوسٽ ماڊرنزم جو دور ڳڻيو وڃي ٿو جنهن ۾ بيٺڪيت پڄاڻان ادب ۽ تنقيدنگاري، نئين تنقيدنگاري، هيئت پسندي، ميجڪ ريئلزم، ساختيات، ساختيات پڄاڻان، تحليل النفسي، نئين تاريخيت، بلئڪ هيومر جهڙا ڪيئي لاڙا سموري دنيا ۾ موجود رهيا آهن پر اهي سنڌيءَ ۾ تنقيدي ادب جو حصو نه ٿي سگهيا آهن، جهڙوڪ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ يا ته اهي نقاد هئا جيڪي پرو ترقي پسند هئا يا اهي نقاد هئا جيڪي ترقي پسند ادب جا مخالف هئا وچ ۾ خالص متن تي تنقيد ڪندڙ يا خالص ادب جي هيئت تي تنقيد ڪندڙ جهڙوڪ هئا ئي ڪونه ۽ جيڪڏهن هئا ته اهي خاموش هئا. جڏهن ته مٿي ذڪر ڪيل تنقيدي نظرين، زاوين ۽ لاڙن وارو تنقيدي ادب هندستان ۾ ڇپجندڙ سنڌي تنقيدي ادب ۾ ججهي تعداد ۾ موجود رهيو آهي. اڄ به جيڪڏهن تحقيق ڪري ڏسجي ته هندستان ۾ سنڌي ادبي تنقيد ۾ عالمي سطح جا سورا لاڙا تجزين يا عملي تنقيد جي صورت ۾ وجود رکن ٿا. جڏهن ته اسان وٽ ايڪويهين صدي کان پوءِ گذريل هڪ ڏهاڪي دوران ٿورو گهڻو سنجيده خالص تنقيدي ادب جو تخليق ٿيڻ شروع ٿيو آهي. گهڻن ئي موضوعن تي اسان وٽ اڄ به کوٽ آهي. تنقيدي ادب لاءِ تخليقي ادب جو وڏو ڪينوس گهرجي، جتي دنيا ۾ سماجن جي اٿل پٿل کي گهرائي سان تخليقي ادب ۾ لکجي پر اسان وٽ تنقيد جي کوٽ سبب تخليقي ادب ۾ به ڪيمپس ناول، محبت جي شاعري، وڏيري خلاف واويلا، يا ظلم خلاف لکڻ جهڙا موضوع آهن پر سماجي طور تي اهي موضوع به سنڌ جي سرحدن وٽ دنگ ڪن ٿا. ٻئي پاسي اسان وٽ عالمي جنگ جو انگريزن جي دور دوران وايو منڊل موجود رهيو آهي، انگريزن جو سڌو سنئون 100 ساله بيٺڪيتي دور رهيو، سرسبز مهراڻ جي وادي جو اڪيلو جيئدان سنڌو دريا جو سوڪهڙو، صديءَ جي سڀ کان وڏي لڏپلاڻ، سنڌي هندن جو نڪرڻ ۽ ڌارين جو سنڌ تي اچي قابض ٿيڻ ۽ عالمي طرح سنڌ جي ڌرتي ۽ ثقافت خلاف سازشن جو تخليقي طرح اهڙو طاقتور ڊسڪورس اڃا نه جڙي سگهيو آهي جنهن جو هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ادبي تنقيدنگاري محدود رهي آهي ۽ ان تنقيدنگاري خلاف وڏن اديبن جي واويلا ادبي تنقيد کي اڃا سوڙهو ڪري رکيو آهي ۽ ڪير به تنقيد زاوين کي اٿلائڻ پٿلائڻ جو جوکم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، نتيجي طور تخليقي ادب جو ميدان به محدود رهيو آهي. ان جي بيشڪ سماجي، سياسي ۽ معاشي پاسا به رهيا آهن پر مجموعي طرح سنڌي تنقيدي ادب کي جيستائين لسانيات سان ڳنڍي جوڳي جاءِ نه ڏني ويندي ۽ وڏا پروجيڪٽ کڻي وڏن تنقيدي لاڙن کي مختلف بنيادن تي هٿي نه وٺرائي وئي ته تخليقي ادب به تنقيدي ادب جيان اسري نه سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button