شوبز

عامر لياقت حياتي ۾ چئي ويو تھ ملڪيت دانيا جي آهي: والدا

پاڪستان جي مشهور ٽي وي ميزبان عامر لياقت جي ٽين زال دانيا ملڪ جي امڙ چيو آهي تھ عامر لياقت حياتي ۾ چئي ويو تھ ملڪ دانيا جي آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ دانيا عامر جي بيوهه آهي، خلع واري درخواست تي عدالت ۾ ٻڌڻي بھ نھ ٿي هئي، ڇوتھ اسان جائيداد جي نھ پر نڪاح ختم ڪرڻ جي درخواست عدالت ۾ ڏني، جنهن تي فيصلو اچڻ کان اڳ عامر لياقت فوت ٿي ويو، تنهنڪري دانيا ان جي بيوهه آهي. هن چيو تھ عامر لياقت جي ملڪيت نٿي کپي، اڄ بھ سندس بنگلن بدران پنهنجي گهر ۾ آهيون. هن چيو تھ حيات هوندي عامر لياقت چيو تھ اڳوڻين زالن ۽ ٻارن کي ملڪيت مان حصو ڏنو آهي، هاڻ باقي ملڪيت دانيا آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button