پاڪستان جي معيشت هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف اڳيان محتاج بڻي بيٺي آهي. پاڪستان جي هاڻوڪي حڪومت آءِ ايم ايف کان قرض جي اڳين قسط وٺڻ لاءِ هر شرط تسليم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تيار آهي. ان حد تائين جو بجيٽ پيش ڪرڻ کان پوءِ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اڃان ڪجهه ٻيا عذاب موجود آهن، جيڪي عوام جو انتظار ڪري رهيا آهن. ان ۾ ته ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو نه هجڻ گهرجي ته هيءَ حڪومت تيل جي اگهن ۾ اضافو ڪندي. ان جو اظهار ملڪ جو معاشي وزير بار بار ڪري چڪو آهي. اسان جي ملڪ ۾ سرڪار جي راند به عجيب آهي. هڪ ڀيرو ڪنهن خدشي جو اعلان ڪرڻ بعد حڪومت ان تي عمل ڪرڻ پنهنجو حق سمجهندي آهي ۽ پڇا ڪرڻ تي چوندي آهي ته اسان اڳواٽ ئي ان جو اعلان ڪيو هو ته ائين ٿيندو! ڇا ڪنهن اظهار يا اعلان سان ڪنهن کي اهو حق پهچي ٿو ته هو عوام کي عذاب ۾ وجهي ۽ ملڪ کي مصيبت ۾ مبتلا ڪري؟ پر اسان جا حڪمران سدائين اهو باور ڪرائيندا رهيا آهن ته انهن کي حق آهي ته هو ڪجهه به ڪن ۽ جيڪڏهن انهن کان پڇا به ڪئي وئي ته انهن هي ڇو ڪيو يا انهن هو ڇا ڪيو؟ ته ان عمل کي هو پنهنجي انتهائي توهين سمجهندا آهن. باقي ڪوٺرائڻ ۾ ته هو ملڪ جا وڏا وفادار ۽ خادم پاڪستان آهن. جڏهن ته قومي خزانا خالي ڪري پنهنجا خانداني اثاثا ٺاهڻ جو عمل انهن کي ڪنهن به اعتراض کان بلند محسوس ٿيندو آهي. هو نالي ۾ پاڪستان جي خدمت ڪندا آهن ۽ اصل ۾ پاڪستان جو ڏيوالو ڪڍڻ ۾ انهن ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي.
پاڪستان هن مهل جنهن معاشي موڙ تان گذري رهيو آهي، ان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ان جو جوابدار ڪير آهي؟ ڇا ان باري ۾ ڪا به ملڪي سطح تي ڪو به وضاحت پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟ جنهن به پارٽيءَ جي سربراهه کان پڇا ڪئي وڃي ٿي ته هو اهو ئي چوي ٿو ته هن تباهيءَ جو ڪارڻ هو نه پر هن جو سياسي مخالف آهي ۽ ساڳي طرح هن جي سياسي مخالف جو به ساڳيو موقف آهي. عوام کي ان سلسلي ۾ ايترو ته حيران ۽ پريشان ڪيو ويو آهي جو هاڻي ماڻهن اهو پڇڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي ته انهن کي ان سلسلي ۾ سچائي ٻڌائي وڃي. ڇو ته عوام هاڻي سمجهي ويو آهي ته هي سڀ هڪ جهڙا آهن. اهي جڏهن اپوزيشن يعني مخالف ڌر جي صورت ۾ موجود هوندا آهن ته اهي آءِ ايم ايف جي باري ۾ ٻيو موقف پيش ڪندا آهن. ان مهل هي ملڪ کي آءِ ايم ايف جي ڄار مان آجو ڪرائڻ جا اعلان ڪندا آهن پر جڏهن اهي پاڻ اقتدار ۾ ايندا آهن ته انهن وٽ به ساڳيو ئي رستو هوندو آهي، جنهن رستي تي هلي هو آءِ ايم ايف جي درٻار ۾ پهچندا آهن ۽ آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون تسليم ڪري ملڪ ۾ قرض جو ناڻو آڻيندا آهن ۽ اهو ناڻو هو عوام جي گهٽ ۽ پنهنجي مفاد ۾ وڌيڪ استعمال ڪندا آهن. اهڙي طرح انهن کي اقتداري سياست مان جيڪو اقتصادي فائدو ملندو آهي، ان جي ڪري ئي هو سياست ڪندا آهن ۽ ان سياست ۾ هو ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾ هوندا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته پاڪستان جا سياستدان ڪرپشن جي ڪري جيل ۾ ته ڇا پر ڪنهن به ويل جو شڪار به نه ٿيا آهن. انهن کي سدائين اقتداري ريل جا جهوٽا مليا آهن. هن مهل به هو عمران خان جي مخالفت ڪري آءِ ايم ايف جي آڏو گوڏا کوڙي ويٺا آهن. انهن کي هر حال ۾ مال گهرجي.
پاڪستان جي لاءِ اهو معاملو پريشانيءَ جو باعث هجڻ گهرجي ته جهڙي طرح هن مهل آءِ ايم ايف پنهنجا شرط زوريءَ ۽ زبردستيءَ حڪومت کان تسليم ڪرائي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ جڏهن معاملو عالمي ميڊيا تائين پهچي ٿو ته پوءِ خطري جون گهنٽيون پنهنجو پاڻ وڄڻ گهرجن. پر اسان ان سلسلي ۾ هن مهل تائين اها پريشاني محسوس نه ڪئي آهي، جيڪا هڪ خوددار ملڪ جي عوام کي محسوس ڪرڻ گهرجي. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته آخر اهو معاملو ايستائين ڪيئن پهتو جو اسان جا حڪمران آءِ ايم ايف جي سلسلي ۾ عالمي ميڊيا کي پنهنجو موقف ڏيڻ جي لاءِ مجبور آهن ۽ ان کان به تمام بري صورتحال اها آهي ته هڪ مالياتي ادارو يعني آءِ ايم ايف پاڻ کي ايترو ته معتبر سمجهڻ لڳو آهي جو هاڻي هو پاڪستان کان پنهنجا شرط مڃائڻ جي لاءِ عالمي ميڊيا ۾ پنهنجو موقف پيش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته دنيا جو ڪو به ادارو اخلاقي طور تي اهو حق نه ٿو رکي ته هو ڪنهن قرض کڻڻ واري ماڻهوءَ جي باري ۾ پنهنجيون شرطون پوري دنيا جي سامهون رکي. اهو ته ڪنهن ملڪ کي نه صرف بدنام ڪرڻ پر هن کي انتهائي حد تائين بليڪ ميل به ڪرڻ آهي ۽ ان معاملي تي پاڪستان کي جنهن قسم جو اعتراض ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي هيءَ حڪومت ته ان سلسلي ۾ سوچي به نه ٿي سگهي. جيڪڏهن اوهان کان پڇا به ڪندا ته هو اوهان جي آڏو ملڪ جون معاشي مجبوريون ڳڻائڻ شروع ڪندا. جڏهن ته ملڪ جي سلسلي ۾ اسان جي حڪمرانن کي ان قسم جي پاليسي اختيار نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هي ملڪ جي وجود جو سوال آهي. جيڪڏهن عالمي مالياتي ادارا پاڪستان کي ان طرح سان خوار ڪرڻ لڳا ته پوءِ اسان جي ملڪي وقار جو حشر ڪهڙو ٿيندو؟ اسان کي ان باري ۾ فڪرمند ٿيڻ گهرجي.
آءِ ايم ايف اسان جي لاءِ هڪ اهڙو حڪيم ٿي ويو آهي، جنهن جي باري ۾ اردوءَ ٻوليءَ جي عظيم شاعر مير تقي مير لکيو هو ته:
“مير ڪيا ساده هين، بيمار هوئي جس ڪي ليي
اسي عطار ڪي لونڊي سي دوا ليتي هين”
پاڪستان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ هن مهل تائين آءِ ايم ايف کان قرض وٺي ترقي نه ڪئي آهي. ترقي ڪڏهن به قرض وٺي نه ڪئي ويندي آهي. ترقيءَ جي لاءِ پنهنجن پيرن تي بيهڻ لازمي هوندو آهي ۽ دنيا ۾ ڪڏهن به هڪ وياج خور اداري جي مفاد ۾اهو نه هوندو ته هن کان قرض کڻندڙ پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي، هن جي خواهش اها هوندي ته هو هن جي آڏو مجبور هجي ۽ هميشه هڪ محتاج وانگر هن جي شرط تسليم ڪندو رهي. هن مهل به جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ان سلسلي ۾ ان مقصد جي حوالي سان ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف جي اها مرضي ناهي ته پاڪستان پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف اهو چاهيندو هجي ها ته هو پاڪستان کي اهڙي ڄار ۾ ڇو ڦاسائي ها جو پاڪستان هر ڀيري هن جو اڳين ڀيري کان وڌيڪ عادي ٿي وڃي ٿو ۽ هر ڀيري هن تي وڌيڪ شرطن جو بار رکي، هن جي وجود کي تمام گهڻو ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن ڀيري به آءِ ايم ايف جا جيڪي به شرط آهن، انهن تي غور ڪبو ته پاڪستان پهريان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مجبور ۽ محڪوم نظر ايندو. هن اداري بظاهر پاڪستان جو ڀلو ڪندي پاڪستان جي اهڙي حالت ڪئي آهي، جنهن سان پاڪستان لاءِ شديد ترين خطرا پيدا ٿي ويا آهن. هن مهل اسان جي حالت اها آهي جو اسان جا حڪمران اسان کي ٻڌائين ٿا ته سريلنڪا ڪهڙي طرح ان حالت تي پهتو جو هن جو داخلي نظام بغاوت جي صورت اختيار ڪري ويو. اسان کي سريلنڪا جهڙي صورتحال کان خوفزده ڪرڻ بدران اسان جي حڪمرانن کي گهرجي ته هو پاڻ کي ان جو خوف ڏيارين. ڇو ته بک ۽ بدحالي جڏهن هڪ حد کان مٿي چڙهي ويندي آهي، تڏهن ان صورت ۾ عوامي بغاوت جنم وٺندي آهي. اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته جڏهن عوامي بغاوت کي ڪو به فڪر نه هوندو آهي ۽ اها بغاوت ڪنهن نظرياتي طرف ۾ نه هلندي آهي ته ان جا شعلا ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. ڇا پاڪستان جا حڪمران اهو چاهين ٿا ته عوام انهن جي خلاف به ائين اٿي ۽ هو به ملڪ کان ڀڄي نڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڏسي نه سگهن؟ جيڪڏهن پاڪستان جا حڪمران ان جي لاءِ تيار آهن ته پوءِ ڇا انهن کي حڪمراني ڪرڻ جو حق به ملڻ گهرجي؟
پاڪستان هن مهل پنهنجي تاريخ جي تمام نازڪ موڙ تان گذري رهيو آهي. ڇو ته پاڪستان جي باري ۾ جيڪي خدشا بيان ڪيا وڃن ٿا، اهي جيڪڏهن مڪمل نه سهي پر نامڪمل به پاڪستان جي مٿان اچي ڪرندا ته هي ملڪ تمام وڏي تباهيءَ ۾ اچي ويندو. اسان کي اهو به معلوم آهي ته پاڪستان ۾ غلط قسم جي اقتصادي صورتحال سبب اهڙو ماحول پيدا ٿي ويو آهي جو ملڪ سان محبت ۽ ملڪ جي لاءِ قرباني ڏيڻ جا تصور تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن. ملڪ ۾ هڪ طرح جي موقعي پرستيءَ جنم ورتو آهي ۽ ان جو ڪارڻ اسان جا حڪمران آهن. ڇو ته پوري دنيا ۾ اهو ڪجهه ٿيو آهي ته عوام سدائين پنهنجن سياسي اڳواڻن جي نقالي ڪئي آهي. اسان تاريخ ۾ صرف جهاتي پائي اها ڳالهه سمجهي سگهون ٿا ته جڏهن به جنهن به ملڪ جو حڪمران ملڪ جي سلسلي ۾ محب وطنيءَ جو مثال قائم ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌندو آهي ته پوري قوم ۾ حب الوطنيءَ جو جذبو سرشار ٿي ويندو آهي ۽ ان جي ابتڙ جڏهن به ڪنهن ملڪ جو حڪمران ملڪ کي پنهنجن مفادن تان قربان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ان ملڪ جو عوام به پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ واري رستي تي اچي ويندو آهي. ان ڪري اسان سدائين اهو ڏٺو آهي ته ملڪن جا دانشور ۽ ڏاها ماڻهو اڳواڻن کي قرباني ڏئي بهتر مثال پيدا ڪرڻ تي زور ڀريندا آهن. ان جو سبب اهو هوندو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جا سياسي اڳواڻ ملڪ سان محبت جو عملي نمونو پيش ڪندا ته عوام به اهو ئي ڪجهه ڪندو ۽ جيڪڏهن حڪمران پاڻ ملڪ کي لٽيندا ته پوءِ عوام ملڪ جي باري ۾ حب الوطني ڇو محسوس ڪندو؟