پاڪستاني اداڪارا شهزين راحت پنهنجي بيماري بابت ٻڌائيندي روئي ڏنو آهي. ميڊيا مطابق شهزين راحت جي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي آهي، جنهن اها پنهنجي زندگي جون پريشانيون ۽ ڪيفيت بيان ڪري رهي آهي. شهزين راحت ٻڌايو تھ دوستو، اوهان نٿا ڄاڻو تھ ڪهڙو ماڻهو ڪيڏي وڏي تڪليف مان گذري پيو، تنهنڪري ماڻهن سان همدردي ڪيو، دنيا ۾ محبت ۽ برداشت سان زندگي آسان ٿيندي. هن چيو تھ مون کي خبر آهي تھ ذهني ڇڪتاڻ وڏو عذاب آهي ۽ مون ڪيئن ان کي منهن ڏنو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close