ڪووڊ جي ٻن ٽن سالن جي عرصي انساني زندگي جي گھڻن شعبن ۾ نه رڳو تبديلي آندي آهي پر ساڳي وقت اهو سوال به پنهنجي جا تي آهي ته ان کانپو زندگي ڪهڙي ۽ ڪيئن هوندي ۽ انسانن جي ورتا ۽ قدرن ۾ ڪهڙي تبديلي ايندي. ترڪي جي ناول نگار ايلف شفق پنهنجي نان فڪشن How to Stay Sane in an Age of Division ۾ ان ڳالهه جو جائزو ورتو آهي. سندس چوڻ آهي ته ماڻهو اهو سمجھي ويٺو هو ته هزارين سالن جي ارتقا کيس هر سوال جو جواب ڏيئي ڇڏيو آهي. سندس ڊڪشنري ۾ سڀني شين جو حل موجود آهيِ. سندس زندگي هڪ طئي شده واٽ تي هلي ٿي. پر ڪووڊ هڪ واچوڙي جيان ان سڄي ڊڪشنري جي پنن کي هيٺ مٿي ڪري ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ريت کيس گھڻن سوالن جا جواب وري ڳولهڻا پوندا.
هن پنهنجي ڪتاب جي شروعات استنبول ۾ پنهنجي پهرين رات سان ڪئي آهي. سندس رهائش اهڙي علائقي ۾ هجي ٿي جتي کدڙا وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. هو دري مان ڏسي ٿي ته هڪ کدڙو شايد ڪنهن سان جھيڙي ياِ پنهنجي ڪنهن دوست سان ناراض هئڻ ڪري پنهنجي ليکي ڳالهائيندي ۽ رڙيون ڪندي سندس دري هيٺان گذري ٿو. هو چاهيندي به ساڻس ڪجھه ڳالهائي نه ٿي سگھي. پر سندس اڪيلائي ۽ درد کي هو اڃا به محسوس ڪري ٿي. سندس چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڪهاڻين جي شروعات اهڙن ماڻهن کان ڪندي آهي جيڪي زندگي جي مک ڌارا جو حصو نه پر ڪنڊ ۾ پيل اڪيلا ۽ غير اهم هوندا آهن. هو پنهنجو مثال ڏيندي ٻڌائي ٿي ته هو جڏهين استنبول ۾ اسڪول داخل ٿي ته سندس لا اهو بلڪل نئون ماحول هو ۽ ٻيو اهم مسئلو ساڻس اهو هو ته هو کاٻي هٿ سان لکندي هئي جنهن کي ترڪي ۾ چڱو نه ٿي سمجھيو ويو. ڪلاس ٽيچر گھڻا حيلا هلايا پر هو ساڄي هٿ سان نه پئي لکي سگھي. ڪلاس ۾ هڪ ٻي ڇوڪري سان به اهو مسئلو هو پر هن جلد ان کي حل ڪري ورتو جڏهين ته کانئس اهو حل نه پيو ٿئي ۽ ان جي ڪري ڪلاس ۾ سندس ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي هئي.
هو ٻڌائي ٿي ته ان وبا جي هلندي لندن، جتي سندس مستقل رهائش آهي، جي مختلف پارڪن ۾ اچي رنگ جا بينر لڳل هئا جن ۾ ماڻهن کان اهو پڇيو ويو هو ته ان وبا جي ختم ٿيڻ کانپو اوهان ڪهڙو سماج چاهيو ٿا. مختلف ماڻهن پاران ان جا مختلف جواب ڏنا ويا هئا پر هڪ خاص جواب کيس پاڻ ڏانهن متوجهھ ڪيو. ان ۾ چيل هو ته اسان چاهيون ٿا ته اسان کي ٻڌو وڃي. اهو نه رڳو انفرادي پر هڪ اجتماعي مسئلو آهي. عام ماڻهن وٽ ٻڌائڻ لا گھڻو ڪجھه آهي پر کين ڪو ٻڌڻ وارو ۽ انهن جي داد رسي ڪرڻ وارو ڪونهيِ. انهن جي زندگي جون ڪهاڻيون قصا ڄڻ ڪير ٻڌڻ لا تيار ئي ناهي. اهو نه رڳو دنيا جي انهن ملڪن جتي شخصي ۽ آمرانه حڪومتون آهن جو مسئلو آهي ته اتان جي ماڻهن جو ملڪ جي پاليسين ۽ فيصلن ۾ ڪو ڪردار ناهي پر اهي ملڪ جيڪي پنهنجي جمهوري نظام ۽ روايتن لا ڄاتا وڃن ٿا انهن جي پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي معاملن ۽ فيصلن ۾ سندن ڪو ڪردار ناهي. ساڳي وقت اهو سوال پڻ اهم آهي ته جن جي سماج ۾ اهميت آهي ۽ جن جي فيصلو ڪندڙن وٽ ٻڌي وڃي ٿي ڇا اهي ٻين جي ٻڌن ٿا. ڇاڪاڻ ته ٻڌڻ پڻ اهڙي ريت ئي اهم آهي جيئن ڳالهائڻ. ٻڌڻ سان ماڻهو جي تربيت ٿئي ٿي ۽ هو سکي ٿو.
نئين صورتحال گھڻن نفسياتي مسئلن کي پيدا ڪيو آهي. هڪ پاسي نئين ٽيڪنالوجي جي گھٽ ڄاڻ ۽ وڌيڪ ڄاڻ رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ پيدا ٿيل فرق، ڪارپوريشنن جو ماڻهن جي زندگي تي ضابطو، ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۽ امير ۽ غريب ۾ پيدا ٿيل فرق ماڻهن ۾ هڪ مايوسي ۽ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي جڏهين ته ٻئي پاسي ماڻهن جي حڪمرانن جي ووٽ لا ڪيل واعدن کي پورو نه ڪرڻ ۽ مختلف شين جي ڪمپنين جو ماڻهن سان اهو ڪوڙ ڳالهائڻ ته سندن لا صارف ئي سڀڪجھه آهي نظام مان ماڻهن جي اعتماد کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جڏهين ٻار پنهنجي ما پي کي ان ڪيفيت ۾ ڏسن ٿا ته اهي پاڻ ان ڪيفيت ۾ وٺجي وڃن ٿا. ان صورتحال جو ڪو حل نه نڪري سگھيو آهي. ماڻهو اهڙي چائنٺ تي بيٺل آهي جتي هو هڪ پاسي ته پراڻي نظام کان خوش ناهي ته ٻئي پاسي نئون نظام به سندس مسئلا حل نه ٿو ڪري سگھي. هو هڪ غيريقيني ڪيفيت ۾ ورتل آهي انتونيو گرامچي اهڙي ڪيفيت کي گھڻين بيمارين جو ڪارڻ قرار ڏنو آهي. اهڙي عدم تحفظ ۽ غير يقيني واري صورتحال ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي لا تحفظ ۽ سلامتي هڪ اجتماع ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ان جو ڪارڻ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جيڪو ان کي قوم پرستي ۽ مذهبي انتها پسندي ۾ ملي ٿو.
ان صورتحال ۾ سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ڪميونيڪيشن جي انقلاب جنهن مان اها توقع هئي ته ان وسيلي مختلف خيال سامهون ايندا ۽ ماڻهن ۾ هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ اختلاف کي سهڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي. پر ائين ناهي ٿيو. سوشل ميڊيا ان صورتحال ۾ اڃا شدت پيدا ڪئي آهي. هڪ ته اهي گھڻو ڪري ڳالهين جو ورجا ڪن ٿا ۽ هڪ لحاظ کان انتها پسندي وارن جذبن جي توثيق ۽ انهن کي اڃا مضبوط ڪن ٿا ۽ ماڻهو کي يقين ڏيارين ٿا ته اهي جيڪي سوچين ٿا اهو ئي سچ آهي.
ساڳي ريت معاشي ۽ سماجي بحران جي ان صورتحال ۾ جتي بيروزگاري، بک ۽ صحت جا مسئلا هجن اتي فڪر ۽ پريشاني ڄڻ ته هڪ وچڙندڙ بيماري ٿي پيئي آهي جنهن مان ڪو به آجو ڪونهي. ماڻهو ڄڻ سڄو درد آهي جنهن تي هڪ کل چڙهيل آهي. ايستائين ته جڏهين ٻار پنهنجي ما پي کي پريشان ڏسن ٿا ته اهي پاڻ ان ڪيفيت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ڪاوڙ ماڻهو جي طبيعت جو حصو ٿي پيئي آهي. ماڻهو ۾ لاتعلقي واري عادت پختي ٿي ويئي آهي. لاتعلقي هڪ لحاظ کان ڄڻ ته فڪر پريشاني ۽ ڪاوڙ وغيره جهڙين سڀني عادتن جو مجموعو آهي.
هن دنيا ۾ مختلف خيالن، عادتن ۽ عقيدن وغيره جا ماڻهو رهن ٿا. سندس چوڻ آهي ته هو پيرس ۾ پيدا ٿي، گھڻو وقت ٻين ملڪن ۾ گذاريائين ۽ ترڪي ۾ سندس ٿورو وقت ئي گذريو. پر ماڻهو کانئس اڪثر اهو سوال ڪندا آهن ته سندس تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي. کين پنهنجو سڄو پسمنظر ٻڌائڻ جي باوجود ته هو مختلف ملڪن ۾ رهي آهي ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائي ٿي ۽ هن وقت لنڊن ۾ مستقل رهائش پذير آهي اهي ان ڳالهه تي مصر هوندا آهن ته اوهان جي لهجي مان ئي اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اوهان جو تعلق ترڪي سان آهي. اهو ٺيڪ آهي ته ترڪي منهنجو ملڪ آهي پر اها منهنجي گھڻين سڃاڻپن مان رڳو هڪ سڃاڻپ آهي. اها صورتحال رڳو مون سان ناهي جنهن مختلف ملڪن ۽ ثقافتن جو تجربو ڪيو آهي پر اها انهن ماڻهن سان به آهي جن کي اهڙو ڪو تجربو ناهي. اهو پسمنظر کين ٻين ملڪن ۽ ثقافتن جي ماڻهن سان ملڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
اڄ جي دنيا جو مسئلو اهو آهي ته معلومات تمام گھڻي آهي. علم ان کان گھٽ ۽ عقل دانش ان کان به گھٽ آهي. برلن ديوار جي ڊهڻ ۽ مصر ۾ فيس بڪ ۽ اسرائيل ۾ لائيڪ جي مقبوليت اهو تاثر پيدا ڪيو هو ته سوشل ميڊيا وسيلي ماڻهن کي متحرڪ ڪري تبديليون آڻي سگھجن ٿيون پر هاڻي اها ڳالهه غلط ثابت ٿي چڪي آهي. گھڻي معلوماتِ ۽ غلط معلومات ماڻهو کي رڳو انگن اکرن ۾ ڦاسائي ٿي ۽ هو صحيح نتيجن تي نه ٿو پهچي سگھي. بهتر ڳالهه اها آهي ته ماڻهو ڪتاب پڙهي، ڪهاڻيون ۽ قصا پڙهي ته جيئن منجھس هڪ احساس پيدا ٿئي ۽ ماڻهن جي ڏک سور کي محسوس ڪري ۽ انهن سان هڪ تعلق جوڙي سگھي.
انهن مسئلن کان ڪو ملڪ آجو ڪونهي ۽ نه ئي اهو انهن کي اڪيلو حل ڪري سگھي ٿو ساڳي وقت اهو تصور ڪرڻ به غلط آهي ته انسان سياسي ۽ معاشي حوالي سان ارتقا جا جيڪي ڏاڪا طئي ڪري آيو آهي ان کان پوئتي نه ٿو وڃي سگھي. پوئتي هٽڻ ۽ جمهوري عمل کان پاسيري ٿيڻ جا امڪان پڻ موجود آهن. ان سلسلي ۾ گھڻي مايوسي جيتوڻيڪ هاڃيڪار ٿئي ٿي پر هڪ حد تائين مايوسي ماڻهو جي لا نوان چئلينج کڻي اچي ٿي ۽ هو ان کي تخليقي طور منهن ڏيئي سگھي ٿو.