ڪنهن به ملڪ جون معاشي حالتون، سماجي حالتن ۾ تبديليءَ جو سبب بڻبيون آهن. سماجي رهڻي ڪهڻي ڪيئن هوندي، ان جو سڌو سنئون اثر معاشي حالتن وسيلي پوندو آهي. سماجي حالتن ۾ توازن تڏهن پيدا ٿيندو آهي، جڏهن معاشي حالتن ۾ توازن هوندو آهي. هاڻوڪي حڪومت جهڙي ريت عوام مٿان مهانگائيءَ جون ڇپون ڪيرائي رهي آهي، ان مان ائين ٿو لڳي ته سماجي طور اسان جي چرپر، اٿڻي ويهڻي ۽ اچ وڃ صفا محدود ٿي ويندي. پاڪستان جو عوام هڪ پاسي مهانگائيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي ته ٻئي پاسي بيروزگاري آهي، جنهن ۾ به ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي.
آءِ ايم ايف جي قرض تي ڀاڙيندڙ پاڪستان جهڙو ملڪ، پنهنجن معاشي ۽ سياسي فيصلن ۾ ڪنهن به ريت آزاد نٿو ٿي سگهي. اڳوڻي حڪومت ۾ جيڪي معاشي تباهيءَ جا انڊيڪٽر ملڪ ۾ نظر اچڻ شروع ٿيا هئا، انهن ۾ هاڻ تيزي اچي وئي آهي. اهو چيو ويو هاڻوڪي حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو گهڻا تجربيڪار آهن، تنهنڪري اهي ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍي وٺندا، ڊالر جي ڊوڙ رڪجي ويندي ۽ روپئي جو قدر وڌي ويندو پر ڏسندي ئي ڏسندي ڊالر 200 روپين کان به چڙهي ويو. پاڪستاني روپيو ايترو گهٽجي ويو آهي جو بنگلاديش جو ٽڪو به پاڪستان روپئي کان چڙهي ويو آهي.
ان ڪري ڪابه حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ماڻهن جي معاشي حالت جيڪا اڳ ئي تباهه حال لڳي پئي هئي، ان کي ويتر تباهه حال ڪرڻ ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت وسان ڪين گهٽايو آهي. پيٽرول جون وڌندڙ قيمتون عوام جي زندگيءَ ۾ جيڪي تبديليون آڻي رهيون آهن، اهي صفا خطرناڪ آهن. ملڪ جي معاشي ڍانچي کي ڏسجي ته هتي گهڻو طبقو اهڙو آهي، جيڪو نجي ڪاروبار يا وري نجي نوڪرين ۾ رڌل آهي. پرائيويٽ نوڪريون ڪندڙ ماڻهن جون پگهارون سرڪاري ملازمن وانگر ڪونه وڌنديون آهن، تنهنڪري هر بجيٽ کان پوءِ انهن تي معاشي بار وڌندو رهندو آهي.
ان کان به اهم مسئلو انهن عورتن لاءِ پيدا ٿي رهيو آهي، جيڪي پنهنجن گهرن جون واحد ڪمائيندڙ آهن، ڪٿي ڪا نوڪري ڪن ٿيون ۽ پنهنجي اچ وڃ لاءِ رڪشائن جا ڀاڙا ڀري آفيس کان گهر ۽ گهر کان آفيس وڃ ٿيون، جنهن جي ڪري اڌ کان وڌيڪ پگهار رڪشائن جي ڀاڙن ۾ لڳي ويندي آھي، جتي ھڪ پاسي 150 ۾ ويندا هئاسين، ھاڻي 250 ۾ رڪشا نٿو هلي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته معاشي طور هڪ عام ماڻهو ڪيترو ڀوڳي رهيو آهي. ان حقيقت کي اسان جي حڪمرانن کي قبول ڪرڻ گهرجي ته ملڪ کي قرض جي آڪسيجن وسيلي نٿو هلائي سگهجي بلڪه ان لاءِ ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻو پوندو. عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اشرافيه جي خرچن کي گهٽائڻو پوندو.
هڪ وزير، مشير ۽ ڪوبه سرڪاري ملازم ڪيترو پروٽوڪول رکي ٿو. انهن کي جيڪي مراعتون مليل آهن، ڇا اهي انهن کي گهٽائڻ لاءِ تيار آهن؟ انهن سڀني مراعتن جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي، جيڪو حڪومتي وزيرن تي خرچ ٿي رهيو آهي. ڪنهن به وزير جي چرپر وقت درجن کن گاڏين جو قافلو هوندو آهي. ان وقت جڏهن گاڏين جو پيٽرول سڙندو آهي ته اهو عوام جو رت ساڙيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي غيرضروري قسم جا پروٽوڪول عوام لاءِ پريشانيءَ جو سبب ٿين ٿا.
ملڪ جو سماجي ڍانچو به اهڙي قسم جو آهي، جو عام ماڻهوءَ تي معاشي بار گهڻو آهي. هتي هر ماڻهو پبلڪ ٽرانسپورٽ بدران پنهنجي گاڏيءَ کي ترجيح ڏئي ٿو. ان جو هڪ سبب وڏن وڏن شهرن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نه هجڻ آهي. فقط حيدرآباد شهر جو ئي مثال وٺجي ته هتي پبلڪ ٽرانسپورٽ نظر ڪانه ايندي، بس سوزڪيون يا وڌ ۾ وڌ فورسيٽر آهن. تنهنڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ وسيلي به عوام جي کيسي تي پوندڙ بار کي گهٽائي سگهجي ٿو.
پر ڳالھه رڳي پيٽرول جي ناهي، پيٽرول جي وڌيل اگهه کي رڳو پيٽرول جو وڌيل اگهه نه سمجهڻ گهرجي، پر ان سان استعمال جون سڀ شيون وڌي وينديون آهن. اٽي کان وٺي دال چانور تائين هر شيءِ جا اگهه آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن. اسين پنهنجي اچ وڃ محدود ڪري سگهون ٿا پر کائڻ پيئڻ کان سواءِ نٿا رهي سگهون.
ان کان سواءِ هر گهر ۾ ڪو ڀاتي بيمار هوندو آهي، ان جي دوائن تي به گهڻو خرچ اچي ويندو آهي، لڳ ڀڳ ڪمائيءَ جو 40 – 50 سيڪڙُو ته دوائن ۾ هليو ٿو وڃي، تنهن کان سواءِ ٻارن جي اسڪولن جا خرچ الڳ آهن، ڇا محدود آمدنيءَ ۾ اسين نارمل زندگي گذاري سگهون ٿا؟ اڳ ته دال ماني کائي گذارو ٿي ويندو هو پر هاڻ ته اسين دال ماني کائڻ کان به وياسين. مڊل ڪلاس، لوئر مڊل ڪلاس ٿي ويو آهي. لوئر ڪلاس اڃا به ڏتڙجي ويو آهي. اهڙي حالت ۾ عوام ڪهڙي ريت گذارو ڪندو، ان جو اندازو حڪمرانن کي ڪونهي پر انهن کي پنهنجون شاهه خرچيون برقرار رکڻيون آهن.
موجوده حڪومت جو چوڻ آهي ته پيٽرول جون قيمتون ان ڪري وڌايون پيون وڃن جو اڳوڻي حڪومت زوري پيٽرول جون قيمتون گهٽائي، هنن لاءِ پريشانيون پيدا ڪيون. پهرين اهو چيو ويو ته پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ سان ڊالر جو اگهه ڪونه وڌندو پر ڊالر به حڪومتي ڪنٽرول کان نڪري ويو آهي. ان کان پوءِ چيو ويو ته جيڪڏهن پيٽرول جا اگهه نه وڌايون ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. پر گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 80 روپين تائين پيٽرول جا اگهه وڌائي جيڪو عوام جو ڏيوالو ڪڍيو ويو آهي، ان جو حساب ڪتاب حڪمران ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. جيڪڏهن هاڻوڪي کي اها خبر هئي ته ان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا ته بهتر هو اها حڪومت جون واڳون نه سنڀالي ها. جيڪو بار اڳوڻي حڪومت کي کڻڻو هو، اهو هاڻوڪي حڪومت کڻي رهي آهي ۽ عوام ۾ پنهنجي ساک پڻ وڃائي رهي آهي.
پيٽرول جا اگهه سڌي ريت اسان جي زندگيءَ جي هر معاملي کي متاثر ڪري رهيا آهن. مسواڙ تي رهندڙ ماڻهو يا اهي جيڪي مسواڙ تي نٿا رهن، انهن لاِءِ به معاشي مسئلا وڌي رهيا آهن، جنهن جي ڪري عوام مايوس نظر اچي رهيو آهي. لڳي ائين ٿو ته ايندڙ وقت ۾ به حڪمران عوام دشمن فيصلا ڪري عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪندي رهندا ۽ عوام مزاحمت ڪرڻ بدران پنهنجن گاڏين جون ٽانڪيون ڀرائيندو رهندو.