ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جيئي سنڌ محاذ: سچ ۽ ساڃاهه جي سرھاڻ

Editorial-Article-Zameer Chakrani

ڪنهن به ساڻيھه جي سندرتا، سک، سلامتي، ترقي ۽ سجاڳئ، ساک ۽ سڳنڌ سرھاڻ جو اهڃاڻ، مرڪز ۽ محور ان سماج ۽ سمي جي صحيح انقلابي سياست ھوندي آهي. سماجي زندگيءَ جي ٻين سمورن شعبن جي بھتري لاءِ بھتر حڪومتي انتظامي ڍانچو يا نظام ھوندو آهي ۽ بھتر انتظامي ڍانچي يا نظام جي سڃاڻپ سياست هوندي آهي,
اھوئي بنيادي سبب ھو جو رھبر سنڌ سائٔين جي ايم سيد فڪري ۽ عملي لحاظ کان اوليت ۽ ترجيح سياست جي شعبي کي ئٔي ڏني ۽ آخري دم تائٔين سياست جي پٿريلي سرزمين جي سورائٔتي سفر جو ساکي رھندو آيو.
سائٔين جي ايم سيد وڏن ۽ طويل تجربن، مشاهدن ۽ اڀياسن بعد سنڌ جي تاريخي محرڪ تقاضائن موجب ھڪ جماعت “جيئٔي سنڌ محاذ” جو بنياد ١٨ جون ١٩٧٢ع تي پنهنجي جاءِ حيدر منزل ڪراچيءَ تي وڌو ھو. ان جو پھريون صدر کيس ۽ جنرل سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي صاحب مقرر ٿيو ۽ پوري حياتي ان ئٔي جماعت کي قائم دائٔم رکيائٔين.
جيئٔي سنڌ محاذ جي بنياد برپا ٿيڻ جو اھو تاريخي عمل سنڌ جي سياسي تاريخ جو نھايت اھم واقعو ۽ ڪارنامو ھو. جنهن سنڌ جي صداقت ڀري سياست تي نھايت گھرا، واضح ۽ مثبت اثر وڌا.
ويٺو پُڇِين پَرُ، ڪَر ڪا ھنئارَ ھلَڻَ جي؛
اَڄُ، آديسِي! مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀُڪو
ان وقتائتي پڪار سڏ پڙاڏي پٽاندر پروقار پرهه پسڻ واسطي پڪن پختن پانڌيئٔڙن جو پر پيچ پنڌ جاري ساري رھيو ۽ وقت جي تاريخ جي سڄاڻ سچار ۽ سورھيه سٿ جون پڪارون پڳ پڳ ۽ پڊ پڊ پھتيون.
ڏيھي پرڏيھي حالتن جي بدل سدل اٿل پٿل جا تيز طوفان اٿيا، زماني جي ذھنن ۾ زبردست زلزلا آيا. چڱا ڀلا ذھين ۽ زيرڪ وايون بتال ڪري ڪي ورچي ويٺا، ڪن وڦلي واٽون ۽ ويچار مٽايا. خير نيٺ دؤر بدليو. وقت وھاميو جھڙ ۽ لڙ جھڪا ٿيا. ماحول ۽ منظر ڪٿ گھٽ ته ڪٿ وڌ بدلبا رھيا. انهن سيد جي نظرياتي ننگ موچاري نانٔءُ ۽ فڪري ڇانؤ ۾ جيئي سنڌ محاذ جو سندس وصال پرملال پڄاڻان نئٔين سر تخليقي تعميري ۽ تنقيدي جائٔزو ورتو ويو. وڏي بحث ۽ ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ڪي نوان رخ نوان لاڙا ۽ نيون حڪمت عمليون، اوليتون ۽ ترجيحون اختيار ڪرڻ جا وقتائٔتا فيصلا ٿيا. پوءِ ڪو وقت وائٔڙي وڦل ۽ واويلا ٿي تعريف ۽ تنقيد، حمايت ۽ مخالفت، اقرار ۽ انڪار محبت ۽ نفرت ھاڪار ۽ ناڪار جا معرڪا ۽ ممڻ متا جيڪي فطري طور ٿيڻا ھئٔا. وائٔڙي وڦل ۽ واويلا جو شڪار ٿيل ساٿي مخالفت بدران دشمني جھڙن روين جو مظاھرو ڪرڻ لڳا، حملا ٿيا، ھلائٔون ٿيون، تشدد ٿيا، بينر ۽ پوسٽر ڦاٽا، جلسا ۽ پروگرام فٽائڻ جون سازشون ۽ عمل ٿيا. ان ڪارنامن جا مظاھرا اڳ ۾ به ٿيندا رھيا ٿي پر ھاڻ به ساڳين نام نھاد انقلابي عنايتون تيھان تيز ٿيون پر پوءِ به سرت ساڃاهه ۽ سچ جا ساٿي پنهنجي پرت جو پنڌ جاري ساري رکندا آيا.
محترم عبدالخالق جوڻيجي، سندس سڄاڻ ۽ سچار سنجيده ساٿين گڏجي ويھي غور فڪر ڪري ڪجهه نقطا ۽ نيون ڳالهيون بدليل عالمي حالتن جي تقاضائن ۽ تناظر ۾ اختيار ڪيون. جن تي ڪجهه وقت گذرڻ سان وقت صداقتن جي مھر ثبت ڪئٔي. ارتقا جي اصول پٽاندر بدليل حالتن بدليل، وقت ۽ تاريخ جي تقاضائن موجب جيڪو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي سٿ کي تدبر ۽ تحرڪ کي نٿو بدلائٔي سو راهه جي رڻ ۽ رڃ ۾ رلجي رھجي ويندو پر اھو شرط لازمي عائٔد ٿئٔي ٿو ته اھي تدبر ۽ تحرڪ تبديليون ۽ تحريڪون ترقي پسند ۽ عين تاريخي تقاضائن پٽاندر ھجن. جيئٔي سنڌ محاذ پنهنجي سياسي فڪري ۽ تنظيمي جوھر ۾ ڪجهه انفرادتين ۽ اوليتن جي اظهار جو امين رھندو پئٔي آيو آهي.
جن مان ڪن جو اختصار هيئن اظهارجي ٿو.
*جيئي سنڌ محاذ پنهنجي مقصد جي حصول خاطر گڏيل قومن جي عالمي ادارن عالمي انقلابي اڳواڻن ۽ مفڪرن جي فلسفي ۽ حڪمت عملين جي روشني ۾ حق خوداراديت جي فلسفي کي پنهنجي حڪمت عملين جي اھم نقطي طور واضح ڪري اختيار ڪيو، حق خوداراديت جي وضاحت لاءِ عبدالخالق جوڻيجي جو مختصر مگر جامع ڪتاب “سنڌ ۽ قومي حق خوداراديت” جي نالي سان پارٽي پاران شايع ڪيو ويو. ان کان سواءِ مختلف شھرن ۽ پريس ڪلبن ۾ سمينار پريس ڪانفرسون ڪوٺايون ويون. جلسا جلوس ۽ حق خوداراديت جي بينرن، پوسٽرن ۽ عنوانن سان ريليون ڪڍيون ويون. وقت به وقت ان موضوع بابت مضمون سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا ۽ شايع ڪرايا ويا.
*سائٔين جي ايم سيد پاران سيڪيولرزم بابت ڏنل موقف سندس ڪتابن ۽ جماعت جي آئٔين جي ڪاپين ۾ ويڙهيو سيڙھيو مدفون پيو ھو، اڄوڪي سياسي سماجي حالتن ۾ سيد جو ڏنل موقف ۽ پيغام ڌنڌلو ۽ اڻ لکو ٿي ويل ھو. ان کي عملي ۽ فڪري صورت ۾ نھايت سچيتائٔي ۽ صداقت سان عوام آڏو آندو ويو. مذهبي ۽ نسلي امتيازن خلاف فڪري سياسي عملي تحرڪ ۽ تحفظ جا واضح وقتائٔتا موقف ۽ عمل اختيار ڪيا ويا. انهن ۾ خاص طور رنڪل ڪماريءَ جي المياتي واقعي وقت جيئٔي سنڌ محاذ پاران عيد جي خوشي ڀرپور نه ملھائٔڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جيئٔي سنڌ محاذ چئئرمين عبدالخالق جوڻيجو عين عيد جي ڏينهن اتر سنڌ جي دوري وقت متاثر خاندان ۽ سندن عزيزن ۽ ھمدردن سان اظهار يڪجھتي ۽ ھمدردي لاءِ ويل ھو ۽ ميڊيا ۾ ان واقعي توڙي ٻين اھڙن واقعن جي بد اثرن ۽ ھاڃين خلاف احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا. مضمون ۽ مذمتي بيان شايع ڪرايا ويا
*جيئي سنڌ محاذ پنهنجي الڳ ۽ واضح تنظيمي سڃاڻپ جي علامت ۽ نشاني لاءِ نئون ۽ نرالو جھنڊو جيجل سنڌ جي وڻندڙ ۽ دلربا نقشي سان متعارف ڪرايو.
*جيئي سنڌ محاذ نام نھاد مذهبي انتھاپسندن توڙي نسل پرستن سنڌ دشمن جاگيردارن ۽ ڪھڙي به رنگ روپ ۽ ڇانؤ ۾ لڪيل۔ توڙي پڌرن دھشتگردن کان پنهنجو پاڻ کي الڳ ٿلڳ رکندو پئٔي آيو آهي ۽ ڪنهن به منافقي ۽ مصلحت پسنديَءَ جو شڪار نه رھيو آهي.
*جيئٔي سنڌ محاذ سنڌ ۾ ڪثير تعداد ۾ آباد اردو ڳالھائيندڙ آبادي لاءِ عالمي اصولن ۽ معيارن موجب چٽو ۽ واضح صداقت ڀريو موقف رکندي ۽ ان جو ھر ھنڌ ھر فورم تي تقرير، تحرير، جلسن جلوسن، پريسن توڙي عام ميڙن ۾ تاريخي تقاضائن ۾ موجب موقف رکندو پئٔي آيو آهي.
*جيئي سنڌ محاذ بلوچستان سرائئڪستان، پختونخواهه ۽ پنجاب جي سامراج مخالف سيڪيولر عوام دوست امن پسند ترقي پسند ۽ وطن دوست قوتن ڌرين فردن ۽ دانشورن سان مثبت مانائٔتا ڀائراڻا ۽ دوستاڻا تعلق ۽ تعاون باشعور باضمير ۽ بااصول بنياد تي قائٔم رکندو پئٔي آيو آهي.
*جيئٔي سنڌ محاذ ۾ تنظيمي جمهوري عمل جي نظام ۽ رجحان جو تسلسل بحال ۽ برقرار رھندو پئٔي آيو آهي. سواءِ ڪن وقتي بحرانن ۽ اڻٽر سببن جي.
*سائٔين جي ايم جي فڪر ڪردار ۽ جھدوجد تي وائڙي بي بنياد بھتان بازي، عقل ۽ دليل کان عاري الزام تراشيءَ جو بروقت بااصول ۽ مدلل جرتمنداڻو جواب ڏيڻ جو عمل ادا ڪندو پئٔي آيو آهي. سيد تي صحمند تنقيد جو پڻ لحاظ رکندو پئٔي آيو آهي. سيد جي قيصده خواني ۽ ثنا خوانيءَ کان ھٽي عقلي سائٔنسي ۽ تاريخي صداقتن سان سرشار مواد مھيا ڪندي سيد بابت عالمي معيارن تي آڌاريل عبدالخالق جوڻيجي جا لکيل ٻه ڪتاب “جي ايم سيد فڪر جھدوجد ۽ ڪردار”،”جي ايم سيد ۽ سنڌ جو مسقبل” جي نالن سان شايع ڪيا ويا. اردو ۽ انگريزي ۾ ڪتاب ۽ مضمون ان کانسواءِ شايع ڪيا ويا.

  • تنظيم ۾ جن جو نمايان ڪردار رھيو ھو. انهن مان ڪن جو حوالو ھت ڏجي ٿو. سائين عبدالمالڪ مھر اسٽيل مل جو ملازم سنڌي پورھيت سنگت جو مرڪزي اڳواڻ ۽ محاذ جو جھونو ۽ سنجيده اڳواڻ سائين احمد خان چانڊيو عرف ڪامريڊ مامون، محاذ جو مرڪزي اڳواڻ سائٔين شھيد نظر اوڳاھي، محاذ جو متحرڪ اڳواڻ اديب شاعر ۽ استاد سائٔين غلام محمد شاد ويسر ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر شاعر اديب سيڪريٽري ساس ٺري ميرواهه، سائين فقير محمد اعظم جروار واپڊا يونين جو اڳواڻ ۽ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ علامه علي مختيار رضوي سيد جو محبتي صحبتي اردو ڳالھائيندڙ دانشور ۽ محاذ جو سينيئٔر اڳواڻ، سأنئڻ سلطانا ھاليپوٽو سنڌي ناري تحريڪ جي مرڪزي صدر، سائين ڊاڪٽر صابر سيلرو محاذ جو سينيئٔر ورڪر، سائٔين شھيد ذڪري ميمڻ، ٽوڙھي ڦاٽڪ واقعي جو شھيد محاذ جو متحرڪ ۽ سڄاڻ اڳواڻ سائين وزير علي مگسي پرائٔمري اسڪول جو استاد محاذ جو نھايت متحرڪ اڳواڻ سائٔين اسدالله ابڙو محاذ جو سينيئٔر ۽ سنجيده ساٿي سائٔين ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ، محاذ جو مرڪزي اڳواڻ ۽ دانشور سائٔين غلام مطصفيٰ چانڊيو عرف ڪامريڊ ھاري جھونو ۽ باڪردار محاذ جو اڳواڻ سائٔين الطاف قادري پروفيسر، محاذ جو سينيئٔر اڳواڻ ۽ دانشور سائٔين بشير خان تنيو، چوٿين مارچ جو ھيرو محاذ جو سينيئٔر اڳواڻ اھڙا ڪيترائي مانائٔتا ڪردار ۽ نالا آهن.
    شال اسان جيجل سنڌ جي ڌيئن ۽ پٽن کي پنهنجي صلاحيتن سيبتائن سوچن ۽ سعين جي سگھه ڪنهن صحيح ۽ سنجيده سياسي جماعت کي ساٿ ڏئٔي سگھارو ڪري سنڌ ۾ حقيقي سک سلامتي امن ايڪتا رواداري آجپي ۽ حقيقي ترقيءَ کي حاصل ڪري، آزاد خودمختيار خوشحال ۽ پرامـن سنڌ بحال ۽ برقرار ۽ قائٔم دائٔم رکون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button